فيس بُڪ جي سالگرهه مُبارڪ

'فيس بوڪ' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    ساٿيو اڄ انهيءَ ڳالهه کي ٺيڪ ڏهه سال پورا ٿيا جڏهن 1984ع ۾ آمريڪا ڄائو مارڪ زُڪر برگ 2004ع ۾ (يعني 20 سالن جي عُمر ۾) آمريڪا ۾ ڪئمبرج جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ هارورڊ يونويرسٽي ۾ پڙهي رهيو هو۔ جتي اڪثر يونيورسٽيز ۾ فيس بُڪ نالي هڪ ڊيٽا بيس جُڙيل هوندو آهي۔ جنهن ۾ شاگردن جي معلومات توڙي تصوير هوندي آهي۔ جيڪو هر سال جنوري ۾ رليز ڪيو ويندو آهي ته جيئن شاگرد هڪ ٻئي سان ملي سگهن۔
    مارڪ زُڪر برگ کي سُجهيو ته ڇو نه اهڙي طرز تي هڪ سائيٽ ٺاهي وڃي ۽ اها معلومات انٽرنيٽ تي اچي۔ هن اهو ڪم شروع ڪيو ۽ هارورڊ جي شاگردن تائين انهيءَ کي محدود رکيو۔ پر پوءِ جلدي ئي اهو ٻين ڪئمپسز تي به ڦهليو ۽ ايئن مقبوليت وڌندي وئي ۽ 4 فيبروري 2004ع تي شروع ڪيل ڪم اڄ ڪٿي پُهتو آهي۔
    اڄ فيس بُڪ جا 1 ارب استعمال ڪندڙ آهن۔ جنهن مان رُڳو 9 فيصد ڪوڙا آئي ڊي رکندڙ آهن۔ ڪُجهه ٻين ماڻهن جي انويسٽ ۽ مدد سان فيس بُڪ تي روز بروز نواڻ ايندي وئي ۽ مارڪ زُڪر برگ جا اثاثا اڄ ا ارب ڊالر کان اُڪري چُڪا آهن۔ فيس بُڪ جي ڊيٽا بيس اسٽوريج لاءِ گهُربل اسپيس اڄ 180 پيٽا بائٽ آهي۔ (هڪ پيٽا بائٽ 1024 ٽيرابائٽ جي برابر آهي)۔
    فيس بُڪ جتي ماڻهن جي دلسپي جو سبب بڻيو اُتي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ڪافي تحريڪن ۽ انقلابن جو به سبب بڻيو جن ۾ حسني مبارڪ خلاف تحريڪ قابلِ ذڪر آهي۔ ڪافي مُلڪن ۾ ته دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي سوشل نيٽ ورڪ تي پابندي به لڳندي رهي آهي۔
    اڄ فيس بُڪ پنهنجا 10 سال پورا ڪيا آهن ۽ سُڀاڻي هن جو يارهون سال شروع ٿيندو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فيسبوڪ جا ٿورائتا آهيون جنهن لکڻ جي مڪمل آزدي سان گڏ سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪري نئين دنيا آباد ڪئي آهي۔ اڄ وفا منور زئور سٺو لکيو آهي:

    فيس جي ڏهين سالگرھ جي موقعي تي.
    _​

    ڪڏهن ڪڏهن فيس بڪ مونکي پهرين ، ٻين ۽ ٽين دنيا کان به مختلف ڪا چوٿين ، هڪ عجيب ۽ منفرد دنيا لڳندو آهي، بلڪل هڪ يوٽوپيائي دنيا وانگر، هڪ اهڙي دنيا جنهن تي سڀني رهواسين جا هڪ جيترا حق لاڳو ٿيل آهن.

    فرض ڪريو يورپ جي ترقي يافته سماج مان جيڪڏهن ڪو انگريز عالمي رابطي جي زبان انگريزي ۾ ڪجهه شيون اپڊيٽ ڪري شيئرڪري سگهي ٿو ،ته اهو ساڳي حق دنيا جي هن پٺتي پيل ۽ غير ترقي يافته سماج ۾ رهندڙ مون جهڙي هڪ معمولي فرد کي به مليل آهي ته آئون به اهڙي ساڳئي نوعيت جون يا ان کان ڪجهه مختلف شيون هن سان ساڳي زبان ۾ شئير ڪري سگهان ٿو

    جيڪا پينٽ شرٽ آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ڪو گورو پائي فيس بڪ تي پاڻ کي هڪ جديد دنيا جي ماڻهو طور متعارف ڪرائي ٿو سگهي ته اها ساڳئي پينٽ شرٽ هتي آئون به پهري ڪنهن انگريز کان گهٽ نٿو لڳي سگهان۔ اهو هڪ الڳ سوال آهي ته مونسان ۽ مون جهڙن ٻين سان هن سماج ۾ اجتماعي طور ڪهڙي قسم جون حالتون لاڳو آهن

    چوڻ جو مقصد صرف اهو ته انفرادي طور تي جيڪڏهن ويهي سوچجي ته واقعي ئي فيس بڪ هر متڀيد کان هڪ آجي ۽ الڳ دنيا آهي

    هن عجيب ۽ منفرد دنيا جي حوالي سان ڳالهه رڳو هتي ختم نٿي ٿئي پر هن سان لاڳاپيل اڄان ڪجهه ٻيا پهلو به آهن جن کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ڪجه وڌيڪ عجيب لڳندو آهي۔ مثال طور آئون ويهي سوچيندو آهيان ته هي جيڪي فيس اڪائونٽ تي وڏا وڏا پڙهيل لکيل يونيورسٽِن جا پروفيسر ،ڊاريڪٽر ۽ سي ايس ايس پاس آفيسر منهنجا جگري دوست ٿيو ويٺا آهن منهنجي هر ننڍي وڏي پوسٽ تي لائيڪ ۽ وڏا وڏا ڪمينٽس لکن ٿا ڇا واقعي اهي منهنجا حقيقتن دوست آهن يا آئون هر وقت ڪنهن غلط فهمي ۾ ته نه ٿو رهان؟؟

    انهي سوال جي جواب لا۽ سڀ کان پهريان آئون مجموعي طور تي سنڌي سماج جي فطري انالائيسس تي سوچيان ٿو

    مونکي انهي ڳالهه تي پوري پڪ آهي ته جيڪڏهن فيس بڪ جي دنيا کان هٽي ڪري عملي ۽ حقيقي طور آئون بحيثيت هڪ شاگرد يا هيٺين طبقي سان تعلق رکندڙ فرد جي هن پروفيسرن ۽ ڊاريڪٽرز کي سلام به ڪريان ته اهي منهجي لا۽ سلام ورائيڻ جي تڪليف به نه ڪري سگهندا

    پر آئون وري به سلام پيش ڪريان ٿو فيس بڪ جي ايجاد ڪندڙ مارڪ زڪر برگ کي جنهن حيقيقي طور تي نه ئي سهي پر خيالي طور تي ئي مون جهڙن ادنا ماڻهن کي وڏي آبرو ۽ رتبو بخشڻ جو هڪ ذريعو پيدا ڪري ڏنو

    آئون مٺل جسڪاڻِي جي هن ڳاله سان بلڪل سهمت آهيان جيڪا ڪجه وقت اڳ هن فيس بڪ تي اپڊيٽ ڪئي هئي

    ته فيس بڪ به گڏهن کي گنج پارائي ڇڏيا آهن
    _

    وفامنور زئور
    04.02.2014
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو