خوبصورتي ۾ نکار لا ويڪسنگ گهر ۾ به ڪري سگهجي ٿي

'سورنهن سينگار' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    خوبصورتي ۾ نکار لا ويڪسنگ گهر ۾ به ڪري سگهجي ٿي
    عورتون پنهنجي چهري ۽ جسم جي غير ضروري وارن کان نجات حاصل ڪرڻ لا اڪثر ويڪسنگ جو سهارو وٺنديون آهن ته جيئن چمڙي صاف سٿري نظر اچي ۽ ان جي خوبصورتي ۾ نکار پيدا ٿئي. پر ان لا بار بار بيوٽي پارلر ڏانهن وڃڻ ضروري نه آهي پر اوهان ويڪسنگ گهر ۾ به ڪري سگهو ٿيون. ٿريڊنگ کانپو ويڪسنگ عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول آهي ڇو ته ان سان وار جلدي ناهن ايندا پر اوهان بار بار پارلر ڏانهن چڪر لڳائڻ ۽ اتي پنهنجي واري جو انتظار ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بچڻ چاهيو ٿيو ته ويڪسنگ جو طريقو سکو، پاڻ ويڪسنگ ڪري سگهو ٿا. اهڙي اوهان جي پئسن جي بچت به ٿي ويندي. گهڻيون عورتون باقاعدگي سان ويڪسنگ ناهن ڪنديون پر عيد جي موقعي تي انهن کي ضرور خيال اچي ٿو ته جيئن انهن جو ميڪ اپ ۽ هار سينگار مڪمل محسوس ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڀيري ويڪسنگ جو طريقو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. ويڪسنگ جا ٻه طريقا آهن، ڪولڊ ويڪسنگ ۽ هاٽ ويڪسنگ.

    ڪولڊ ويڪسنگ ٻانهن، ڄنگهن ۽ هٿن تي ڪئي ويندي آهي جڏهن ته چهري تي هاٽ ويڪسنگ ضروري سمجهي ويندي آهي گهر ۾ ويڪسنگ ڪرڻ لا اوهان کي جن شين جي ضرورت پوندي اهي هيٺ ڏنل آهن.

    *ڪولڊ ويڪسنگ ڪريم، هاٽ ويڪسنگ ڪريم، واشنگ جيل، ٽالڪم پائوڊر، موئسچرائيزنگ ڪريم، جينز جا ٽڪڙا يا ويڪسنگ اسٽرپس، ويڪسنگ اسٽڪ يا مکڻ لڳائڻ واري ڇري، ويڪسنگ ڪنٽيز، ڌاڳو ۽ ٽوال.

    *ڪولڊ ويڪسنگ جو طريقو: جسم جي جن حصن تي ويڪسنگ ڪرڻي آهي ان کي واشنگ جيل سان چڱي طرح ڌوئي وٺو ته جيئن چمڙي تان چڪناهٽ ۽ پگهر صاف ٿي وڃي. ويڪسنگ کي ٿوري دير لا هيٽر يا مائيڪرو ويو ۾ رکي ڇڏيو ته جيئن ويڪس پگهرجي وڃي. هاڻي جتي ويڪس لڳائڻي هجي اتي سڀ کان پهريان ٽالڪم پائوڊر لڳايو ۽ پو وارن تي ويڪسنگ ڪريم لڳايو. چڱي طرح ان جو ليپ ڪريو، پر ڪريم جو تهه وڌيڪ ٿلهو نه هجڻ گهرجي. هاڻي جينز جو ٽڪرو کڻو يا ويڪسنگ اسٽرپ، ڪريم ليپ واري جڳهه تي ٿپڪي سان رکندا وڃو ۽ وارن جي مخالف سمت زور سان ڇڪيو. وار پٽجي ڪپڙي سان چنبڙجي ويندا پر جيڪي وار رهجي ويندا ان لا ٻيهر ويڪس نه ڪريو ڇو ته ان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. باقي رهيل وارن کي ٿريڊنگ جي مدد سان ڪڍي وٺو.

    هاٽ ويڪسنگ جو طريقو: هي طريقو چهري جي وارن کي ختم ڪرڻ لا اختيار ڪيو ويندو آهي. هاٽ ويڪس کي ويڪسنگ هيٽر يا مائيڪرو ويو ۾ رکو ته جيئن ويڪس پگهرجي وڃي پر اهو خيال ڪجو ته ڪريم وڌيڪ گرم نه ٿئي نه ته چمڙي سڙڻ جو خطرو رهندو آهي. بهتر ٿيندو ته پهريان ڪريم کي هٿ تي رکي ڏسو پو چهري تي لڳايو. اسٽڪ يا چمچي جي مدد سان گرم ويڪس کي سنهڙو تهه چهري جي گهربل جڳهه تي لڳايو. هن چهري تي ماسڪ وانگر چنبڙجي ويندو هاڻي ويڪسنگ اسٽرپ کي ڪريم لڳل حصي تي رکي ٿورو دٻايو ۽ تيزي سان ڇڪيو. هاٽ ويڪس اڪثر ڪري کاڄي، ڳلن ۽ Upper Lip يعني هيٺين چپ تي ڪئي ويندي آهي.

    احتياط اپا:

    * ويڪس ڪرڻ وقت اسڪن کي ڍرو نه ڇڏيو، ان کي ڇڪي رکو.

    *ڪنهن سٺي ڪمپني جي ويڪسنگ ڪريم خريد ڪيو ۽ ان تي لکيل هدايتن کي غور سان پڙهي ان تي عمل ڪيو.

    *ويڪسنگ ڪرڻ کانپو جيڪڏهن ڪجهه وار رهجي وڃن ته پو ٻيهر ويڪسنگ نه ڪريو ڇو ته ان سان چمڙي تي ريشنر پئجي ويندا آهن.

    * چهري جي چمڙي نازڪ هوندي اهي ان ڪري چهري تي ويڪسنگ ڪرڻ وقت احتياط کان ڪم وٺو. بهتر ٿيندو ته پهريان ڪنهن پروفيشنل سان ان جو طريقو ۽ ضروري هدايتون سکي وٺو.

    *ويڪسنگ کانپو موئچسرائزنگ ڪريم سان مساج ضرور ڪريو.

    *جلن جي صورت ۾ برف سان مساج ڪيو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو