ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
هن بيماري جون مختلف علامتون ٿي سگهن ٿيون۔
- سيني ۾ (دل جي آس پاس) ساڙو ٿيڻ۔
- کاڌل خوراڪ جو ڪجهه مقدارواپس وات ۾ اچڻ۔
- اوگهرائي (ڊڪار) جي گهڻائي۔
- پيٽ تي ڀرتي۔
- اُلٽي۔
- بد هضمي۔
- پيٽ جي مٿئين حصي تي هلڪو سُور۔
- بي آرامي۔
- توهان جو معدو تيزابيت ضرورت کان وڌيڪ ٺاهي رهيو آهي۔
- توهان جي معدي ۽ غذا جي مٿين نالي ايسوفيگس (Esophagus) جي جوڙ جو ڪم درست طرح نه ٿي رهيو آهي۔(عام طور تي غذا جي معدي ۾ داخل ٿيڻ کان پو اهو جوڙ يا رستو بند رهندو آهي ۽ غذا کي واپس مٿي وڃڻ کان روڪيندو آهي۔)
سڀ کان پهرين اسان لا اهو سمجهڻ ضروري آهي ته معدي جي تيزابيت ڪهڙين ڳالهين جي ڪري وڌي ويندي آهي۔
- ماني پيٽ ڀري کائڻ۔
- ماني کائڻ کان پو فورن ڪوجسماني مشقت واروڪم ڪرڻ۔ مثال وزن کڻڻ وغيره۔
- ماني کائڻ کانپو فورن سمهڻ۔
هن بيماري جون علامتون اڪثر عورتن کي حمل دوران به ٿينديون آهن۔ ان جو سبب پيٽ ۾ ٻار جي موجودگي سان وڌندر دٻا ۽ معدي جو دٻجي وڃڻ آهي۔ اهو ئي سبب آهي جو حمل وارن ڏينهن ۾ معدي جي تيزابيت، کاڌل خوراڪ سميت واپس غذا جي نالي ۾ وڃڻ لڳندي آهي ۽ مٿي ذڪر ڪيل علامتون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن۔
معدي جي تيزابيت وڌائيندڙ خوراڪ
غذائون جن سان معدي جي تيزابيت تمام گهڻي وڌي ويندي آهي۔
غذائون جن سان معدي جي تيزابيت تمام گهڻي وڌي ويندي آهي۔
- کٽا ميوا(موسمي، ليمو، ڏاڙهون وغيره)
- چاڪليٽ۔
- اهي مشروب جن ۾ ڪيفين جي مقدار وڌيڪ مليل هجي۔
- تماڪ ۽ الڪوحول (شراب) جو استعمال۔
- مرچن ۽ مصالحن واري چٽ پٽي خوراڪ۔
- چڪنائي ۽ تريل خوراڪ۔
- ٿوم ۽ بصر جو زياده استعمال۔
- ڦودنو ۽ ٽماٽن جو زياده استعمال۔
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: