ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

ريڊيو حيدرآباد سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون واحد ماڌيم آهي. جنهن جهڙو ڪم ڪنهن ٻئي اداري ڪو نه ڪيو آهي. ان جو ڪارڻ آواز هو. آواز يعنيٰ ڳالهائڻ. جنهن سان ڪا به ڳالهه سمجهائڻ وڌيڪ سولو ٿي پوي ٿو. اسان اهو ڪم لکت ۾ نٿا ڪري سگهون.
مثال طور راڳ جا آواز. راڳ ته هڪ نالو ٿيو پر ان جا ڪيترائي قسم آهن. جيڪي وري راڳ ۽ راڳڙين ۾ ورهايل آهن. اهي لکت ۾ ڪڏهن به سمجهائي نه سگهيا. هڪ وات هڪ آواز، پر ان ۾ راڳن جا سر ڪيئن پيدا ڪجن اهي وري ٻين کي ڪيئن سمجهه ۾ اچن. اهو ڪم ڪو سولو نه آهي. اهو ڪم فقط آواز سان ئي ڪري سگهبو. راڳ جا ڄاڻو ماڻهو ٻڌائين ٿا ته بنيادي 8 ٺاٺ آهن. ان مان وري چار سئو راڳڙيون ٺاهيون ويون آهن. ان کان پوءِ وري انهن راڳڙين مان ڌنون ٺاهجن ٿيون جيئن هر ڪافي يا وائي جو هڪ نج پنهنجو انداز هجي ۽ اهو انداز وري ڪنهن ٻئي سان نه ملي هي آهي ان جو ڪمال.
ڌن ڪيئن ٺهي هي ڪو ايڏو سولو ڪم نه آهي. مثال طور راڳ آهي راڻو ان جي سڃاڻپ به برقرار رهي ۽ هڪ ڪلام جو نمونو ٻئي ڪلام سان نه ملي. ۽ وري راڳ به ساڳيو هجي. ان کان سواءِ وري تال آهن. راڳ به ساڳيو هجي پر تال مٽ هجي. تال ۾ وري ٺيڪا آهن. مثال جي طور. ڪلهواڙو تال آهي هن ۾ چار ماترا آهن. اهي ماترا وري مختلف وڄتن ۾ الڳ آهن. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن بيهارجي. اهو ڪم سکڻو آهي. ريڊيو حيدرآباد کان. جيئن مون ڪلواڙي جو ذڪر ڪيو آهي. ان جا فقط چار ماترا ئي وڄايا ويندا هئا. پر پوءِ ان ۾ ٻيڙ، ٽيڻ ۽ چئوڙ پيدا ڪئي وئي جيئن لئه ڪاري سهڻي ٿي بيهي. هاڻي ته گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ڪلارنعيٽ، وائلن، ڪيسئو، سرندو، دنبوري، گهاگهر، ڍولڪ تبلو جنهن کي چوڙي به چيو ويندو آهي. بانسري، بيجو، باجو، مانپورو، جلترنگ، يڪتارو، ڇير، چپڙيون، ٽليون وغيره سڀ جو سڀ ساز ريڊيو تي وڄايا ويندا آهن.
جيئن توهان کي خبر آهي ته، شاهه لطيف رح ٻين ڪيترن ئي خوبين سان گڏ هڪ نائڪ به هيو يعني راڳ ٺاهڻ وارو، راڳ سمورو ستن سرن ۾ بند آهي. سر آهن، سا، ري، گ، مه، پ ڌ، ني، سا، هنن کي سرن مان مختلف راڳين جون شڪايتون ٺهنديون آهن. هي سرباجي ۾ رکيل هوندا آهن. راڳ جو پورو گرامر باجي ۾ آهي.
شاهه انهن سرن کي وري هيئن، سر ٺاهي پيش ڪيو. جيئن راڳ ڳائڻ سولو ٿي پوي ٿو. اهي سرهي آهن. او ميان، ڀلو ميان، اي ميان، ووميان، اي الله ڪريم تون، آلو ميان، هنن ئي آلاپن کي هيٺ مٿي ڪرڻ سان راڳ جي شڪل و صورت ٺهيو ٿي پوي. ۽ ڳائڻ واري کي ڪا به ڏکائي پيش ڪو نه ٿي اچي. هي ڪمال سنڌ جي شاهه لطيف رح ڪري ڏيکاريو هن کان اڳ الو ميان کان سواءِ ڪجهه به ڪو نه هئو دنيا ۾ ڪٿي به ائين ڪو نه هئو جيئن شاهه لطيف رح ڪيو هو. مگر افسوس جو اسان ان کي جديد ناهيون ڪري سگهيا. بلڪه شاعري به اتي بيهي وئي آهي. ان ۾ به ڪو ڪمال ڪو نه ڪري سگهيا آهيون. مثال طور شاهه چنڊ لاءِ چيو ته، تون منهنجي پريءَ جو مٽ ثاني ناهي. تو ۾ ٻه اکيون ۽ نڪ نه آهي. پر شاهه کان ٻه سئو سال پوءِ اسان چئون ٿا ته، اهڙي اهڙي چنڊ پرين تو ته ناهي ڏٺو. سندس رنگ سندس ڍنگ ائين آهي جيئن تون معنيٰ ته پوءِ تي وياسون پر اڳ تي قدم ڪو نه وڌايوسين. مان سمجهان ٿو ته، ان جو وڏو ڪارڻ اسان جي غلامي آهي. آزاد قومون پنهنجي هر شيءَ جون مالڪ پاڻ هونديون آهن. پر هت سنڌين وٽ ڪجهه به ڪو نه آهي. ان هوندي به جيڪو ڪم ريڊيو حيدرآباد ڪيو آهي. ان لاءِ ريڊيو جا نوان پراڻا سڀ آفيسر جس لهڻن جن ايڏو وڏو ڪم آهي جنهن کي هڪ تاريخي ڪلاسيڪل ڪم چئي سگهجي ٿو. پاءِ بندي پيل ڪلام به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان وڄائيندا هئا. ۽ پنهنجي جان به بچائيندا هئا. ريڊيو جي مشهور ڪردار فتح خان يعني صالح محمد شاهه تي الزام لڳو ته هو هندستان جو ايجنٽ آهي پر ائين ته هئو ڪين پوءِ وري شاهه صاحب کي واپس ريڊيو حيدرآباد تي آندو ويو هو هن کان وڌيڪ ڪهڙي سختي ٿي سگهي ٿي.
ريڊيو جي اسٽوڊيو ۾ شاعرن ۽ ڏاهن جي قولن جا ڪتاب رکيل هوندا هئا. جيڪر ڪو ٿورو وقت بچو ته پوءِ بيت يا چوڻي پڙهي وقت سجايو ڪندا هئا ۽ انهن قولن تي ماڻهو عمل به ڪندا هئا. مثال طور هڪ چوڻي چوندا هئا. ڇا اهو سٺو ٿو لڳي جو قرضي توهان جي پويان لڳو وتي؟ ڇا ڪپڙا اوڌر تي وٺي عيد ڪبي آهي؟ محنت ۾ عظمت آهي، علم ٽين اک آهي. شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي گدڙ جي هزار سال کان بهتر آهي. پيٽ ڪيڏو به وڏو هجي پر هوندو نڪ کان هيٺ آهي. يعنيٰ ته نڪ نه ٻوڙو. جهڙو وڙ سونهين جنهن سان اهو وڙ ڪجي ان سان ڀلا هميشه ڀلايون ڪندا آهن. اکئي ڏٺي ۽ ڪني ٻڌيءَ جو به ويچار ڪجي. پرايو محل ڏسي پنهنجي جڳهه نه ڊاهجي. پير هميشه سوڙ آهر ڊگها ڪجن وغيره.
اڪثر ان دور ۾ ماڻهو ان مان رهنمائي حاصل ڪندا هئا. ريڊيو تان ماڻهو شاهه جا بيت ياد ڪندا هئا. ائين شاهه جي ڪلام کي صحيح نموني ۾ عوام ياد ڪيو اهو ڪو گهٽ ڪم نه آهي. اهو ريڊيو ڪري ڏيکاريو. ڪلام ڪافيون ۽ راڳ، راڳڙيون ماڻهو سکندا هئا. ريڊيو هڪ يونيورسٽي هوندو هو. شاعرن، اديبن ۽ راڳين جا انٽرويو ڪيا ويندا هئا.
هڪ ڀيري 1976ع جي ڳالهه آهي سائين مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي جو انٽرويو هليو. جنهن مان خبر پئي ته هو نوجوان آهي. بلڪ ماڻهن وٽ خيال هو ته هو پيرسن آهي.
سکن مرتضيٰ کان ڪئي موڪلاڻي،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڏهاڙي ڏکن ۾ تڙپي ڏٺوسين.۔۔۔۔۔۔۔۔۔مرتضيٰ شاهه ڏاڏهي