• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي سنڌ آهي يا مغوستان؟،،،،،،،،،،،،منصور نثار

منصورنثار

سينيئر رڪن
هي سنڌ آهي يا مغوستان؟،،،،،،،،،،،،منصور نثار

سنڌ ۾ شايد ئي اهڙي ڪا ڪنڊ هجي جتي ڪنهن ماڻهو جي جان ۽ مال محفوظ هجن ڇو ته هتي هڪ پاسي دهشتگردن جي دهشت ڦهليل آهي ته ٻئي طرف وري ڌاڙيل جو راڄ آهي جنهن ڪري اهو ڏينهن خالي ناهي جڏهن ڪنهن ماڻهو کان ڦر نه ٿي هجي، اغوا واردات نه ٿي هجي، ڪٿي ڪنهن انسان جو خون نه ڪيو ويو هجي، ڪنهن نياڻي جي عزت تي وار نه ٿيو هجي يا وري ڪٿي ڪو ڀنگ ڀري آزاد نه ٿيو هجي. جنهن جو مک ڪارڻ پاڻ وٽ ڪمزور قانون آهي ڇو ته هتي هر شهر ۾ سوين پوليس اهلڪار ته آهن پر اهي ڊيوٽيون ڪنهن عام ماڻهو جي حفاظت لا نه پر ”خاص ماڻهن“ جي پروٽول لا ڪندا آهن، ڪٿي وري انهن پوليس وارن جي سهڪار سان ئي ڏوهه ٿيندا آهن ۽ اهي ڳالهيون ميڊيا ۾ به وقت به وقت رپورٽ به ٿينديون رهيون آهن ۽ سنڌ ۾ امن جو اندازو صرف جنوري جي مهيني دوران پيش آيل وارداتن مان ئي بهتر نموني لڳائي سگهجي ٿو، جنهن دوران قتل ته لاتعداد ٿيا پر هڪ مهيني دوران ئي 65 کان وڌيڪ اغوا جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. انهن وارداتن دوران مزاحمت تي 9 ماڻهن کي قتل به ڪيو ويو جڏهن ته جنوري کان گهڻو عرصو اڳ اغوا ٿيلن مان صرف 15 ماڻهن کي آزادي نصيب ٿي آهي، جن جا تفصيل ڪجهه هن ريت آهن پر اهو به ممڪن آهي ته هي سٽون ڇپجڻ تائين ڪجهه ماڻهن کي آزادي به ملي چڪي هجي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ٽول پلازا ڀرسان ڀيلن جي گهرن ۾ داخل ٿي ناري انيتا ۽ گوري سميت آڏو چند، ساجن، موهن ۽ ارجن کي اغوا ڪيو ويو. 24 جنوري تي ڪراچي جي بلال ڪالوني ۾ 14 سالن جي صائمه کي اغوا بعد جنسي حوس جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو. گڏاپ جي ڳوٺ نور خان برفت مان 15 ورهين جي هندو ناري شبانا اغوا ٿي وئي، 27 جنوري تي گلشن حديد مان ڊاڪٽر جاويد اغوا ٿيو. حيدرآباد مان 3 جنوري تي جيل اهلڪار جي نياڻي ڪونج اغوا ٿي. ميرپور خاص ۾ پهرين جنوري تي مذهب مٽائي پيار جو پرڻو ڪندڙ ڪاٺڙي واسي زرينه (اڳوڻو نالو ڌني اوڏ) اغوا ٿي وئي. حيدرآباد واسڻ ملوڪان ۽ هاشم شيخ مذهب مٽائي پرڻو ڪيو هو جن مان هاشم کي اغوا ڪيو ويو. ٽنڊي باگي مان 25 جنوري تي ڄامان ملاح اغوا ٿي وئي. ٽنڊو غلام حيدر لڳ ڏندي مان 15 جنوري تي 6 سالن جي ساجده لغاري اغوا ٿي وئي. ٽنڊي محمد خان مان 8 جنوري تي رپورٽ ٿيو ته هندو واپاري گيهي مل ۽ سندس پوٽي ونيش مل کي اغوا ڪيو ويو. دوڙ جي ليلا ڀيل جي آزادي لا به وارث احتجاج ڪندا رهيا آهن. ڇاڇرو ۾ ڇوڪري ڀاڳان جي اغوا جو ڪيس 18 جنوري تي داخل ڪرايو ويو. کڏڙي جو احسن جوڻيجو به ڌاڙيلن کان بچي نه سگهيو. ڪنري ويجهو نيلا ڪولهڻ کي (22 جنوري تي) اغوا ڪري نشو ڏئي لڄ لٽي وئي ۽ واقعي ۾ سندس پٽ روپچند به فوت ٿيو، کپري جي گوري ڀيلڻ کي اغوا ڪيو ويو جنهن جو به لاش مليو. سانگهڙ جي پوجا ٻائي به اغوا ڄاڻائي وئي آهي. ڪوٽ غلام محمد مان رپورٽ ٿيو هو ته ڳوٺ چونئرو ڀرڳڙي ۾ 14 ورهين جي سيتا ڪولهڻ کي کنڀي ٽن جوابدارن اجتماعي لڄالٽ ڪري بيهوشي جي حالت ۾ڪمند جي فصل ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جيڪا وري ميرپورخاص مان علاج دوران اغوا ٿي وئي ان کان علاوه سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي ۾ آيل هٿياربند زميندار اقبال سهتي کي اغوا ڪري ويا.

سکر گهوٽڪي، خيرپور ۽ شڪارپور ۾ 30 کان وڌيڪ اغوا ڪيس سامهون آيا آهن، پهرين جنوري تي 22 ورهين جي شاهده 2 جنوري تي عورت شبانا ۽ پهرين هفتي ۾ 3 ورهين جي ڪرسٽي، اڍائي ورهين جي راجا مسيح کي اغوا ڪيو ويو، حافظ محمود ۽ نازان شيخ به مغوين ۾ شامل آهن. ڏهرڪي مان اغوا ٿيل نظام الدين ملڪ ۽ عبدالله کي 25 جنوري تي آزادي نصيب ٿي. روهڙي واسي پورهيت نياز ڦلپوٽو ڀاڻيجي ظهور ڦلپوٽو ۽ ڊرائيور اڪبر ٽانوري کنڀجي ويو، 21 جنوري تي خيرپور جي ڪچي بادشاهه کهڙو جي ڪيٽي مان تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙو جو هاري گلشن کهڙو اغوا ٿيو. سکر آ بي اي جا ٽي استاد پرنسپال اسدالله منگي، ليڪچرار طاهر شاهه به اغوا ٿي وياهئا، ماٿيلي مان 3 مهينا اڳ اغوا ٿيل شاگرد سيد طيب شاهه جي آزادي لا 10 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو. ميرپورماٿيلو مان ميرحسن به اغوا ٿيو، پنوعاقل مان نينگر گم ٿي ويو، سکر مان جي يو آ جو مولانا محمود پيري اغوا ڄاڻايو ويو آهي. گمبٽ ويجهو پسند پرڻي جي معاملي تان 21 جنوري تي گلشن کهڙو اغوا ٿيو. سکر ۾ 17 جنوري تي اسٽيٽ ايجنسي مالڪ محمود ڀيري اغوا ٿي ويو. پني عاقل لڳ مهينو اڳ اغوا ٿيل پرويز ڪٺو ۽ انعام شيخ 3 جنوري تي آزاد ٿيا. خانواهڻ ويجهو ڳوٺ گل محمد پنهيار واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پنهيار خانپور مهر جي عورت صائمه ملڪ کي به مغوي ڄاڻايو ويو. خانواهڻ مان 16 جنوري تي ڊرائيور غلام مصطفيٰ اغوا ٿيو. مريد شاخ مان اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي پهرين جنوري تي اغوا ٿي. ٺري مير واهه جي سونيا آزاد ٿي جنهن جي واپسي تان جهيڙي ۾ 2 نوجوان به مارجي ويا. شڪارپور ۾ پهرين جنوري تي ڳوٺ زرخيل جي ڀرسان هوٽل تي ويٺل ڳوٺاڻي ڏاڏو جهلڻ کي اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي. ساڳئي ئي ڏينهن مدئجي ۾ امتياز ميکو ۽ گل حسن ميکو اغوا ٿي ويا ۽ خانپور ۾ ڊرائيور شريف ۽ راشد کي اغوا ڪيو ويو. چڪ شهر واسي نوجوان محمد دائود جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو. جڏهن ته ڊکڻ مان سنڌ ايڪسپريس جي رپورٽر اصغر ٿهيم کي به اغوا ڪيو ويو هو جيڪو به وڏو عرصو ڌاڙيلن وٽ رهڻ کان پو آزاد ٿي ويو.

لاڙڪاڻي ويجهو رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد آبڙي واهه پل وٽ 18 ورهين جي زهريٰ عمراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جيڪا 21 آڪٽوبر تي رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي. پهرين جنوري تي ئي لاڙڪاڻي عدالت ٻاهران ما ڌي رتيديري واسي ميرا خاتون ۽ حاجل خاتون اغوا ٿيون. جڏهن ته سوشل ويلفيئر آفيسر ڊاڪٽر امير ابڙو مهيني بعد 3 جنوري تي آزاد ٿيو. 25 جنوري تي رتيديدي ۾ ڳوٺ ڪوڏراڻي ابڙا واسي چوٿين ڪلاس جو شاگرد بابر اسڪول ويندي گم ٿي ويو. 6 جنوري تي اڳوڻي سينيٽر رسول بخش لهڙي جو پٽ آڊٽ آفيسر قمرالدين لهڙي اغوا ٿيو. لاڙڪاڻو جو بلاول هليو به اغوا ڪيو ويو هو. قمبر مان 3 جنوريءَ تي اغوا ٿي ويل 30 سالن جو رضوان گوپانگ لاڙڪاڻي لڳ کوسا ڳوٺ وٽان بيهوشيءَ واري حالت ۾ هٿ آيو هو، جيڪو اسپتال نيندي فوت ٿي ويو. شهدادڪوٽ مان 25 ڊسمبر تي منير ۽ غلام مرتضيٰ بروهي اغوا ٿيا، سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ اميد علي جوڻيجو مان 2 هاري عرض محمد ۽ مجاهد جوڻيجو اغوا ٿي ويا جن جي آزادي لا22 جنوري تي 5 لک رپيا ڀنگ گهريو ويو. وارهه مان 15 جنوري تي نينگر رب ڏني ۽ جاويد کي اغوا ڪيو ويو، نصيرآباد جي ٻن مغوين وقار علي ۽ عبدالغني شيخ کي 25 جنوري تي آزاد ڪرايو ويو، سجاد جهتيال به مغوي آهي. شهدادڪوٽ جي سعيده کوسو پڻ اغوا ڄاڻايل آهي. جيڪب آباد جي تعلقي ٺل جا فقير عبدالحڪيم پنهيار، وقار سرڪي، محمد علي بروهي ۽ معصوم فضيلا سرڪي به اغوا ٿيلن ۾ شامل آهن 25 جنوري تي آزادي ماڻيندڙ ٺل جو بخت الله ٻرڙو 10 ڏينهن ڌاڙيل جي چنبي ۾ رهيو. ربڏنو ۽ نظام الدين 55 ڏينهن مغوي واري زندگي گذارڻ بعد بلوچستان جي حدن مان آزادي ماڻي. نوابشاهه مان ڏيڍ مهينو اڳ منظور جمالي کي اغوا ڪيو ويو هو. مٺياڻي ويجهو ٺارو شاهه لنڪ روڊ تان پهرين جنوري تي وقاص عرف وڪي اغوا ٿيو. ساڳئي ڏينهن مهينو اڳ گهاري مان اغوا ڄاڻايل شهناز ۽ ڌي ثانيه آزاد ڪرايو ويون. 3 جنوري تي ڪنب لڳ جاني ٻرڙا ٿاڻي حد مان ڳوٺ خانڻ ٻرڙو جو حبيدار ٻرڙو اغوا ٿيو. ڦل واسي نوجوان عمران جوکيو 44 مهينن کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهيو، 25 جنوري جي ميڊيا رپورٽس موجب هالاڻي ويجهو 11 مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان اوشاق علي لاشاري جي قتل جو انڪشاف ٿيو.

مٿئين صورتحال ڏسڻ کان پو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڪيترو امن آهي؟ پر هڪ ڳالهه اها به واضح ٿئي ٿي ته انهن وارداتن پٺيان جتي پئسن جي لالچ (ڀنگ) شامل آهي اتي پسند جا پرڻا، سڱاوتي، زميني ۽ ذاتي تڪرار به اهڙين وارداتن جو ڪارڻ بڻجن ٿا. جڏهن ته اغوا معاملي تي وزيراعظم ميان نواز شريف پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انٽيليجنس ادارن کي اغوا وارداتون روڪڻ لا استعمال ڪيو ويندو. پر سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ڇا اهي انٽيليجنس ادارا به صرف ”وڏن“ ماڻهن لا ئي ڪم ڪندا يا سنڌ مان اغوا ٿيل ماڻهو به آزاد ڪرائڻ لا ڪي ڪوششون وٺندا؟ ڇو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس کان هاڻ اهو ڪم چڙهي ويو آهي، جڏهن ته هميشه پنهنجي هڪ ڪارڪن لا به سڄي سنڌ ۾ مظاهرن ۽ هڙتالن جو سڏ ڏيندڙ تنظيمون به ان معاملي تي ڪڏهن آواز اٿارينديون؟.

سنڌ ايڪسپريس جي سنڊي ميگ ۾ آچر 2 فيبروري تي ڇپيل،،،،،،mansoornisar786@gmail.com
 
سنڌ ۾ گورننس هاڻي نالي ماتر به ناهي رهي ۔۔۔۔ اهوئي سبب آهي جو هاڻ قانون تي عمل ۽ انصاف جي اميد تمام گهٽ هجي ٿي۔ سچ پڇو ته اسان جي صوبي جي حالت انتهائي افسوسناڪ آهي، اوهان پاران پيش ڪيل انگ اکر اڃان به روئارن ٿا۔
 
اهو قدرتي اصول هوندو آهي ته جنهن قوم جي وسيلن کي ان قوم کان ناجائز طور ڦريو يا لٽيو ويندو آهي ،ته قوم جي جائز روزگار جا ذريعا ختم ٿي ويندا آهن۔ ويتر جو اهڙي قوم جي حدن اندر لاقانونيت ۽ انارڪي پيدا ڪئي وڃي ته پو اهڙي قوم جا ماڻهو ،پنهنجي جيئاپي جي لا ٻ رستا اختيار ڪندا آهن ۔ هڪڙو هٿيار کڻي ڦر لٽ ، يا چالاڪي سان ڪرپشن ڪرڻ ٻيو (2) پنڻ ۔ ڏٺو وڃي غلام قوم واريون سڀئي عادتون سنڌي قوم جي ماڻهن ۾ گهر ڪري ويون آهن ۔ تنهن ڪري اغا جو ڌنڌدو به پنهنجي عروج تي پهتل آهي ۔ بس ڏسندا وڃو ته اسان پنهنجي تباهي جو سامان ڪينئن تيار ڪري رهيا آهيون۔
 
Back
Top