ابتدائي خواب جو ٽٽڻ ۽ زندگي جو روئڻ

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ خيرمحمد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2014۔

  1. خيرمحمد ميمڻ

    خيرمحمد ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    گجو
    چوندا آھن ته خواب ئي انسان کي زندگي ۾ مقصد فراھم ڪرڻ ۾ زياده اھميت رکندا آھن. جڏھن ھڪ خواب ۾ پاڻ کي ھڪ ڊاڪٽر يا انجنيئر يا ٻي ڪي زندگي جي نئي سفر تي کڻي ويندڙ شئي کي ڏسندو آھي ته اھو انسان ھڪ دم پنھنجي زندگي جي نئي سفر ھلڻ جي تياري ڪندو آھي. يعني ھو پنھنجي خواب کي پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي ويندو آھي. چوندا آھن ته ڏکين رستن تي ڏونگر به گھڻا ھوندا آھن. اڪيلو انسان انھن ڏونگرن کي منھن نٿو ڏئي سگھي، پر جڏھن ھن جا دوست ۽ ھن جي خاندان جا فرد جڏھن ھن جي ھمت افزائي لاءِ نڪرندا آھن ته سندس حوصلا بلند ٿي ويندا آھن ۽ ھو پنھنجي خواب کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيندو آھي ۽ پوءِ ھو زندگي جي ھڪ نئي سفر ۾ ھلندو آھي. ھن عنوان تي منھنجي زندگي سان گڏ روح به روئڻ لڳندو آھي. جڏھن ڪو شخص پنھنجي زندگي جو پھريون خواب ڏسندو آھي ۽ جڏھن ھو انھي خواب کي حقيقتائڻ لاءِ پنھنجو اھو خواب پنھنجي دوستن ۽ خاندان جي فردن کي ٻڌائيندو آھي يقينن ھن جي خاندان جا فرد ھن جي ھر وس آھر مدد ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا آھن پر ساڳئي خاندان ۾ ڪجھ اھڙا به فرد ھوندا آھن، جيڪي توھان جي ان خواب کي چڪنا چٰۡوۡر ڪرڻ جو سبب بڻبا آھن، پر ڪڏھن ڪڏھن ته ھو فرد توھان جي خواب کي ماڻھن جي وچ ۾ گوليون ھڻندا آھن ۽ جڏھن توھان پنھنجي خواب کي پنھنجين اکين اڳيان ۽ ماڻھن جي وچ ۾ مرندي ڏسندا آھيو ته توھان مٿان ھڪ اھڙو غم ۽ پريشاني طاري ٿي ويندي آھي، جنھن کي شايد آئون ته ڇا پر ڪو به اھو شخص جنھن جي زندگي ۾ اھو سڀ ڪجھ ٿي چڪو آھي اھو به بيان نٿو ڪري سگھي ۽ پوءِ ھن جي زندگي ھڪ سوچن جو تمام وسيع سمنڊ بڻجي ويندي آھي، جنھن ۾ سوالن جو پاڻي تمام گھڻو چڙھندو ويندو آھي ۽ نيٺ ته سمنڊ کي اٿلڻو آھي، ۽ جڏھن سمنڊ اٿلندو آھي ته وڏي سونامي ايندي آھي جيڪا زندگي کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آھي ۽ نيٺ سوالن جو پاڻي سوچن جي سمنڊ کي اٿلائي سونامي کي جنم ڏيندو آھي ۽ سونامي ۽ سونامي ان انسان جي زندگي کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي آھي. آخر ڇو ائين ٿيندو آھي؟ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته زندگي کي سونامي تباھ ۽ برباد نه ڪري سگھندي آھي ۽ اھا زندگي انقلاب آڻيندڙ زندگي ھوندي آھي. اڄ اھو ڏينھن ياد پيو اچي جنھن ڏينھن منھنجي زندگي جي ابتدائي خواب کي سرِ عام گوليون ھنيون ويون ۽ اڄ انھي ڏينھن وانگر منھنجي زندگي روئي رھي آھي ۽ اڄ به انھي خواب جو لاشو کڻندو وڃان ٿو ڪنھن سمنڊ ڪناري من ڪو موجون ھن کي موٽ ڏين من ڪو ھو ھڪ سنسار ڏسي۔
    ليکڪ: خيرمحمد ميمڻ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو