مڪلي جي ٽڪري جي ڏاکڻين پاسي جو سير

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]

    1۔ مڪلي جي ٽڪري جو اُتريون دنگ جتي مائي مڪلي ۽ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار آهي
    2۔ مڪلي جي ٽڪري جو ڏاکڻيون دنگ جِتي پير پٺي جي مزار آهي۔ ۽ پاسي ۾ ور شهر۔
    تُرڪي اُسهڻ ۾ اڃان ٽي هفتا کن هئا. ڪراچي ۾ منهنجي محدود دوستن جي سرڪل جي سُٺي ساٿي علي حسن چانڊيو سان ڳالهين ۾ ڳالهه نِڪتي ته تُرڪي وڃڻ کان اڳ سنڌ جي ڪنهن علائقي جو سير ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو اڳ نه ڏِٺو هُجيم. مختلف آپشن تي غور ڪندي ويجهو ۽ تاريخي علائقو ٺٽو سُجهيو. هونئن ته ضلع ٺٽي ۾ شهر ٺٽه، چوهڙ جمالي، گهارو، ميرپور ساڪرو. ڳاڙهو وغيره ڏِٺل هئا پر علي ڳالهه ڪئي ته مڪلي جو قبرستان هڪ ٽَڪري تي آهي جنهن جو اتريون پاسو ته سڀني ڏِٺو هوندو جتي عبدالله شاهه اصحابي جي مزار آهي. پر مڪلي جي ڏاکڻين دنگ تي به هڪ جهان آهي ۽ ڪافي دلفريب نظارا آهن جيڪي ڏسڻ وٽان آهن. ڳالهين ڳالهين ۾ پروگرام طئي ٿيو ۽ مڪلي جو اهو ٻيو پاسو ڏسڻ لاءِ نڪتاسين.

    هونئن مڪلي بابت ڪُجهه معلومات ۽ تصويرون دوست ذيشان رشيد جي هڪ ليک ۾ پڙهي/ڏِسي سگهجن ٿا. پر هتي جي مشهور مزار عبدالله شاهه اصحابي بابت ڪافي ماڻهن جي اها غلط فهمي آهي ته هو پاڻ سڳورن جي صحبت ۾ اُٿيا ويٺا تنهنڪري صحابي آهن. جڏهن ته ايئن ناهي. عبدالله شاهه اصحابي جي نالي ۾ اصحابي جو اضافو سندن پاران تخلص طور استعمال ڪيو ويو. جڏهن ته پنهنجي ولادت ته گهڻو گهڻو پوءِ ٿي اٿن. اسلامي مؤرخ لکن ٿا ته هو جيلاني شُجري جي نسبت ۾ آهن ۽ عبدالقادر جيلاني (ثاني) جا به پڙ پوٽا هئا.

    اسان ڪراچي مان صبح جو ڏهين ڌاري وين ۾ نڪتاسين ۽ ڪلاڪ کن ۾ ٺتي جي حدن ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين جيڪو سنڌ جو تاريخي علائقو آهي. سنڌ جي تهذيب جا آثار ته پنج ڇهه هزار سال اڳ جا ملن ٿا جڏهن سنڌو ندي جي ٻنهي ڪنارن تي آباد ماڻهو سنڌ جا سڏبا هئا ۽ سنڌ جو سرحدون اولهه پاسي عربي سمنڊ سان لڳنديون هُيون. اوڀر پاسي ڪڇ ڀُڄ ۽ مٿي بلوچستان جو هاڻوڪو مڪران ۽ اتر اوڀر پاسي ملتان کان ٿينديون وڃي لداخ دنگ ڪنديون هيون. پر اها ستم ظريفي رهي جو 1700 قبلِ مسيح ۾ ڪنهن سبب (اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيل) موهن جو دڙو تباهه ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مختلف وقتن تي سنڌ تي تڏهن کان پئي ڪاهون ٿيون. 300 قبلِ مسيح ۾ سڪندرِاعظم جي فوج سنڌو کان گُذر ڪندي هي علائقو فتح ڪيو. تنهن کان پوءِ سُتت ئي سڪندر اعظم جي مؤت ٿي ۽ مائورين سلطنت جي حُڪمراني قائم ٿي ۽ سنڌ ۾ ٻُڌازم پکڙيو. ايئن ڪي حڪمرن هڪ ٻه صدي ته ڪي گهٽ، هڪ ٻئي کان هي تر ڇڏائي پاڻ وٽ رکي وري پاڻ ڦُرائيندا رهيا ۽ جڏهن ختم نبوت جو اعلان ٿيڻ وارو هو ۽ پاڻ سڳورن جي وصال جو وقت ويجهو هو ته ڪڇ ڀُڄ کان ملتان تائين سنڌ تي برهمڻن جي حڪومت هئي. مطلب ته اُن وقت تائين هتي اڃان اسلام ڪونه پُهتو هو. پر لڳ ڀڳ اسي سالن کان پوءِ محمد بن قاسم اچي هتي جي حاڪم راجه ڏاهر کان هي علائقو ڇڏايو ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سنڌ کي السند جو نالو ڏنو ويو ۽ سنڌ کي عربستان جي حصي طور سمجهيو ويو. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سعودي عرب ۾ السندي سڏائيندڙ عرب موجود آهن جن کي اسان جو پيارو سنڌ سلامتي ساٿي نثارابڙو صاحب سؤٽ سڏي ٿو.

    اسلام جي ڦهلجڻ کان پوءِ ست سؤ سالن تائين اهو زور قائم رهيو ۽ پوءِ محمود غزنوي ڪاهه ڪئي ۽ عربن جو زور ٽوڙيو۔ ان کان پوءِ چوڏهين صدي ۾ سومرن، سورهين ۾ ڪلهوڙن ۽ مُغلن جو حڪمتون رهيون ۽ اوڻيهين صدي ۾ انگريز اچي هتي راڄ ڪيو. جڏهن ويهين صدي ۾ اڄ تائين قبول نه ٿيل ٻه قؤمي نظريئي تحت موجوده مُلڪ پاڪستان ٺهيو ته سنڌ جو سرحدون ڪٽجي ڪٽجي وڃي ڪي بچيو جن تي به الاءِ ڪيتريون ميريون اکيون اڄ به ڦِرن پيو.

    تواريخي طور وڏي حيثيت پر موجوده دؤر ۾ بُرا حال رکندڙ ضلعي ٺٽي داخل ٿيڻ سان ٻنهي طرف ڪٿي ويران پٽ نظر آيا ته ڪٿي وري آباد. عيد ويجهي هُجڻ ڪري پراڻي يونيفارم ۾ ڪِن ورهين کان پالش کان محروم بوٽ پائي بيٺل پوليس وارن جو خرچي تي زور هو ۽ ڊرائيورن جي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش. اسان جي سيٽ جي اڳيان ويٺل همراهه جو علي تعارف ڪرايو. سندس نالو هو محمد خان سولنگي. جيڪو سنڌ جي هڪ ٻي وڏي مشهور ليکڪ منظور سولنگي جو ڀاءٌ آهي. محمد خان سولنگي هڪ سنهڙو سيپڪڙو خوش اخلاق همراهه ڏِساڻو. هُن هن مهل تائين ڪاوش اخبار ويٺي پڙهي ۽ هاڻ اسان سان ڪچهري ۾ لڳي ويو. مون کي ساڻس ڪچهري پوءِ خبر پئي ته ڪاوش ۾ هي ٻئي ڀائر وڏي حيثيت تي هئا. ايستائين جو 1991 ۾ ڪاوش آئي ته ان جي پهرين پرچي ۾ مين آرٽيڪل محمد خان سولنگي جو هو. پاڻ بيماري ۾ وٺجي وڃڻ ڪري گهڻو عرصو لکي نه سگهيو. سندس ڀاءُ منظور سولنگي ڪاوش جي شروعاتي دؤر ۾ سچ وڏو ڏوهاري جي نالي سان دلچسپ سلسلو هلايو ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه لکيو پر سندس خيال هو ته ڪاوش جي هلڻ ۾ سندس حيثيت چوٿين پائي جهڙي آهي. شايد ڪنهن ڀري محفل ۾ قاضين سامهون اهو اظهار به ڪري وِڌائين. جنهن تي هُنن ناراض ٿي کيس گهر جو رستو ڏيکاريو. ڪاوش اڄ به هلي پئي ۽ کوڙ پاوا لڳا ۽ ٽُٽا. پر منظور سولنگي جي قابليت کان به ڪو انڪار ناهي. هو ماڻهن جي مزاج وٽان لکي ڄاڻي. اها شايد ئي ڪنهن کي خبر هُجي ته اڄ ڪي ٽي اين ڪاوش توڙي اردو ميڊيا تي به شهيد محترمه بينظير ڀُٽو لاءِ جيڪو خطاب ”شهيد راڻي“ استعمال ٿئي ٿو اهو سڀ کان پهرين منظور سولنگي پاران تجويز ڪيو ويو. پاڻ شايد هن وقت سنڌي ٽي وي تي آهي. سفر دؤران محمد خان سولنگي سان ٻوٽن جي طبي جُزن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي جنهن ۾ پنهنجي دلچسپي هُيس ۽ منهنجي پڙهائي جو موضُوع ئي اهو آهي سو خوب ڳالهيون ٿيون. پاڻ هڪ اهم معلومات ڏنائين ته ڊاڪٽرن کيس هڪ اڻ ڄاڻ مرض جي علاج لاءِ ڪي سال ڪارٽيزون ڏِنو. جڏهن هو ٺيڪ ٿيو ته ٻي ڊاڪٽر حيران ٿي پُڇيس ته ڪاٽيزون بنا ڪئلشيم سپليمينٽ وٺڻ جي تو ڪيئن ورتي؟ هن همراهه کي به اچي تعجب ورتو. نيٺ پنهنجي اصل معالج ڏانهن ويو ۽ پُڇيائينس ته تو مون کي بنا ڪئلشيم جي ڪا دوا ڏيڻ جي ڪارٽيزون ڇو ڏِنا؟

    ڊاڪٽر چيس ”تو پاڻ ئي ته چيو هو ته آئون روزانو هڪ انڊو ڪچو پيئان ٿو. هاڻ هن کان وڌ ٻي ڪهڙ ڪئلشيم ڏيئي ٿي سگهيس. شايد تنهنجي اها عادت ئي مون کي تو لاءِ ڪارٽيزون ڏيڻ تي آماده ڪري سگهي نه ته ڪا ٻي ڪا ڪئلشيم دوا توکي ڪارٽيزون برداشت ڪرڻ ڏيئي نه سگهي ها يا آئون ڏيان به نه ها“. محمد خان سولنگي جي ڳالهين مان لڳو پئي ته هو هن وقت ٻي زندگي جيئي پيو ۽ خوب پيو جئي. پاڻ هن وقت روزانو صبح جو ريڊيو تي اخبارن جو سُرخيون پڙهي ٿو جيڪي اسلام آباد کان سِڌو سنئون نشر ٿين ٿيون. انهيءَ لاءِ کيس ڪي خاص ڏوڪڙ نه ٿا ملن سو هو ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي آفيس وڃڻ جو ڀاڙو به بچائي ٿو ۽ گهران موبائل فون تي ويهي اهو ڪم ڪري ٿو. جنهن تي ڪافي حيرت ٿي ته ڪيئن مينيج ٿيندو هوندو.

    مڪلي پُهچي مڪلي جي قبرستان جي داخلي گيٽ وٽ رڳو ڦيرو ڀريوسين ۽ هڪ عجيب کوهه ڏِٺوسين هن جي اندر قبر جي اندر پاسي ۾ مُردي رکڻ لاءِ ٺاهي ويندڙ کُڏي جيان کُڏيون ٺهيل آهن. جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته قيدين کي سزا خاطر انهن ۾ رکيو ويندو هو. جيئن ته اسان جي اصل منزل انهيءَ ڏينهن مڪلي جي ٽڪري جو ڏاکڻيون دنگ هو جنهن لاءي ٺٽي کان ايندڙ لوڪل گاڏي ۾ ويهي غلام الله شهر ڪراس ڪري اڳتي ور شهر پُهچڻو هو. گاڏي آئي ۽ سفر شروع ٿيو ته گهڻي وقت کان پوءِ ڳوٺ جي لوڪل گاڏين جي ياد اچي وئي. جڏهن ملڪاڻي کان جهڏو يا پنگريو جو سفر اهڙين لوڪل گاڏين ۾ڪيو ويندو هو. جتي ماڻهن، جانورن توڙي ڪپهه ۽ مِرچن جي ٻورين کي برابري جا حقوق هوندا هئا. جنهن کي به اڳ ۾ ڄڳهه ملي اُها انهيءَ جي ٿي. هاڻ هُتي ته چنگچين جاءِ ورتي آهي پر هتي اڃان هي گاڏي هلي ٿي. رستو ٽڪري سان گڏ گڏ هو. وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪافي ڊولپمينٽ به نظر آئي جيڪا گهڻو ڪري آغا خاني کوجا (خواجه) جي جماعتين جي آهي. هن علائقي ۾ سندن اڪثريت آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته هي پُراڻي دؤر کان هتي آباد آهن جڏهن سندن پهريون آغا ايران ۾ هو ته هُو هتِي آيا۔ ڇو ته سرحدن جي تڏهوڪي صورتِحال هن وقت کان بلڪل مختلف هئي. هونئن ته مون کي به آغا خاني خواجن بابت گهڻي خبر ناهي ۽ رڳو ٻُڌل ڳالهيون آهن پر سنڌ جي قابلِ اعتبار ۽ ڪافي حد تائين غير جانبدار سيلاني الطاف شيخ پنهنجي هڪ سفرنامي مڪلي کان ملاڪا تائين ۾ لکيو آهي ته

    ”اسان مان شايد ڪيترن کي اها خبر نه هُجي ته کوجا ڪير آهن؟ اثنا عشري کوجي ۽ اسماعيلي کوجي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

    حضورصلي الله وعليه وسلم جن جي خلافت جي دؤر ۾ جڏهن مصري باغين حضرت عثمان رضه کي شهيد ڪري وِڌو ته حضرت علي خليفو مقرر ٿيو. امير معاويه رضه ۽ حضرت علي رضه جي وچ ۾ قصاصِ عثمان رضه جي ڳالهه تي جنگ ٿي ته هڪ جماعت حضرت علي رضه جي لشڪر کان ڌار ٿي ويئي. هيءَ جماعت تاريخ ۾ خوارج جي نالي سان مشهور ٿي جيڪي عام ٻوليءَ ۾ خارجي سڏجڻ لڳا. جيڪي ماڻهو حضرت علي رضه جي پاسي وڙهندا رهيا اهي شيعانِ علي رضه سڏيا ويا. ڪجهه عرصو گذرڻ بعد هي شيعان به اثنا عشري ۽ اسماعيلي ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويا. اثنا عشري حضرت جو عقيدو آحي ته حضرت علي رضه رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جو وصي ۽ بلا فصل خليفو آهي ۽ حضور جن کان پوءِ مسلمانن جو برحق امام آهي ۽ جيئن ته زمانو امام کان سواءِ خالي نٿو رهي سگهي، ان ڪري حضرت عليءَ کان پوءِ امامت سندن اولاد ۾ ڦرندي ٻارهين امام مهدي رضه تائين پهتي، جيڪو امامِ زمان آهي- يعني هلندڙ زماني جو امام آهي. پاڻ هڪ غار ۾ روپوش ٿي ويا آهن ۽ قيامت ويجهي اچڻ تي امام مهدي وري ظاهر ٿيندو.

    اثنا عشري جي ٻارهين امامن جا نالا هي آهن: حضرت علي، حسن، حسين، زين العابدين، محمد باقر، جعفر صادق. موسى ڪاظم، علي الرضا، محمد تقي، علي نقي، حسن عسڪري ۽ ٻارهون امام-مهدي-آخرالزمان.“


    ان جي برعڪس اسماعيلي حضرت جعفر صادق تائين ڇهن امامن جا قاعل آهن، پر هو ستين امام موسى ڪاظم کي نه پر امام جعفر صادق جي ٻئي پُٽ اسماعيل کي مڃين ٿا ۽ ان کان ئي امامت جو سلسلو اڳتي وڌائين ٿا. اهڙي ريت پرنس آغا ڪريم اسماعيلي امامن جي ان سلسلي جو اوڻونجاهون حاضر امام آهي.“.

    اتفاق سان اسان جو ميزبان به ڊاڪٽر لياقت خواجه هو جيڪو علي جو دوست آهي. ور شهر پُهچي سندس ڪلينڪ تي پهتاسين جيڪا ٻهراڙي جي ڪنهن مخصوص ڪلينڪ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي. پاڻ هڪ ڪمزور جسم شخص ڏِٺوسين. بلڪل منهنجي پياري دوست حيدرآباد واسي محمد امين نهڙيو المعروف امين ارباب وانگي. امين ارباب جي نالي مان تاثر ملي ٿو ته ٿر جي اربابن وانگي ڪا وڏي رعبدار شخصيت هوندي پر گهڻو وقت ريڊيو تي ڪمپيئرنگ ۽ هاڻ مهراڻ ٽي وي تي نيوز ڪاسٽر طؤر ڪم ڪندڙ هن همراهه جي هانٺي سدائين ڪمزور رهي آهي. ڊاڪٽر لياقت مصروف هوندي به اسان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئي ڪُجهه دير انتظار جو چيو. ان وقت ٽي پئي ٿيا جيڪو ڊاڪٽر جي ڪلينڪ روزاني جي وقت جي حساب سان آخري ٽائيم هو. پاڻ آخري هڪ ٻه مريض ڏسي اسان کي پنهنجي ڳوٺ وٺي هليا جيڪو هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي هو. رستي تي سندن قبرستان ڏِٺوسين. آغا خانين جو مڃڻ آهي ته قبرن تي وڃڻ يا دُعا گهُرڻ بي معنى آهي ڇو ته اصل اهميت روح جي آهي جيڪو مٿي پهچيو وڃي. هي ته بس هڪ ڍانچو آهي جيڪو پوري ڇڏڻ کان پوءِ ڪا حيثيت نه ٿو رکي. تنهنڪري قبرن تي هي نه ڪو وڃن نه وري ڪا دُعا گهُرن.

    اسان کي جيئن ته مڪلي جي ٽڪري جي ٻي دنگ تي پُهچڻ جو شؤق هو سو ڊاڪٽر صاحب کي گهڻي خاطر تواضع جي تڪلف جي زحمت کان بچائڻ جي درخواست ڪندا رهياسين پر سنڌ جي روايتن جي احترام ۾ ڊاڪٽر صاحب وري به گهڻو ڪُجهه ڪري وِڌو. پنجين ڌاري سندس گاڏي ۾ ور شهر کان ٿورو اُتر طرف هلياسين. ور شهر جي نالي بابت ڊاڪٽر صاحب ٻُڌايو ته اڳي ڪنهن دؤر ۾ جڏهن دريا جي پڇاڙ ۾ دريا جا ڪافي وهڪرا پنهنجو رُخ وٺي وهڪرو ڪندا وڃي سمنڊ دنگ ڪندا هئا ته هتان جي هڪ وهڪري کي هن پَٽ تي هڪ وڏو ور هو. جنهن ڪري هتي آباد ٿيندڙ ماڻهن کي ور جي رهائشين طور نالو ڏِنو ويو ۽ ائين اهو نالو مشهور ٿي ويو.

    مڪلي جي ٽڪري جي دنگ کان اڳ اسان کي روڊ سان گڏ ايئرفورس جي هڪ بيس به نظر آئي جتي جي رهواسي نفري هتي جي علائقي واسين کان گهڻو گهڻو سُک ۾ نظر آئي. لوڊشيڊنگ کان آجي الڳ ٿلڳ بجلي ۽ بهترين رهائش. سندن پاران فٽ ٿيل هڪ ريڊار به پري هڪ ٽَڪري تي نظر آيو. ڪُجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ديبل جو بندر انهيءَ ٽڪري تي هو۔ اسان ٽڪري جي دنگ وٽ پُهتاسين جتي ٻه وڏيو درگاهون نظر آيون. حيرت اها ٿي جڏهن اندر پُهتاسين. خبر پئي ته ڪنهن دؤر ۾ هندن جو چوڻ هو ته اهي اسان جا وڏا هئا جن سان اسان جي عقيدت هئي. پر هاڻي جي دؤر ۾ مسلمانن جي طاقتور هُجڻ ڪري اهي مزارون اسان جي قبضي کان هليون ويون. بهرحال ڳالهه ماڻهن جي عقيدت جي آهي تنهنڪري انهيءَ تي وڌيڪ لکڻ کان گُريز ڪجي ته بهتر آهي. هُتي موجود متولين اهو به چيو پئي ته پير پٺه جي نسبت بدين جي مشهور پير شاهه قادري سان به آهي (والله علم). مون کي ٻيو ڪٿي ته نه باقي سومرن جي تاريخ جي ڪتاب ”تاريخِ سومرا سنڌ“، مصنف وزير علي ۾ هي ذِڪر ملي ٿو ته

    ”به برڪت پير پٺو، هڪ مئو هڪ ٽٺو (يعني ڀڳو)“.

    يعني: حضرت پير پٺي رحمت الله عليهه جي برڪت سان سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي ارادي رکندڙ هڪ بادشاهه کي موت مات ڪيو ۽ ٻيو سومرن جي لشڪر سان مهاڏو اٽڪائيندي وٺي ڀڳو، ان دؤر ۾ سومرا حڪمران ظهير الدين ڀونگر جي حُڪومت هئي.“
    هڪ ٻي ڪتاب تذڪره مشاهيرِ سنڌ، مصنف دين محمد وفائي ۾ اهو لکيل ملي ٿو ته پير پٺه جو اصل نالو حسين بن راڄپار هو. پاڻ انهيءَ پڊ ۾ ئي رهندا هئا جتي هن وقت دفن آهن. ڇو ته آبادي ۾ وڃڻ نه ٿي چاهيائون. ايستائين جو پنن سان روزا کوليائون پر ماڻهن کان پري رهيا. هڪ دفعي ملتان واري پير بهاءُالدين ذڪريا ۽ لعل قلندر جو هتان گُذر ٿيو جن هن جي پُهتل هُجڻ کي تسليم ڪيو ۽ ايئن هتي جي ماڻهن ۾ هي پير مشهور ٿيا. 606هجري ۾ وفات ٿين ۽ کين هتي ئي آخري آرمگاهه نصيب ٿي. ڪنهن وقت ۾ ته هتي جا رهاڪو سندن مزار تي هر مهينو ميلو لڳرائيندا هئا پر هاڻ ايئن ناهي. وري به ڪراچي جي وڏي خلق هتي آئي ڏينهن ايندي رهي ٿي.

    درگاهه تي هڪ عجيب صورتِ حال سامهون آئي ته درگاهه تي ويٺل فقير کان وٺي زيارتي سڀ ڊاڪٽر صاحب جا پُراڻا مريض نِڪتا. سندن ڊاڪٽر سان هُجائتا جُملا ٻُڌڻ جهڙا هئا. اسان درگاهه جي پاسي ۾ ٺهيل پڌر تي اچي بيٺاسين ته هيٺ ڏِسڻ جهڙا نظارا هئا. هر پاسي ڪڻڪ ۽ ڪيلي جا پوکيل فصل هئا. جِن جي ڪري زمين سائي چادر هيٺ پئي نظر آئي. ڳالهين ۾ ذِڪر نڪتو ته اسي جي ڏهاڪي ۾ هڪ وڏي اسمگلر جي سون جي ڀريل گاڏي هن ڳوٺ سامهون ڪلٽي ٿي. اهو اسمگلر اولهه مُلڪن مان ڪيئي قيمتي شيون سامونڊي رستي کڻي اچي ٺٽي جي سامونڊي پٽي کان سنڌ ۾ داخل ڪندو هو جيڪي پوءِ سڄي مُلڪ ۾ وڪبا هئا. اتفاق سان انهي دفعي سون جي ڀريل گاڏي جيستائين پوليس پُهچي ماڻهن خوب مال ميڙيو. ڪي ته ڦٻيا ڪي جهلجي پيا. ڪُجهه همراهن مال ته خاشو گڏ ڪيو پر سچي ڪانه ڪئي ۽ ڪي سال ان جو استعمال نه ڪيائون ته ڪنهن کي شڪ نه پئي. اڄ انهن همراهن جي هتي بلي بلي آهي.

    [​IMG]

    ايئن ڳالهيون ڪندي ۽ علائقي جا حال احوال وٺندي سج لهي ويو. ڊاڪٽر صاحب زور ڀريو ته سانجهاندي لاءِ ترسو ۽ رات رهو ته ڪچهري ڪجي پر اسان کي واپس اچڻو هو ڪراچي. ڊاڪٽر صاحب اسان کي ٺٽي شهر ڇڏي اچڻ جي حامي ڀري. رستي تي سندن آغا خاني عقيدي بابت پُڇيوسين. گهڻي قدر ڳالهيون ته ساڳيون هُيون جيڪي الطاف صاحب لکيون ۽ مٿي مون ڪوٽ ڪيون آهن. هڪ ڳالهه ڪُجهه عجيب لڳي جيڪا علي جي هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪئي.

    علي پُڇيو ته ”اوهان تبليغ ڪريو ٿا؟“

    ڊاڪٽر صاحب چيو ”نه اسان کي لڳي ٿو اسان بلڪل صحيح آهيون. جيڪڏهن اسان تبليغ شروع ڪئي ته ايترا ماڻهو اچي شامل ٿيندا جو سنڀالڻ ڏُکيو ٿي پوندو. ڇو ته اسان جو عقيدو هڪ تاريخي ثابتي سان ٿابت ٿيل آهي. جڏهن ته اڄ جي تبليغي ڌڙي جي ڪي هڪ ٻه صديون جي تاريخ آهي سو به انڊيا جي اوريجن سان“. مون کي اهو دليل سمجهه ۾ نه آيو. کڻي تاريخي حيثيت هُجي به ته ماڻهن جي شامل ٿيڻ سان ڪهڙي پريشاني!!!

    اسان بدين کان ڪراچي لاءِ هلندڙ مين سواري وين ۾ ويهي ٺٽ کان ڪراچي واپسي جو سفر شُروع ڪيو. 100 ڪلوميٽر جو اهو سفر ٻه ڪلڪ کن وٺي ٿو. قائد آباد پُهچي لٿاسين ته قائدآباد پُل هيٺ ٿيل چاڪنگ طرف علي توجه مبذول ڪرائي. جتي 2013 جي اليڪشن ۾ هڪ ايم پي اي کي وؤٽ ڏيڻ لاءِ اشتهار بازي ڪئي وئي هئي. موجوده حُڪمران جماعت سان تعلق رکندڙ انهيءَ اُميدوار جو واسطو انهيءَ گهراڻي سان هو جنهن بابت اسمگلنگ جو ذِڪر ٿيو. پڪ ٿي ته اسان جي حُڪمراني جو تاج اهڙن ئي ماڻهن جي قبضي ۾ آهي. جاگيرداري سياست پئسي جي زور تي هُجڻ ئي اسان جي محڪومي آهي نه ته ڌارين ته هر دؤر ۾ پئي ڪاهون ڪيون ۽ ڀڄي پئي ويا. اسان کي اڄ پنهنجا ڏُکيا پيا پون ۽ سور ڌارين جو ٿا روئون.

    [​IMG]
    پير پٺي جي درگاهه جي پَڌر تي

    [​IMG]
    ساڄي کان علي، ڊاڪٽر لياقت خواجه ۽ عبدالحفيظ لغاري
     
    14 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لڳي ٿو اوهان کي وقت ملي پيو جو پراڻا سير به لکي رهيا آهيو ۔۔۔۔

    سدا خوش هجو، سٺو ليک لڳو۔
     
  3. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    بهترين تمام وڻندڙ مضمون
     
  4. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    ادا ڏاڊو ۽بهترين موضوع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو