Sindhi Media
سينيئر رڪن
سولو پلي : ويچارو ليکڪ
تحرير، مُڪالما ۽ منظر ڪشي : عبدُالرزاق ميمڻ
هيءَ حقيقي ڪهاڻي اهڙن سادن، اٻوجهه ، پُرخلوص ۽ حالتُن تي گھري نظر ۽ گرفت رکڻ وارن عوامي ليکڪن جي آهي جيڪي اڃا نالي وارا ته بيشڪ نه ٿيا هوندا، پر اُهي اڄ به اُنهن نالي وارن ليکڪن کان وڌيڪ مُعاشري جي چٽسالي ڪن ٿا ۽ نئي جنريشن کي ڪو دڳ ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن ڪهاڻيءَ ۾ اسان اهڙن ئي ليکڪن کي ڏيکارينداون ته مغاشري جي سورن کي کولي نروار ڪرڻ وارن ليکڪن جي پنهنجي ڪهڙي رام ڪهاڻي آهي. عوامي ليکڪن جي اند جي پيڙُهن، مجبورين، سوچن ۽ خواهشن جو تصور هن ڪهاڻيءَ ۾ پيڙهيل آهي. اهڙا ليکڪ قومن لاءَ هڪ اهڙي پاڇولي جي مانند آهن جيڪي پاڻ اُس ۾ سڙي پنهنجي هنج ۾ پناهه وٺندڙن، ڪئين چئنلن، مالڪن ۽ اُنهن جي ڊائريڪٽرن لاءِ ڇانوَ ٺاهين ٿا ۽ ٻين کي خوش ڏسي پاڻ خوش ٿين ٿا. چاهي پوءِ اُهي سندن هنج ۾ لوري ۽ لولي وٺندي، ڇانوَ ۾ آرام ڪرڻ کان پوءِ هن جا پن ، ٽاريون ڪٽي کيس ٺوڙهو ڪريو وڃن.
نوٽ: هي لانگ پلي ڌرتي چينل تي ”ليکڪ“ جي نالي سان نشر ٿي چُڪو آهي ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر ماڃوٽي صاحب کي، جيڪو اهڙن ليکڪن لاءِ همدردي رکي ٿو، ڪي ليکڪن لاءِ ”ويچارو“ لفظ سُٺو نه لڳو. تنهنڪري اُهو ايڊٽ ٿي ”ليکڪ“ ٿي نشر ٿيو. پسگردائيءَ جي ماحول جي بلڪل سچي ڪهاڻي آهي .
اچو ته ڪهاڻيءَ جي ون لائين پڙهون!
جڏنهن ڪنهن پرائيويٽ ٽي وي چينل جي مئنيجمينٽ ۽ پروگرام مئنيجر اهو سمجھيو ته سنڌي پبلڪ بار بار ساڳي اسٽوري، ساڳيا ايڪٽر، ساڳي گروپ بنديءَ ۾ جڪڙيل ٽيم ۽ اگھاڙپ مائل لکيل اسٽوريون ۽ رپيٽ ڊائلاگن ۽ سينُنُ سان ساڳين ليکڪن جون ڪهاڻيون ، جيڪي زياده تر ڊائجسٽن ، فلمن ۽ ٻين ڊرامن مان ڪنسيوءِ ڪري پيش ٿي ويون ۽ هاڻ پبلڪ ، کين ڏسي بيزار ٿي ۽ اُڪتائجي پئي آهي جو گھڻن چئنلن جي ڪري هو رموٽ جو سوئچ به تبديل ڪري ڇڏيندا آهن ته! جڏنهن مئنيجمنٽ اهو به محسوس ڪندي آهي ته ڊرامن ۾ ڪا جان يا حقيقت پسندي به نه رهي آهي ته هو نوان نوان فنڪار ۽ ليکڪ ميدان تي انٽروڊوز ڪرائڻ ۾ هڪ قدم اڳتي اچي ويندا آهن ته گھڻا ڪمرشيل ملن ۽ سنڌي ڊرامن ۾ وري جان اچي جيڪا عام پبلڪ چاهي ٿي.
۽ پوءِ کين چينل جا گھڻ گھوريا صلاح ڏين ٿا ته، نواڻ لاءِ نون ليکڪن جو هُجڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏنهن پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻي اداڪارن، ڊائريڪٽرن، سنگرن، ماڊلن سان گڏ جيڪر ليکڪن کي به اهو درجو ڏئي برابريءَ جي مقام تي آڻجي ته پئون ٻارهن ٿي ويندو. ڇو جو حقيقت ۾ ليکڪ ئي ڊرامي جي روح هوندو آهي ۽ باقي سڀ پاڻ کي اُن روح ۾ فٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مطلب ته ليکڪن کي به ايتري ئي عزت ملي جيئن ڪنهن آرٽسٽ، ڳائڻي يا ڊائريڪٽر وغيرهه کي. ان سلسلي ۾ ڪن ڊائريڪٽرن کان تعاون وٺي هو پنهنجي پروگرام مئنيجر سان ملن ٿا ۽ هڪ اسٽوڊيو پروگرام ترتيب ڏين ٿا.
رزاق به هڪ سادو ۽ غريب ليکڪ آهي، ۽ هوئن ته سندس ڪيترا ڊرامان لکيل پيا آهن ۽ ڪي ڇپيل ته ڪي اڻ ڇپيل جيڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ هٿان افتتاح نه ڪرڻ جي ڪري ڪو نالو نه ڪري سگھيا آهن ۽ اسٽالن تي گراهڪن جي انتظار ۾ پيا آهن. جتي هو روز کپيل ڪتابن جي ٽيهه پرسنٽ معاوضو لاءِ چڪر ڪاٽي ٿو. . منهگائيءَ جي ڪري پريشان آهي،۽ سندس ٻار کي ڊينگي بُخار ٿي پيو آهي، ۽ رکيل ڪمائي ڊاڪٽرن جي نظر ٿي چُڪي اٿس. ڊاڪٽرن جڏنهن رکيل پئسا نپوڙي پورا ڪيس ته کيس ڪراچي علاج ڪرائڻ جو ڏس ڏنو وڃي ٿو ته ٻار نه بچندو. زال ۽ پاڻ پريشان آهن، ۽ ڪو وسيلو به نظر نه پئي آيو. کيس اڃا تائين ڪو چئنل، سندس سادگيءَ ڪري انٽرويوز يا پروگرامن ۾ به مدعو نه ڪري سگھيو آهي ته ڳيئن گھر جو گُذر هلي سگھيس. پر هو سٺن ليکڪن جي لسٽ تي ضرور آهي. مئنيجمنٽ جي مٿئين فيصلي تحت ، اتفاق سان کيس مخصوص گھربل ليکڪن جي ٻين پروجيڪٽن ۾ بزي هُجڻ ڪري مجبورن هن اسٽوڊيو پروگرام لاءِ بوڪ ڪجي ٿو ۽ هو خوش ٿئي ٿو ته هاڻ سندس ٻار جو علاج ٿيندو، اوڌر سوڌر وٺي ڪراچي اچي ٿو .
پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ کيس ٻين ليکڪن جي مُقابلي ۾ هڪ معمولي رقم جو چيڪ به ڏجي ٿو جيڪو سندس اسٽوڊيو ۽ چينل ۾ پُهچڻ جي مجموعي خرچ جي ڏهين حصي برابر به ڪونهين. اڳئي پريشان هو. ويتر اوڌر تي ورتل رقم به وئي ۽ جيڪو ٿوڙي رقم جو چيڪ ملي هيس اُن تي به ويهه پرسنٽ کان وڌ ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙن ڪٽي ڇڏيو هو پوءِ پريشاني ۽ قرض ۽ بيمار پُٽ جي ڪري هو مُشتعلل ٿي احتجاج ڪري ٿو. سندس احتجاج ۽ روڄ راڙو ڪرڻ تي اتان پنهنجن گارڊ سان گُذرندڙ چيف ايگزٽوِ، پنهنجي سيڪريٽريءَ کي سندس مدد لاءِ چئي ٿو. پر جڏنهن سفارش باوُجود ويکاري ليکڪ جي مدد نه ٿي ٿئي ته هو فُل ايموشن ۽ ٽينشن سان چيف ايگزڪٽوِ جي آفيس ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي مخصوص طبيعت ۽ ٿڌ مزاجيءَ ۽ حقيقت پسند هُئڻ تي مشهور آهي، کيس ٻُڌي ٿو. جيڪو کيس همدردي ڪري نفسياتي طريقي سان کيس ڪُول ڊائون ڪري ٿو ۽ سندس مدد لاءِ پاڻ مُرادو ايڪشن وٺڻ جي پڪ ڪرائي ٿو.
ڳالهين دورانءِ هُو ليکڪ جي چئنل کي موڪليندڙ ڊرامن تي تبصرو ڪري پسند ڪري ٿو ۽ ٻُڌائي ٿو ته هن جي چئنل تي هر اهُو شخص اوتروئي معزز آهي جيترو هُو پاڻ ۽ ليکڪن کي ته هو چئنلن جي جان ٿو سمجھي. سمجائي چئيس ٿو ته ضرور ڪٿي ڪنهن اسٽاف کان غلطي ٿي آ ۽ هو ان جو ازالو ضرور ڪندو. اهڙيءِ طرح هُو پنهنجي خوش اخلاقيءَ سان ليکڪ جي دل وٺي ٿو ۽ کيس مُتاثر ڪري ٿو.
ليکڪ کي جڏنهن پيار ۽ قُرب ملي ٿو ته هو، ڊينگيءَ ۾ ڦاتل ٻار، اچڻ وڃڻ جو خرچم اوڌر تي ورتل رقم ۽ اُن جي بدلي ۾ معمولي رُپيئن جو چيڪ وساري وهي ٿو. جيڪو هاڻ هُن لاءِ سيڪنڊري حيٿيت پيو رکي، هو پنهنجي ڊرامن جي تعريف تي هرکجي، ڦونڊجي بل آخر ڏنل مُعاوضي تي ئي راضي رهي، چيف کي دُعائون ڏيندو خالي هٿين پنهنجي ماڳ هلي وڃي ٿو.
پُٺيان چيف پنهنجي پروگرام مئنيجرن، ڊائريڪٽرن کي گھُرائي پنهنجي نفساتي استعمال ٿيندڙ حربن ۽ ليکڪ سان ٿيل گفتگو بابت ٻُڌائي ٿو ته، هُن ڪيئن، سندس سپورٽ ڪئي ، مقرر رقم کان وڌيڪ ڌيڻ بدران انهي چيڪ تي ٽرڪائي واپس ڪيو، جنهن کي هو فخر سان هڪ پروفيشنل ڊيل، ڪمرشلزم ۽ بزنيس ٽيڪٽس چئي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ٿو.
پوءِ ويچارو ليکڪ هُن معمولي رقم مان ڪي گوريون ۽ ڪي باقي بچيل پئسه هٿ تي رکي جيئن ئي گھر داخل ٿئي ٿو ته سنس پُٽ ، پيءُ ۽ دوا درمل ۽ ڊاڪٽرن جي انتظار ۾ ئي الله ڱي پيارو ٿي وڃي ٿو ۽ ويچارو ليکڪ پنهنجن لکڻين کي آسمان ۾ اُڏندي ڏسندو رهي ٿو فريز