ڇا هي سڀ صحيح آهي؟

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اسان وٽ موبائل ۽ انٽرنيٽ اچڻ کان پوءِ الائي ڇو بي ڌياني وڌڻ لڳي آهي۔ ڏسڻا واسڻا ماڻهو به ميسيج بنا تصديق جي پيا فاورورڊ ڪندا۔ پُڇ کڻي ته چوندا اسان کي ٻي هنڌان آيو سو موڪليوسين وڌيڪ خبر ناهي۔ وري اهو به فيشن نڪتو ته جيئن آيو تيئن موڪليو (FWD As Received)۔ مطلب ته ڪا شئي ڪٿان ملي تصديق نه ٿي جيئن جو تيئن هڻ ٻي جي مٿي ۾۔
    انٽرنيٽ تي سوشل سائيٽس تي وري ٽماٽي، آلو کان ويندي آسمان توڙي زمين ۾ ٺهندڙ ڊهندڙ نشانن ۾ الله ۽ رسول جا نالا ڳولي اُهي شئر ڪري سبحان الله سبحان الله چورائڻ يا لکين ڪروڙين لائيڪس گهُرڻ؟
    ڇا سُڀاڻي ڪنهن ٻي مذهب جي آقا جو نالو اچي ته اوهان ان تي به اهي ئي ويچار رکندا؟
    اڄ هڪ اهڙي پوسٽ تي آصف علي جهتيال جا ڪمينٽس وڻيا ته اهي نالا ٻين ٻولين ۾ ڇو نه ٿا ظاهر ٿين؟
    ايئن ئي جيئن امر جليل جي هڪ پروگرام ۾ کائنس اهو سوال ٿيو ته جن ڀوت رڳو ننڍي کنڊ ۾ ڇو آهن؟ ٻي دنيا ۾ ڇو نه ٿا وڃن نه وري نظر ٿا اچن؟
    اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي هن روش تي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    [​IMG]
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    يقين ڪيو سائين ڪئي ڀيرا کل ايندي آهي مثال پٺين ڏينهن ۾ ڪيترا اهڙا ڪمنٽس هن سنڌ سلامت تي پڻ ڏٺا ويا جن کي لائيڪس بغير تصديق ڪيو ويو آهي جنهن ماڻهون سان ڪو فقري تضاد آهي ان جي خلاف ٻئي ماڻهون جي پوسٽ يا پهرين پوسٽ پرهي بغير ڪمنٽس تائين ڏنا ويا۔ اهو حال جتي ڪٿي آهي پاڻ وڻائڻ يا ڪنهن کي هيٺ ڏيکارڻ بغير علم جي ڪنهن شي کي اڳيان موڪلڻ جو سلسلو اڄ جو ناهي گهڻي عرصي کان هلندو پيو اچي۔
    رهي ڳالھ غلط اهي يا صحيح ان ۾ ڪا راءِ ناهي۔ جيڪڏهن ڪنهن غلط ڳالھ کي اڳتي وڌايو ويو ته ان تي ائين ئي بغير تصديق ڪندڙن جي عمل جو گناھ پڻ ان شخص تي آهي جيڪو اهو غلط پيغام ڪنهن ٻئي تائين پهچائي ٿو۔
    اوهان بُري ڪم جي نشاندهي ڪئي آهي اوهان جس لهڻو سائين۔
    جاڏي پير تاڏي خير ڪيئن چوان۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    هن موضوع بابت ٻه رايا آهن۔۔
    هڪ ته هر تصوير يا معجزو بنا ڪنهن مستند حوالي جي ونڊ نه ڪرڻ گهرجي۔۔ڇو جو اڄڪلهه جديد ٽيڪنالوجي وسيلي مختلف سافٽ ويئرز جي مدد سان پنهنجي مرضي جون غلط سلط تصويرون ٺاهڻ ۽ ڪوڙ ، فريب سان ڀريل مواد نهايت آساني سان عام ماڻهن جي اڪثريت آڏو پيش ڪري سگهجي ٿو۔۔
    پر۔۔۔
    ان ڳالهه جي بنياد تي هر معجزي، هر تصوير کي ڪوڙ جو ليبل ڏيڻ به مناسب ڳالهه نه آهي۔ اسان جو ايمان آهي ته ڪائنات جي چپي ڇپي ته الله رب العزت جون بيشمار نشانيون ڦهليل آهن۔ جيڪڏهن انهن مان ڪجهه ڪيميرا ذريعي هميشه لا محفوظ ڪجن ۽ عام ماڻهن جي مشاهدي لا ونڊ ڪجن ته ان ۾ ڪو حرج به نه هئڻ گهرجي۔
    الله پاڪ جي انهن معجزن جو ۽ انهن نشانين جو مشاهدو مون پاڻ به ذاتي طور تي ڪئين ڀيراڪيو آهي۔۔۔
    مثلن مڪلي ٺٽِي ۾ اسان جي پاڙي ۾ هڪ اهڙو ڇوڪرو به رهندو هو جنهن جي ساڄي ڪلهي تي ڪارن ترن سان بلڪل صاف نظر ايندڙ الله تعالى ۽ محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جو نالو مبارڪ لکيل هو۔۔اسان جڏهن به ان سان ملندا هئاسين ته فرمائش ڪري ان نشاني کي ضرور ڏسندا هئاسين۔
    تازو سال کن اڳ منهنجو هڪ قريبي عزيز گهر ۾ ماني کائيندي اچانڪ غور ڪري ڏٺو ته سامهون رکيل ماني تي لفّظ الله نظر اچي رهيو هو۔۔اهو ماني جو ٽڪڙو اڄ به سندس وٽ محفوظ رکيو آهي۔ جنهن کي مون پاڻ هٿ ۾ کڻي ڏٺو آهي۔

    [​IMG]
    چوڻ جو مقصد ته الله پاڪ جي نشانين کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي پر هر تصوير تي اکيون ٻوٽي اعتبار به نه ڪجي جيستائين ان جي پوري تصديق نه ٿي وڃي۔
    آخر ۾ محترم امر جليل صاحب جي هن بيان تي به تعجب ٿيو ته جن ڀوت رڳو اسان جي خطي ۾ آهن۔۔!!
    نيٽ تي سرچ ڪري ڏسو توهان کي دنيا جون انيڪ جايون ملنديون جيڪي سڄي دنيا ۾ ڀوت پريت جي حوالي سان مشهور ۽ خطرناڪ قرار ڏنل آهن۔۔آفريڪا کان وٺي آمريڪا، چين ، جاپان مطلب ته هر هڪ ملڪ ۾ جن ڀوت بابت توهان کي مختلف روايتون ملنديون۔۔۔۽ اسان سڀني جو اهو به ايمان هئڻ گهرجي ته جِنَ به الله تعالى جي مخلوق آهن ۽ اهي سڄي زمين تي ڦهليل به آهن۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏6 فيبروري 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    زبردست ادا ممتاز۔۔۔۔
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جن به الله پاڪ جي مخلوق آهن ، جنهنجو انڪار نٿو ڪري سگهجي ، باقي ادا ممتاز قريشي جي ڳالھ جي تائيد ڪجي ٿي
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْإِنْسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ ذاريات 56
    الله فرمائي ٿو ته مون جنن ۽ انسانن کي پنهنجي عبادت لاء پيدا فرمايو آهي
    وَجَعَلُوا لِلَّهِ شُرَكَاءَ الْجِنَّ انعام 100
    وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ جَمِيعاً يَا مَعْشَرَ الْجِنِّ انعام 128
    قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِكُمْ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ فِي النَّارِ اعراف 38
    وَلَقَدْ ذَرَأْنَا لِجَهَنَّمَ كَثِيراً مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنْسِ لَهُمْ قُلُوبٌ لا يَفْقَهُونَ بِهَا وَلَهُمْ أَعْيُنٌ لا يُبْصِرُونَ بِهَا وَلَهُمْ آذَانٌ لا يَسْمَعُونَ بِهَا أُولَئِكَ كَالْأَنْعَامِ بَلْ هُمْ أَضَلُّ أُولَئِكَ هُمُ الْغَافِلُونَ اعراف 179
    وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ كَانَ مِنَ الْجِنِّ ڪهف 50
    قُلْ أُوحِيَ إِلَيَّ أَنَّهُ اسْتَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الْجِنِّ فَقَالُوا إِنَّا سَمِعْنَا قُرْآناً عَجَباً سورت الجن 1
    قَالَ عِفْرِيتٌ مِنَ الْجِنِّ أَنَا آتِيكَ بِهِ قَبْلَ أَنْ تَقُومَ مِنْ مَقَامِكَ وَإِنِّي عَلَيْهِ لَقَوِيٌّ أَمِينٌ نمل 39

    جنن متعلق ڪافي آيتون قرآن پاڪ ۾ موجود آهن انهن ۾ ائين نه آهي ته اهي فقط پاڪستان ۾ هوندا باقي ٻئي هند نه هوندا۔
    هڪ دوست کي دبئي جي شيخ ويزا فقط ان لاء ڏني جو ان جي گهر جي ڪنهن فرد کي اها تڪليف هئي ۽ ان جي فرزند کي ايئر پورٽ تي ملازمت به ڏياريائين۔ باقي اها الڳ ڳالهه آهي ته ان بهاني سان ڪافي ڪوڙا عامل به پيا غريبن کي ڦرين اهڙن ڌوڪيبازن کان بچڻ گهرجي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏7 فيبروري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان جو هن فورم تي دوستن کان سوال اهي ته معجزو ظاهر ٿيڻ جي وجه ڇا آهي۔؟
    جاڏي پير تاڏي خير شل ائين ٿي پوي۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جنهن شئي کي پنهنجي اک سان ڏسجي ۽ اها خلافِ فطرت هجي ته ان کي مڃڻ تي ته بهرحال دل چوندي۔۔۔ عقل تسليم ڪندي ته اها شئي ڪجهه الڳ ئي قاعدي سان وجود ۾ آئي آهي، منهنجي اکين مان به ڪجهه اهڙا سچا معجزا گذريا آهن، تازو مثال منهنجي پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ ديوار تي علم پاڪ جو مسلسل لهرائيندڙ ڦريرو ۽ روشنيءَ جا تجلا آهن، اهو معجزو تقريبن 5 مهينن کان جاري ساري آهي۔۔۔
    باقي اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي ته ڄاڻي واڻي اهڙن تصويرن ۽ معلومات کي ونڊيو وڃي ٿو جنهن جي منڍ جي ڪا به خبر نه هوندي آهي ته اها شئي ڪٿي آهي ان جي تصديق ڪيئن ڪجي۔۔۔ ان ڪري اسلام جي بدنامي به ٿئي ٿي ۽ خاص ڪري دهرين ۽ غيرمسلمن کي اسان تي ٽوڪ ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي ٿو،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ممتاز قريشي صاحب مان توهان جي ڳالهين سان اتفاق ٿو ڪريان۔۽ ااهيا به حقيقت آهي ته معجزا ۽ ڪرامتون برحق آهن مگر بقول توهان جي ته انهن جي تصديق هجي، باقي ادا امر جليل صاحب جي لاء لک عزتون آهن مگر ان جو اهيو مطلب نه آهي ته سندس هر ڳالهه کي درست مڃجي۔ادا ممتاز قريشي صاحب جيتري ذڪر جنن ڀوتن جو اسان جي ملڪ ۾ آهي ان کان ڪئين دفعه وڌيڪ جنن ڀوتن ۽ خيالي تصورات جو ذڪر يورب ۽ دنيا جي ٻين پڙهيل لکيل قومن ۾ آهي، جنهن جون جهلڪيون انهن جي ادب مان ظاهر ٿين ٿيون،
    توهان ٻيون به موويون ڏسون ۽ انگريزي موويون به ڏسو ۔۔ توهان کي خبر پئجي ويندي ته وڌيڪ جنن ڀوتن پرين جو تذڪرو ڪنهن ۾ آهي۔
    باقي الله ۽ ان جي رسول جي نالن تي جنهن کي عتراض ڪرڻو هوندو آهي ته اهو صرف اهو ئي ڪم ڪندو آهي۔
    باقي ادا آصف علي جهتيال صاحب مذهب بيزار ماڻهون آهي، ۽ اهو هميشه اسلام قرآن۽ رسول تي تنقيد ڪندو رهندو آهي جنهن جون ڪئين اهڙيون پوسٽون فيس بڪ تي موجود آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جڏهن ته پاڻ کي صوفي سڏائيندي به وهمن ۽ وسوسن ۾ گهريل آهي۔ ورنه صوفي ته اهو آهي جيڪو الله کي هڪ ڪري مڃي ۽ سندس دل ۾ غير الله جي ڪا به جهلڪ نظر نه اچي، ۽ شريعت جو پابند هجي۔ صوفين جا ڪتاب پڙهي ته ڏسي۔ جيڪو ماڻهون الله ۽ ان جي رسولن تي عتراض ڪري اهو ڇا جو صوفي آهي۔ڇا؟ اسان جي سنڌ جا مشهور صوفي بزرگ شاهه لطيف رح سچل سرمت، صوفي شاهه عنات، مخدوم بلاول، رح، قلندر لعل شهباز رح، الله ۽ ان جي رسول ۽ سندس قانون جا مخالف هئا۔ڪجهه ته خدا جو خوف ڪن، هڪ ڏينهن انهن کي الله جي عدالت اڳيان جواب ڏيڻو آهي ( جنهن کي اسان جا اهڙا ڪئين دوست مڃين ڪو نه ٿا )
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 فيبروري 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جيئن ته مون هن مسئلي جي نزاڪت جا ٻئي پهلو سامهون رکندي هڪ راءِ ورتي۔ ۽ ٽي سوال ڪيا۔ پر تقريبن سڀني دوستن آخري سوال جي جواب ۾ هڪ ئي راءِ ڏني۔ جيڪا قبوليندي آئون ساڻن سهمت آهيان۔
    خوش هُجو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان وٽ گهڻي ڀاڱي ائين ٿيندو آهي جيڪو نظر اچي پيو ان جي مثال اها آهي ته اسان وٽ اڄ جو نوجوان مسلمان دين کان رسول صلعم و اصحابن يا ان جي حققيقي معرف نه هجڻ جي ڪري بيزار آهي ان جي به اصل وجه هي نوجوان دين اهو ئي سمهي ٿو جيڪو مسلمان ڪري ٿو ۽ ان ۾ ڪو شق ناهي ته اسان جي معاشري جي بيهڪ اسلامي ته ڇا انساني به ناهي جي دين کي ان جي ماخذ کان ڏسي ته ڪڏهن به نفرت نه ڪري ها، اهڙي ريت صوفي فقر به پنهنجي ماخذ کان نه ٿو ورتو وڃي پيو اهو به اڄوڪي نام نهاد صوفين جي عملن مان اخذ ڪيو وڃي ٿو۔
    انهن نام نهاد مذهبي ليڊرن جي پرڪارن جي ڪري اڄوڪو نوجوان بيزار آهي جيڪو هن جي فطرت جو آواز آهي نه ڪي حقيقي اسلام دشمني تي مبني آهي۔
    ها انهن دوستن کي التماس آهي ته اهي دين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ان جي ٿيم کي ان جي کاڻ مان حصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن باقي
    جاڏي پير تاڏي خير۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    توهان جي ٻئي سوال جو جواب به قرآن و حديث ۾ موجود آهي معجزه جيڪڏهن نبي کان ظاهر ٿئي ، ڪرامت جيڪڏهن الله جي ولي کان ظاهر ٿئي۔
    هڪ ٻه مثال قرآن پاڪ ۾ حضرت موسي عليه السلام جي لٺ جو نانگ ٿي پوڻ ، پٿر تي لٺ هڻڻ سان پاڻي جا چشما نڪرڻ، ڪٺل ڍڳيء جو بعض حصو مرده کي هڻڻ سان ان جو زنده ٿي پوڻ، حضرت صالح عليه السلام جو پٿر مان ڏاچي بنائڻ جيڪا ڪافي وقت زنده به رهي۔ حضرت يوسف عليه السلام جو پنهنجي والد ڏانهن قميص موڪلڻ جو ان سان اکيون ڏسندڙ ٿي پيون۔حضرت سليمان عليه السلام جو تخت اوهان ۾ اڏامڻ ، ڪول جو ڳالهائڻ ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ،حضرت عيسي عليه السلام مٽي مان پکي ٺاهي ان کي زنده بنائڻ وغيره اهي سڀ معجزا آهن۔ حضرت سليمان کي سندس امت جي هڪ ولي بلقيس وارو تخت آڻي ڏيڻ ،، حضرت بي بي مريم جي سڪل کجيء کي ڌوڻو ڏيڻ ان جو تازا ڏوڏا ڪيرائڻ، وغيره اولياء جون ڪرامتن جو مثال آهي۔
    محبوب عليه السلام جا تقريبا 300 معجزا آهن جيڪي ڪتابن ۾ موجود آهن جيئن محبوب جي آڱرين مبارڪن مان پاڻي نڪرڻ، جابر جي گهر دعوت کائڻ وقت ٿورو کاڌو سڀني صحابن کي پورو ٿيڻ ، وري ڇيلو جيڪو دعوت ۾ کاڌو ويو ان کي زنده ڪرڻ ،کير جو هڪ پيالو سڀني صحابن کي پيارڻ سان به نه کٽڻ، هڪ کلي پاڻي جي ان مان سڀني صحابن جي پاڻي پيئڻ ۽ جانورن کي پاڻي پيارڻ باوجود ڪجهه به نه گهٽجڻ، ان رنگ جي ڪاري غلام کي گورو بنائڻ۔ ٻن صحابن کي هڪ لٺ عنايت ڪرڻ جنهن جو راڊ وانگر روشن ٿيڻ وغيره۔
    معجزه يا ڪرامت چئبو آهي ان کي آهي جيڪو عام انسان نه ڪري سگهي۔ باقي نيٽ تي جيڪڏهن ڪو غلط شيء ڏيکاري ٿو ته ان جو ذمه وار پاڻ آهي توهان جو سوال ته جيڪڏهن ڪنهن غير شخص جو نالو ڪنهن شيء ۾ ظاهر ٿئي ته ڇا ان کي به بزرگ سمجهبو سو ان جي لاء جواب آهي ته معجزه ۽ ڪرامت جي مقابلي ۾ خوارق عادات (عادت جي خلاف ڪم ظاهر ٿيڻ) کي جادو يا استدارج وغيره چئبو آهي جيئن جادو واري کي ولي يا نبي نه چئبو تيئن اهڙي قسم واري ڳالهه کي به ڪرامت يا بزرگي وغيره نه چئبو۔ جيئن جيپال جو جادو ۽ خواجه معين الدين چشتي رحمه الله واري ڪرامت وارو قصو مشهور آهي۔ پر افسوس اهو آهي جو اسان مسلمان جادو، منتر، ڪرتب۔ طلسم وغيره کي مڃڻ لاء تيار آهيون ليڪن بزرگن جي ڪرامتن کي مڃڻ لاء عقل کي وچ ۾ آڻيندا آهيون جڏهن ته ڪرامت هوندي عقل کان مٿي آهي ۔
    اميد ته تشفي ٿي ويندي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 فيبروري 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڪجهه ڏينهن کان هڪ ڪتاب جادو،جنات، اسلام ۽ جديد سائنس مطالعي هيٺ آهي۔ هن ڪتاب جو ليکڪ علامه محمد عبقري مجذوبي آهي۔ پاڻ
    ماضي ۾ حڪيم محمد طارق جي نالي سان ڪاري جادو جو هڪ وڏو ماهر تسليم ڪيو ويندو هو۔ خوشقسمتي سان سندس رابطو هڪ الله جي بزرگ حضرت خواجه محمد عبدالله عبقري مجذوب سان ٿيو جنهن جي شفقت ۽ توجه سان سندس سڄي زندگي تبديل ٿي وئي ۽ قرآن ۽ حديث تي ايمان پڪو ٿي ويس۔
    سندس چوڻ موجب جادو جا عامل غير شرعي فعل ۽ عمل ڪندا آهن جيڪي سڌو سنئون شرڪ ۽ بدعت جي ذمري ۾ اچن ٿا۔ ڪتاب ۾ جادو، جنات ۽ عمليات بابت نهايت ڇرڪائيندڙ تفصيل موجود آهن۔ خاص طور تي هن ڪتاب ۾ جادو جي تاريخ، ان جا قسم، قرآن ۽ حديث ۾ جادو جي حيثيت ان کان علاوه ڀوت ، پريت ۽ جنات بابت به سُٺي ڄاڻ ڏني اٿس۔ وقت مليو ته هن ڪتاب مان ڪجهه چونڊ ٽڪڙا عام پڙهندڙ جي ڄاڻ لا ونڊ ڪندس۔ انشاالله۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    ادا بهترين ونڊ ڀاءُ حفيظ طرفان۔ جواب ۾ ڀاءُ ممتاز قريشي تحرير تمام سٺي لڳي۔ اصل ۾ اڄڪلهه ڦوٽوشاپ جهڙن گرفڪس جي سافٽ ويئرن ۽ افٽر افيڪٽ جهڙن پروگرامن ذريعي ريئل افيڪٽ ڏيئي سگھجن ٿا، هڪ عام ته ٺهيو پر ڦوٽوشاپ يوزر بي انهن کي ڪونه سمجھي سگھندا آهن، ان جا مثال توهان فيس پڪ شيئر ٿيندڙ اميجز مان لڳائي سگھو ٿا۔ مثال؛ ڪجھه مهينو اڳ منهنجي وال ڪنهن دوست فوٽو شيئر ڪئي جنهن ۾ ٻڪريو وڻن جي شاخن تي چوٽي تان بيٺل نظر اچي رهيون هيون ، اهو حقيقت ۾ ته ممڪن ئي ناهي۔ ان جهڙين فوٽن کي ڏسي ڪري منافقن يا گمراهن کان ڪجهه ڀي توقع رکي سگھجي ٿي۔ ها جيڪي حقيقت ۾ هجن ته ان جو مڪمل ريفرنس ڏيڻ لازمي آهي، جئين مٿي دوست فوٽن سان گڏ پنهجا ذاتي مشاهده پيش ڪيا آهن، انهن تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو۔ بحرهال موضوع حساس آهي، ڪجھ چئي بي نه ٿو سگھجي۔
     
  15. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    تمام سٺي ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو