خلائي دنيا تي انساني آبادڪاري ممڪن آهي يا نه؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2014۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    خلائي دنيا تي انساني آبادڪاري ممڪن آهي يا نه؟
    سنڌيڪارِ: راشد سومرو
    سائنسدانن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته خلا ۾ آبادڪاري انسان جي وس ۾ نه هوندي ڇو ته انسان جو خلا ۾ رهڻ گهڻي دير تائين ممڪن نه آهي. نيويارڪ ٽائيمز موجب انسان صدين کان خلائي دنيا کي فتح ڪرڻ چاهي ٿو. گذريل هڪ ڏهاڪي کان اها خواهش زور وٺندي پئي وڃي ۽ مريخ تي انساني آبادڪاري جي پلاننگ به ڪئي پئي وڃي پر ٻئي طرف سائنسدانن اهو به امڪان ظاهر ڪيو آهي ته خلا ۾ آبادڪاري انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ موجب سائنسدان خلابازن کي چنڊ ۽ مريخ تي مشن لا موڪلڻ چاهين ٿا پر اهي خلا ۾ انهن خلابازن جي صحت بابت مسئلن جي حوالي سان فڪرمند آهن. اسان کي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته اسان هڪ اهڙي سياري تي رهون پيا جتي صرف 70 سيڪڙو پاڻي آهي، اسان جو جسم به تقريبن ايتري ئي يعني 70 سيڪڙو پاڻي سان ٺاهيل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪشش ثقل ٻڙي تي اچڻ بعد پاڻي جسم ۾ مٿان کان ايندو آهي، جنهن سان انساني کوپڙي تي پريشر وٺندو آهي. ماهرين اهو به چون پيا ته اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته جڏهن پنج سال پهريان سائسندان جن ۾ خلاباز به شامل هئا جڏهن عالمي خلائي اسٽيشن تي گهڻي دير گذاري(ترسي) آيا هئا ته انهن اکين جي نظر گهڻي ڪمزور ٿيندي محسوس ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪيل تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته انهن خلابازن جي اکين کي نقصان پهتو هو. جڏهن ته تحقيق مان اها به ڄاڻ ملي آهي ته خلا ۾ گهڻو وقت رهڻ سان ساڄي اک کي کاٻي اک جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان پهتو ۽ عورتن کان وڌيڪ مردن جون اکيون وڌيڪ متاثر ٿيون. ان کان اڳ ماضي ۾ خلا ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ سان انساني جسم ۾ موجود هڏين کي نقصان پهچڻ بابت شڪايتون وصول ٿيون هيون پر خلا ۾ ڪيترن ئي ٻين مسئلن کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو، جنهن ۾ کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ بابت شڪايتون شامل آهن پر ان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو تابڪاري سان منهن ڏيڻ آهي. جڏهن اسان زمين تي موجود هوندا آهيون ته اسان زمين جي ماحول ۽ زمين جي مقناطيسي ڪشش سبب محفوظ رهندا آهيون جيڪو خلا ۾ موجود نه آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    مهرباني ادا منصور نثار۔۔۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پر پوء به ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ۔۔۔ سائنس جي نون نون ايجادن سبب ٿي سگهي ته اڄ نه ئي سهي، سڀاني اها ڳالهه ممڪن بڻجي پوي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو