راشد سومرو
سينيئر رڪن
شهري حياتيءَ جو ڳوٺن تي آڌار
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
اسان جو ملڪ پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جنهن جي خوشحاليءَ ۽ واڌاري جو دارومدار پوکي راهي جي سڌاري ۽ واڌاري تي آهي. ملڪ جي آباديء جو 80 سيڪڙو ماڻهو زراعت جي ڌنڌي ۾ رُڌل آهن، ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا. قومي آمدني جو 60 سيڪڙو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو. زراعت جو دارومدار وري هاري جي پورهيي ۽ سندس سڌريل حالت تي رکيل آهي. جيستائين هاري سُکيو ۽ ستابو نه آهي، تيستائين وڌارو ڪري نه سگهنداسون.ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
وڌندڙ آدمشماريءَ جو مسئلو دنيا لاءِ هڪ وڏو مونجهارو ٿي پيو آهي. انهيءَ مسئلي کي زرعي پيداوار وڌائڻ سان ئي منهن ڏئي سگهون ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو سڄي دنيا اڄ انهيءَ ڪوشش ۾ آهي، ته زمين مان وڌ ۾ وڌ اَنُ اُپائي اناج جي کوٽ پوري ڪجي، ته جيئن دنيا مان بک ختم ڪري سگهجي.
ان مان سمجهي سگهجي ٿو، ته دنيا جي مالي حالت جو پوکي راهيءَ سان ڪيڏو نه گهرو ۽ گهاٽو لاڳاپو آهي. حقيقت اها آهي ته هاري جو دنيا تي وڏو ٿورو آهي. هو هَڏَ هڻي، پورهيو ڪري اَنُ اُپائي ٿو، ۽ دنيا کي بک کان بچائي ٿو. هو ونئڻ پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ ڪپهه ملي ٿي. ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا، سُٽُ ٺاهڻ جا ۽ ڪپڙي اُڻڻ جا ڪارخانا به ڄڻ ته هاري جي پورهيي جي پوئتان هلن ٿا.
هو ڪمند پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي کنڊ ملي ٿي. کنڊ جا ڪارخانا به چئبو ته هاريءَ جي پورهيي سان ئي لاڳاپو رکن ٿا. اهڙيءَ طرح چانورن ڇَڙڻ جا ڪارخانا، اَٽي پِيهڻ جا ڪارخانا ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا ڪارخانا به ڄڻ ته هاريءَ جي پگهر جي پورهيي تي دارومدار رکن ٿا.
شهرن جي سونهن ۽ سوڀيا، وڻج واپار جو چهچٽو ۽ بزارين جي چهل پهل به هاريءَ جي پيداوار جي ڪري آهي. هارين جي پيداوار تي ئي شهر جو واپار ۽ ڪارخانا هلن ٿا. شهرن جي بازارن جي رونق جو ڪارڻ به هاري آهن، ڇاڪاڻ ته شهرن جي دوڪاندارن جي وڏي آسامي هاري ئي آهن. ڪڏهن هاري پاڻ خريداري ڪرڻ اچن ٿا، ته ڪڏهن وري ڳوٺن جا ننڍا دڪاندار شهرن مان سودو سامان وٺڻ اچن ٿا.
ان مان پڌرو ٿيندو ته شهرن جي شاهوڪاري ڳوٺاڻن جي ڪاروبار جي ڪري آهي. شهرن ۾ رهندڙ ڪاروباري ماڻهو، توڙي سرڪار يا خانگي نوڪري ڪندڙ ماڻهو ڳوٺاڻن جي ئي پورهيي جي پيداوار مان پنهنجو روزگار ڪمائين ٿا. انهيءَ ڪري چئبو ته شهرن ۾ هي جو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، صاف ۽ سڌا رستا، وندر ۽ ورونهن جون جايون، ڪارخانا، اسڪول ۽ ڪاليج نظر اچن ٿا؛ اهي اصل ۾ ڳوٺاڻن جي ڪمائي مان جُڙيا آهن.
ڏٺو وڃي ته شهر جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جون شيون به ڳوٺاڻا ئي پهچائين ٿا. اناج، ڀاڄيون، ميوا، گاهه، کير، مکڻ، ڪاٺيون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ڳوٺاڻا شهرين کي پهچائين ٿا. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن وقت ڪا هڪڙي شيءِ به ڳوٺن مان ٿوري انداز ۾ ايندي آهي ته شهر ۾ ٻائيتال مچي ويندو آهي. هرڪو پريشان نظر ايندو آهي، ۽ ضرورت جي شين هٿ ڪرڻ لاءِ، هيڏانهن هوڏانهن پيو ڊڪندو آهي.
ڳوٺاڻن جي جيتري وڌيڪ اچ وڃ ٿيندي، ۽ جيتري وڌيڪ ڳوٺاڻن جي پيداوار شهرن ۾ ايندي، اوترو وڌيڪ شهري شاهوڪار ٿيندا، ۽ شهر جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ سڌارو ۽ واڌارو ايندو.
(نوٽ: هي مضمون ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب ”شهري حياتي ۽ ڳوٺ“ تان ورتو ويو آهي)