ڀٽائي جي ٻوليءَ تي پي ايڇ ڊي – محمد علي پٺاڻ

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2014۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]

    نئين ڊي سي او عبدالرزاق قريشيءَ جي گرين سنگل کان پوءِ انور پيرزادو لاڙڪاڻه گزيٽيئر لکڻ لاءِ ساڳي جاءِ تي گوڏو ڀڃي ويهي رهيو… تقريبن اڍائي مهينا ڏينهن جا اٺ يا ڏهه ڪلاڪ ڪمپيوٽر تي ويهڻ، فون ذريعي ڊي سي او آفيس کان لاڙڪاڻي جا جاري وقت جا انگ اکر وٺڻ، سرشاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري مان سرڪاري ضمانت تي لاڙڪاڻي بابت ڇپيل ڪتاب کڻي اچڻ، انهن جو اڀياس ڪرڻ کانسواءِ انور جي ان عرصي ۾ سواءِ هڪ ٻه دفعا ڳوٺ جو چڪر ڏئي اچڻ جي ٻي ڪا به مشغولي نه رهي… ڪامريڊ سوڀو ۽ ٻيا دوست تن ڏينهن ۾ جيڪڏهن انور سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪندا هئا ته هو پنهنجي ان بيحد مصروفيت سبب ملڻ کان معذرت ڪندو هو. تڏهن اهي مجبور ٿي هن سان ايس ڊي ايم آفيس واري ان ڪمري ۾ اچي ملندا هئا، جتي انهن کي چانهه پاڻي پيئاري، ٿورو ٽائيم ڪچهري ڪري پوءِ انور ڏاڍي نهٺائي سان چوندو هو، ”جي دل ۾ نه ڪريو ته مونکي اجازت ڏيو ته مان هن گزيٽيئر واري ڪم کي اڳتي ڌڪيان…“ ائين پوءِ سڀ دوست هن جي ڪم واري هڻ وٺ جو اندازو لڳائي موڪلائي هليا ويندا هئا… هڪ ڏينهن اهڙي طرح انور ڪم ۾ جنبيل هو ته مون کيس ٻڌايو ته، ”ادل سومرو ڪنهن ڪم سانگي لاڙڪاڻي آيل آهي ۽ هڪ هوٽل ۾ رهيل آهي.“ ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ تان آڱريون کڻندي چيائين، ”ته هل ته هاڻي ئي هلي ادل سان ملون.“ مون چيو، ”ڇو؟“ ”تنهنجي پي ايڇ ڊي لاءِ. نه ته اهو دڳ اصلي ڪو نه وٺندين.“ ائين چئي انور اٿي کڙو ٿيو ۽ مون کي ساڻ ڪري ڪمري مان ٻاهر نڪتو.اسان رڪشا ۾ چڙهي هوٽل تي پهتاسين. ادل سومري چهڪندي ٻهڪندي آڌر ڀاءُ ڪيو. رسمي حالن احوالن کان پوءِ انور ادل کي چيو”محمد عليءَ کي اوهان پنهنجي گائيڊينس ۾ پي ايڇ ڊي ڪرايو. جنهن لاءِ مان اوهان کي خاص گذارش ڪريان ٿو.“ ادل چيو ”محمد عليءَ پي ايڇ ڊي ڪرڻ مون لاءِ به خوشيءَ جو باعث بڻبو. پر هاڻي يونيورسٽي انتظاميه ايڇ اي سي جي چوڻ تي سڀني سبجيڪٽس ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ نئون طريقئه ڪار متعارف ڪرائڻ واري آهي. جيڪو جيئن ئي انائونس ٿيو ته مان هن کي آگاهه ڪندس.“ ادل سومري سان اها پڪ پڪاڻي ڪري انور سان گڏ مان واپس سندس ڪمري ۾ آيس ته صوفا تي ٽيڪ ڏئي سگريٽ جو هڪ ڊگهو ڪش هڻي انور چيو”پي ايڇ ڊي جو تو وارو ڪم هاڻي لازمي ٿيندو. پر ان لاءِ تو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو ڪهڙو موضوع چونڊيو آهي؟“
    مون وراڻيو ”ڀٽائيءَ جي ٻولي.“

    ”واهه“ انور جي چهري تي هڪدم مرڪ جي چانڊاڻ ڦهلجي وئي، “اهو ته وسيع موضوع آهي. جنهن لاءِ توکي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. ”مان به محنت ڪري اهو مقام حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ سنڌ جي اڪثر محقق وانگر الهو ٻلهو ڪري رڳو پگهار ۾ انڪريمينٽس جي واڌاري لاءِ ان ميدان ۾ پير پائڻ نه ٿو چاهيان.“ ”سٺو. جيڪڏهن تو وٽ اهڙو جذبو آهي ته يقينن تون ڪامياب ٿيند ين…“ ساڳي ڏينهن تي رات جي ماني کڻي انور وٽ آيس ته ڪمپيوٽر تان اکيون هٽائي حڪم ڏيڻ واري انداز ۾ چيائين، ”پين پنو کڻ.“ مون پين ۽ پنو هٿ ۾ ڪيا ته چيائين، ”تنهنجي پي ايڇ ڊي جي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ واري لاءِ موضوع لاءِ مون وٽ به ڪجهه آئيڊياز آهن. جيڪي نوٽ ڪري وٺ.“
    ”ها لکراءِ.“
    ”نمبر پهريون: ٻوليءَ جو چوڻيون، پهاڪا ۽ محاورا. نمبرٻه: ٻولي جا اصطلاح، نمبر ٽي: ورجيسون، نمبر چار: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد، نمبر چوٿون: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا جهڙوڪ ڇُٽڪي ٻولي، ٿريلي ٻولي، لاسي ٻولي، ڪڇي ٻولي، وچولي ٻولي، اترادي ٻولي، لاڙي ٻولي، اوڏڪي ٻولي، مارواڙي ٻولي، سرائيڪي ٻولي ۽ جابلو ٻولي، نمبر پنج: ڀٽائيءَ جي نئين ايجاد ڪيل سنڌي ٻولي، نمبر ڇهون: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ درد جي زبان، نمبر ستون: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ عورتاڻي سنڌي ٻولي، نمبر اٺون: ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ فني ٻولي، نمبر نو: ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ اشارن جي ٻولي، نمبر ڏهون: ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ استعمال ٿيل قرآني آيتن جو علمي اڀياس، نمبر يارهون: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ دراوڙي ٻولين جو اثر، نمبر ٻارهون: ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ گوليءَ جي ٻولي، نمبر تيرهون: ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ فارسيءَ جو استعمال، نمبر چوڏهون: ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ هنديءَ جو استعمال، نمبر پندرهون: ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ ان الحق جي ٻولي، نمبر سورهون: ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ جوڳين ۽ سامين جي ٻولي، نمبر سترهون: ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال، نمبر ارڙهون: عربي، فارسي، ۽ هندي فعلن مان اسم ۽ اسمن مان صفتون ٺاهڻ جي ڀٽائيءَ جي لسانياتي مشق (حسن مان حسناڪ) نمبر اڻويهون: ڀٽائيءَ جي رسالي جو لسانياتي جائزو، نمبر ويهون: ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سماجي لسانيات.“

    ”ڀٽائيءَ جي ٻولي“ جي حوالي سان اهي ويهه عنوان لکرائي انور چيو، ”منهنجي خيال ۾ انهن ويهن بابن ۾ تنهنجو سبجيڪٽ ڪور ٿي ويندو.“ ”بلڪل.“ ”ته هاڻي کان ئي ان جي تياري شروع ڪري ڇڏ. تون خوشنصيب آن جو ادل سومري جهڙو توکي گائيڊ ٿي ٿو ملي. جنهن سان تنهنجي دوستي به آهي…“ مون چيو ”ها _ ۽ ٻيو ته ادل سومرو شاعر به آهي. ان ڪري مان جيڪا چاهيان ٿو، هيءَ پي ايڇ ڊي ادل جي ڪري ان ليول جي ضرور ٿيندي …“​

    لاڙڪاڻه گزيٽيئر لکڻ دوران رهنمائيءَ واري ڀلائيءَ کانسواءِ انور منهنجي شاعريءَ جو ڄام جمالي پاران انگريزيءَ ۾ ڪيل ترجمي وارو ڪتاب ٻه ڏينهن منهنجي بلي ڪري ڪمپوز ٿيل ڊسڪ ڪمپيوٽر ۾ هلائي هيڏانهن مونکان سنڌيءَ ۾ پڙهائي هوڏانهن اکر اکر ڪري انگريزيءَ ۾ چيڪ ڪندو ويو. آخري نظم ٻئي ڏينهن تي ساڳي چيڙهيالي نظر سان ڏسي هن نظر جو چشمو اکين تان لاهي هٿ ۾ ڪندي چيو، ”يار، مونکي جيڪو شڪ هو ته ترجمو معياري نه هوندو، اُهو اجايو هو. هي واقعي اعليٰ درجي جو ۽ عاليشان ترجمو آهي. ان ڪري قرب ڪري مونکي منهنجي شاعري به ڄام جماليءَ کان ئي ترجمو ڪرائي ڏي. ڇاڪاڻ ته هن وانگر مان ائين ترجمو ڪري نه ٿو سگهان ۽ هي ڏاڍو قابل ماڻهو آهي.“

    بعد ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ ڄام جماليءَ انور جا “اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان” کانسواءِ جڏهن ٻيا چار نظم ترجمو ڪيا ته انور اهي ٽائيپ ڪري ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪندي چيو،“يار، باقي شاعري به ڄام کان ترجمو ڪرائڻ جي پارت ٿئي.​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو