دوستن جو انتهائي مشڪور آهيان جن منهنجي جنم ڏينهن تي مون کي دعائون ۽ نيڪ تمنائون پيش ڪيون۔۔۔ سندن لفظن سان نه رڳو منهنجو حوصلو وڌايو آهي۔۔ پر سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي پنن تي پکيڙڻ جي مشن کي وڌيڪ سهنجو بنائڻ لاءِ هڪ ٽانڪ طور پڻ ثابت ٿيا آهن۔۔۔
سنڌ سلامت دوستن جي اهڙن جذباتي احساسن جي موٽ ۾ پنهنجي جنم ڏينهن تي سندن لاءِ سنڌ سلامت وڌيڪ سهل بڻائيندڙ ٽن پروجيڪٽس مان ٽيون جوابي تحفي طور پيش ڪجي ٿو۔۔۔ (پهريون۽ ٻيو ڏسو)
سنڌ سلامت جا دوست گوگل ڪروم تي نه رڳو سنڌ سلامت پر هڪ ئي وقت مختلف ٽيبس کولي انٽرنيٽ تي سرفنگ ڪندا رهندا آهن۔۔ اهڙي صورت ۾ اڪثر سوشل ايڪٽوٽي يا چيٽنگ دوران سنڌ سلامت تي ايندڙ اطلاعن کي تڪڙو معلوم ڪري نه سگهندا آهن۔۔۔ ان مسئلي کي وڌيڪ سلجهائڻ لاءِ اڳ ئي برائوزر ٽائيٽل تي ڳاڙهي رنگ سان اطلاعن جو تعداد ظاهر ڪري متوجه ڪرائڻ جي ڪوشش طور اڳ ئي هڪ قدم کنيو ويو آهي پر اڪثر ڪري ان ڏانهن توجه دير سان ئي ويندي آهي۔۔۔ ان ڪري ضرورت هئي ته ڪو اهڙو اطلاع رڪن تائين تڪڙو پهچائجي جڏهن هو سنڌ سلامت کولي وسيع انٽرنيٽ تي مصروف ٿي وساري ويهي۔۔۔
مشهور سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ طرفان اهڙن اطلاعن کي ڏيندي نوٽ ڪيو ويو آهي۔۔۔ ۽ اهو ساڳيو طريقو اڳ ئي سنڌ سلامت تي پڻ موجود آهي ته جيڪڏهن سنڌ سلامت جي ڪجهه پيجز تي الڳ الڳ ٽيب کولي مواد جو مطالعو ڪري رهيا آهيو ۽ ڪو اطلاع اچي ته توهان کي هڪ ننڍي پاپ اپ سان ڏنو ويندو آهي۔۔۔ هاڻي ان اطلاع کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي بهتر طريقي سان پيش ڪرڻ جو بندو بست ڪيو ويو آهي اهڙو اطلاع نه رڳو انٽرنيٽ پيجز تي گهمندي رڪن ڏانهن پهتو ڪيو ويندو پر جيڪڏهن رڪن انٽرنيٽ پيجز کان سواءِ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو رهندو يا مووي ڏسندو رهندو ته به کيس اطلاع پهتو ڪيو ويندو۔۔۔ اميد ته هي نئون نظام رڪنن ۾ مقبوليت ماڻيندو ۔۔۔ هي آهي SSAlerts نالي گوگل ڪروم جو ايڪسٽينشن
هن جي فيچرس ۾ شامل آهن:
سنڌ سلامت طرفان تيار ڪيل هي ڪارآمد ايڪسٽينشن گوگل اسٽور جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔
سنڌ سلامت دوستن جي اهڙن جذباتي احساسن جي موٽ ۾ پنهنجي جنم ڏينهن تي سندن لاءِ سنڌ سلامت وڌيڪ سهل بڻائيندڙ ٽن پروجيڪٽس مان ٽيون جوابي تحفي طور پيش ڪجي ٿو۔۔۔ (پهريون۽ ٻيو ڏسو)
سنڌ سلامت الرٽس
هوئن ته هر دوست پنهنجي پسند جي برائوزرس سان لڳائو رکندڙ رهي ٿو پر اڪثريت گوگل ڪروم جي شيدائي آهي جنهن جا سبب تيز رفتار برائوزنگ، استعمال ۾ آسان ۽ سڀ کان اهم انهن لاءِ گوگل اسٽور تي موجود بي شمار ايڪسٽينشن ۽ ايپليڪيشنس پڻ آهن۔۔۔ جن ۾ هاڻي ته سنڌ سلامت طرفان پڻ ڪجهه پيش ڪيل آهن۔۔۔سنڌ سلامت جا دوست گوگل ڪروم تي نه رڳو سنڌ سلامت پر هڪ ئي وقت مختلف ٽيبس کولي انٽرنيٽ تي سرفنگ ڪندا رهندا آهن۔۔ اهڙي صورت ۾ اڪثر سوشل ايڪٽوٽي يا چيٽنگ دوران سنڌ سلامت تي ايندڙ اطلاعن کي تڪڙو معلوم ڪري نه سگهندا آهن۔۔۔ ان مسئلي کي وڌيڪ سلجهائڻ لاءِ اڳ ئي برائوزر ٽائيٽل تي ڳاڙهي رنگ سان اطلاعن جو تعداد ظاهر ڪري متوجه ڪرائڻ جي ڪوشش طور اڳ ئي هڪ قدم کنيو ويو آهي پر اڪثر ڪري ان ڏانهن توجه دير سان ئي ويندي آهي۔۔۔ ان ڪري ضرورت هئي ته ڪو اهڙو اطلاع رڪن تائين تڪڙو پهچائجي جڏهن هو سنڌ سلامت کولي وسيع انٽرنيٽ تي مصروف ٿي وساري ويهي۔۔۔
مشهور سوشل نيٽ ورڪ فيس بوڪ طرفان اهڙن اطلاعن کي ڏيندي نوٽ ڪيو ويو آهي۔۔۔ ۽ اهو ساڳيو طريقو اڳ ئي سنڌ سلامت تي پڻ موجود آهي ته جيڪڏهن سنڌ سلامت جي ڪجهه پيجز تي الڳ الڳ ٽيب کولي مواد جو مطالعو ڪري رهيا آهيو ۽ ڪو اطلاع اچي ته توهان کي هڪ ننڍي پاپ اپ سان ڏنو ويندو آهي۔۔۔ هاڻي ان اطلاع کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي بهتر طريقي سان پيش ڪرڻ جو بندو بست ڪيو ويو آهي اهڙو اطلاع نه رڳو انٽرنيٽ پيجز تي گهمندي رڪن ڏانهن پهتو ڪيو ويندو پر جيڪڏهن رڪن انٽرنيٽ پيجز کان سواءِ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو رهندو يا مووي ڏسندو رهندو ته به کيس اطلاع پهتو ڪيو ويندو۔۔۔ اميد ته هي نئون نظام رڪنن ۾ مقبوليت ماڻيندو ۔۔۔ هي آهي SSAlerts نالي گوگل ڪروم جو ايڪسٽينشن

- هر پنجن منٽن کان پوءِ سنڌ سلامت تان توهان لاءِ چيڪ ڪندي اطلاع نوٽ ڪري توهان تائين پهچائڻ
- هڪ ڪچهري يا گهڻين ڪچهرين جي وصول ٿيڻ جو الڳ الڳ اطلاع
- هڪ اطلاع يا گهڻن اطلاعن جو الڳ الڳ اطلاع
- ڪچهرين يا اطلاعن کي هڪ ئي وقت پيش ڪرڻ
- اطلاع تي ڪلڪ ڪندي فورم تي پهچڻ جي اهتمام
- ياد رهي ته اهڙا اطلاع توهان کي سنڌ سلامت تي لاگ ان ٿيڻ هجڻ جي صورت ۾ ئي ملندا
- لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ بيشڪ توهان سنڌ سلامت پيجز تي موجود نه به هجي توهان کي اطلاع پهتو ڪيو ويندو
- ياد رهي ته ڪوڊنگ ۾ ڪي ورڊ زين فورو کي رکيو ويو آهي ان ڪري ممڪن آهي ته ڪنهن ٻئي زين فورو سائيٽ تي لاگ ان هجڻ جي صورت ۾ ان فورم جا اطلاع به توهان کي وصول ٿين۔۔ اهو فورم ڪنهن به زبان ۾ هوندو پر اطلاع توهان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي پهتو ٿيندو۔
- ٻين فورمن کان اطلاع نه وٺڻ لاءِ توهان کي ان فورم تان لاگ آئوٽ ٿيڻو پوندو۔
سنڌ سلامت طرفان تيار ڪيل هي ڪارآمد ايڪسٽينشن گوگل اسٽور جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: