سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت طرفان سندن ايڪسڪليوزوِ انٽرويو

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,648
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

    لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر (موجوده ضلعي) شهداد ڪوٽ جي ڳوٺ غُلام نبي ڀُرڳڙي ۾ 1948ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالماجد ڀُرڳڙي جو نالو هن وقت سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. پاڻ 1972ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پي آئي اي ۾ ملازمت ڪئي ۽ اڃان تائين آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿن.
    1991ع کان اڳ ڪمپيوٽر ۾ لکڻ لاءِ ڪمپيوٽرز جي ڪي دٻائڻ سان لکيا ويندڙ اکر آسڪي ڪوڊ تي هوندا هئا. جِن جي روز ايندڙ نون سافٽويئرز سان مطابقت نه هوندي هئي. 1991 ۾ جڏهن يوينڪوڊ آيو ته اهو مسئلو حل ٿي ويو. ٽيڪنيڪل زبان ۾ ته کڻي مُشڪل ٿئي سمجهڻ يا سمجهائڻ پر ايئن سمجهو ته آسڪي ڪوڊ ماکي يا جيل وانگي ڪو گهاٽو ڳار هُجي ۽ يونيڪوڊ ڪنهن پاڻي جهڙي ڳار وانگي. توڙي جو ٻئي ڪنهن به ٿانؤ ۾ پنهنجي شِڪل اُها ٺاهيندو آهي جيڪا ان ٿانو جي هُجي پر پوءِ به پاڻي جي معاملي ۾ جيل يا ماکي کي وقت لڳي ٿو. بس سمجهو ته ڪمپيوٽر ۾ لکڻ اهو پاڻي آهي ۽ روز بروز ايندڙ نون سافٽويئرز يا پروگرامز کي ٿانؤ سمجهو.
    عبدالماجد ڀُرڳڙي صاحب کي سدائين اهو تجسس رهيو ٿي ته ونڊوز ۾ عربي، فارسي ۽ اردو ته اچي ويون آهن جيڪي يوني ڪوڊ (يونيورسل ڪوڊ تحت آهن) ۽ ونڊوز جي هر پروگرام سان مطابقت ۾ آهن پر سنڌي ڇو نه؟ جيئن ته ڪنهن به ٻولي جا اکر يونيڪوڊ ۾ سيٽ ڪرڻ ڪو ٻارن جي راند ناهي تنهنڪري اهو تصور ڪرڻ ئي ٿڪائي ٿو وجهي ڪيتري محنت ڪئي هوندي ڀُرڳڙي صاحب سنڌي کي يونيڪوڊ ۾ آڻڻ لاءِ. اڳ ۾ آسڪي ڪوڊ تي صرف مخصوص ايڊيٽر ۾ سنڌي لکي سگهبي هئي. جنهن کي ڪاپي ڪري جٿي ڪٿي پيسٽ نه پئي ڪري سگهياسين. پر يونيڪوڊ ۾ اچڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر ۾ هر اُهو هنڌ جِتي ڪُجهه لکي سگهجي ٿو اوهان آساني سان سنڌي لکي سگهو ٿا، نه رڳو اهو پر ڪنهن وٽ سنڌي نه به هُجي ۽ اوهان کيس ڪُجهه سنڌي ۾ لکي موڪليو ته ڊفالٽ فونٽ ۾ ئي سهي کيس سنڌي پڙهڻ ۾ ايندي.
    عبدالماجد ڀُرڳڙي صاحب ڪوشش ڪندا رهيا ۽ نيٺ هڻي هنڌ ڪيائون.پر جڏهن ونڊوز ايڪس پي آئي ته ٻُڌڻ ۾ آيو ته هاڻ ريجنل لئگويجز آپشن ۾ سنڌي به شامل ڪري سگهبي ۽ اها يونيڪوڊ تي هوندي مطلب ته جيئن انگريزي يا ٻيون آهن ايئن هر هنڌ اها سؤلي نموني ڏِسي پئي سگهجي ۽ ان ۾ ڪا ردو بدل ڪرڻي هُجي ته به آساني سان ٿي پئي سگهيو.
    پر افسوس جو حڪومتيروايتي سستي جي ڪري ايم بي سنڌي ونڊوز ۾ سڌي سنئين داخل نه ٿي سگهي ۽ وڏو عرصو ايم بي سنڌي انسٽال ڪري فارسي جي ڪي بورڊ سان هڪ ڄهُڳاڙ تحت ايم بي سنڌي هلندي رهي. اڄ به اسان ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکڻ جو مزو وٺون ٿا اهو سڀ سائين ڀُرڳڙي صاحب جن جي محنت جو نتيجو آهي.سائين عبدالماجد ڀُرڳڙي جي ڪوشش جاري رهي ته ڪنهن نموني ايم بي سنڌي کي ونڊوز جو باقاعده حِصو بڻائجي ۽ محنتن رنگ لاتو. ڇو ته جڏهن ونڊوز اٺ آئي ته ايم بي سنڌي ونڊوز جو حصو ٿي چُڪي هئي. پر وري به هڪ کوٽ رهي ته ڪي بورڊ سنڌي بدران اردو جو لڳايو ويو. جيڪو اڃان به جاري آهي. اُميد آهي ته ونڊوز جي ايندڙ نئين ورشن ۾ اهو مسئلو به حل ٿي ويندو. ڇو ته سائين اڄ به مائڪروسافٽ وارن سان رابطي ۾ آهن ۽ اڄ جڏهن ونڊوز جو ريجنل لئگويجز جوايشين لئنگويجز ڊائريڪٽر پنهنجي بلاگ ۾ ڀُرڳڙي صاحب جو ذِڪر ڪري ٿو اسان لاءِ هڪ فخر جي ڳالهه ٿئي ٿي.
    اڄ سائين عبدالماجد ڀُرڳڙي صاحب جي سالگرهه جي ڏينهن کين سنڌ سلامت لاءِ انٽرويو ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي ته پاڻ مرڪندي موٽ ڏنائون. سندن هن تازي انٽرويو ۾ انهن سوالن کي ترتيب ۾ ڏنو ويو جيڪي هن وقت عام سنڌي ڪمپيوٽر استعمال ڪندي سوچي ٿو.

    حاضر آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي جنم ڏينهن تي ايڪسڪليوزو انٽرويو.

    سوال: توهان گهڻو وقت ٻاهر گذاريندا آهيو پر جڏهن پاڪستان ايندا آهيو ته ڇا مصروفيت هوندي آهي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: پاڪستان ۾ گھڻو وقت پنهنجي عزيزن ۽ دوستن سان ملاقاتن ۾ گذرندو آهي.

    سوال: توهان کي سنڌي ڪمپيوٽنگ طرف مائل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا مُحرڪ هئا؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: هونئن ته ننڍي وهيءَ کان ئي مون سنڌي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رهيو آهي ۽ ٻوليءَ سان نينهن وارو ناتو رهيو اٿم ۽ جي ايئن نه هجي ها ته اهو ڪم منهنجي هٿان نه ٿئي ها. پر هي جيڪو سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد منهنجي هٿان پيو آهي تنهن جو عملي محرڪ قدرت جي اها منصوبه بندي هئي جيڪا سچ ته منهنجي ارادي ۽ خواهشن جي دسترس کان بالڪل ٻاهر هئي. جيئن توهان کان خبر آهي ته مان سِول سرونٽ هيس ۽ منهنجو تعلق انڪم ٽيڪس کاتي سان هو جتي آءٌ سينئر آفيسر هوس. اهو درست آهي ته مون ايم بي اي جي تعليم آمريڪا مان پرائي جنهن دوران ڪمپيوٽر سائنس متعلق بنيادي ڄاڻ پرائڻ جو موقعو ته مليو پر ان ڏس ۾ ڪا باقاعده تعليم يا ڊگري ڪانه ورتم. 1985 ۾ منهنجي زندگي ۾ ڪي اهڙا واقعات ٿيا جن مون کي پنهنجي ان وقت تائين گھاريل زندگي تي ڳوڙهو غور ۽ ويچار ڪرڻ تي مجبور ڪري مون کان پنهنجي بقيه زندگي جو رخ معين ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ منهنجي زندگي ۽ ان جي ترجيحات ۾ بنيادي تبديليون آيون. منهنجي زندگي ۾ انهن ئي تبديلين ڪري ايندڙ ٻن ورهين اندر قدرت طرفان هڪ عجيب ۽ سمجھ ۾ نه اچڻ واري حڪمت عملي ذريعي منهنجي زندگي ۾ هڪ ٻئي پٺيان اهڙا واقعات ۽ اسباب پيدا ڪيا جن هڪ اڻ محسوس طريقي سان گھيري گھاري، ڪي رستا بند ڪندي ۽ ڪي راهون کوليندي، مون کي اهڙي مقام تي اچي بيهاريو جتي نه صرف اهو ڪم منهنجي سپرد ڪيو بلڪ ان جو حل به منهنجي ذهن ۾ وڌو ۽ ايئن سنڌي ڪمپيوٽنگ جو منهنجي هٿان بنياد پيو.

    سوال: سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ اڃان ڪهڙيون شيون آهن جيڪي سخت ضروري آهن. يا اهڙيون ڪي شيون جيڪي اوهان جو خواب آهن؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان سڀ بنيادي شيون مهيا ٿي چڪيون آهن جن کي سخت ضروري سڏجي. هاڻي انهن بنيادن مٿان اڏاوتون تعمير ڪرڻيون آهن، جهڙوڪ اسپيل چيڪر، او سي آر، اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ ۽ ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ ٽُول، سنڌي ٽو رومن ۽ رومن ٽو سنڌي ٽرانسلٽريشن وغيره وغيره. منهنجو خواب اهو آهي ته سنڌي نوجوان اڳتي وڌن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو حق ادا ڪندي ڪندي ان کي پنهنجو ڪن ۽ ان حوالي سان پنهنجو رول ادا ڪن جنهن تي ئي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ (جيڪي هن دور ۾ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل بلڪ هڪ آهن) جو آئيندو ۽ واڌاري ترقي دارومدار رکن ٿا.

    سوال: اوهان رسم الخط جو انگريزي اسٽائل ۾ تبديل ٿيڻ کي ڪيئن ٿا ڏِسو؟ ڇو ته تُرڪي، انڊونيشيا يا ملائيشيا وارن عربي کان انگريزي اسٽائل آندو ته روز روز ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ جِدت سان عربي اسٽائل جي مطابقت برقرار رکڻ جي جهنجهٽ کان بچي ويا.
    عبدالماجد ڀرڳڙي: جيئن دنيا جي ٻين ٻولين جي رومن ۾ ٽرانسلٽريشن جو استعمال هڪ ٽُول جي حيثيت ۾ ٿيندو آهي، تيئن سنڌي لاءِ به ٿيڻ گھرجي پر مان سنڌي جو رسم الخط مٽائي رومن رسم الخط ڪرڻ جي حق ۾ هرگز نه آهيان جو اهڙي قسم جا ڪوشش بجائي ترقي جي هاڃيڪار ثابت ٿيندي. ترڪي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وغيره جيڪو تجربو ڪيو ان جا نتيجن کي وڌ ۾ وڌ متنازعه يا ڪانٽرو ورشل سڏي سگھجي ٿو ۽ حتمي ڪنهن به صورت ۾ نه. هي ان تي بحث جو مقام ڪونهي پر مان ايترو چوندس ته اها مغرب کان اجائي مرعوبيت جي نشاني آهي. مغرب جون سٺيون ڳالهيون ضرور پنهنجيون ڪجن، پر رسم الخط انهن مان ڪونهي. ٻيو ته انگريزي رسم الخط کي رائج ڪرڻ وارن جي سوچ عملي صورتحال ۽ بنيادي حقيقتن جو احاطو ڪانه ٿي ڪري. قومن جي ترقي جو بنياد ٻوليءَ جي رسم الخط تي نه آهي، جي ايئن هجي ها ته اڄ جپان، چين ۽ ڪوريا وغيره ترقي يافته ۽ آسودن ملڪن ۾ سر فهرست نه هجن ها. ٻيو ته اهو سمجھڻ ته ڪمپيوٽر ۾ عربي رسم الخط جي پروسيسنگ جي اهليت نسبتًا گھٽ آهي ظاهر ٿو ڪري ته سوچڻ واري جي ذهن ۾ شايد اڃا تائين ٽيھ ورهيه اڳ واري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ ڪامپليڪس يا پيچيده رسم الخط جي پروسيسنگ نسبتًا ڏکي هوندي هُئي. ڪمپيوٽر جي دنيا ڪٿان جو ڪٿي پهچي چڪي آهي. چيني رسم الخط اسان جي رسم الخط کان گھڻو گھڻو وڌيڪ پيچيده آهي پر اڄ جي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ان کي به بنان ڪنهن مشڪل جي پروسيس ڪري ٿي. عربي رسم الخط جي حوالي سان سنڌي جي ترقي ۾ ڪا رڪاوٽ درپيش ڪانهي. ٻيون آهن عملي مشڪلات. سڀ کان پهرين ته آهي سنڌي لاءِ رومن الفابيٽ جي ڪنهن ترتيب تي متفق ٿيڻ. مون کي ڪجھ ورهيه اڳ ڪن دوستن هندستان مان رومن الفابيٽ جو نمونو موڪليو ته ان متعلق پنهنجي راءِ ڏيان. مون ان تي غور ڪري ڏٺو ته ساڳيو مضمون جي مروجه سنڌي رسم الخط ۾ پيو لکيو ويو ته جي ان لاءِ 100 ڪي اسٽروڪز جي ضرورت پي پئي ته ان جي جاءِ تي اهو رومن ۾ لکڻ لاءِ 275 ڪي اسٽروڪز جي ضرورت پي پئي! مطلب ته ساڳيو مضمون سنڌي جي بجاءِ رومن اسڪرپٽ ۾ لکڻ ۾ تقريبًا ٽيڻو وقت لڳندو. سنڌي ٻولي جي مالڪي جو اهو حال آهي ته جيڪڏهن يونيڪوڊ ڪنسورشم وارا دنيا جي ٻين ٻولين وانگر سنڌي ٻولي کي پنهنجي ڪوڊپيج ۾ شامل نه ڪن ها (جيڪي ٻولي جي ڪمپيوٽر تي ترويج لاءِ سڀ کان بنيادي ۽ اڻٽر ضرورت آهي) ته اسان جي ٻولي جو اڄ به ڪمپيوٽر تي استعمال ممڪن نه هجي ها. اسان جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ٻولي جي اها مالڪي ڪئي آهي جو 25 ورهين گذرڻ بعد به، ٻولي لاءِ سپورٽ حاصل ڪري نه سگھيا آهن. جيڪڏهن قدرت اهو ڪم منهنجي هٿان نه ڪرائي ها ته شايد اسان جي ٻولي جو حال ڪمپيوٽر جي حوالي سان اهو هجي ها جيڪو بلوچي، سرائيڪي ۽ براهوي وغيره جو آهي جيڪي يونيڪوڊ ۾ شامل هوندي به ڪمپيوٽر ۾ عملي طرح استعمال ٿي نه ٿيون سگھن. ٻوليءَ جا ”محافظ“ ادارا سنڌي لاءِ ڪوڊپيج ٺاهڻ ته درڪنار، ٺهيل ڪوڊ پيج ۾ سنڌي لاءِ رڳو ڪاما ۽ سيمي ڪولن جي بدليل شڪل شامل ڪرائي ڪونه سگھيا آهن! اهڙي صورتحال ۾ سنڌي لاءِ نئون رومن اسڪرپٽ بيسڊ ڪوڊ پيج ٺهرائڻ ۾ گھڻا ورهيه لڳندا؟ اڄ چيني ٻولي جي پيچيده ترين اسڪرپٽ باوجود اها ڳالھ سندن ۽ سندن ٻولي جي ترقي جي راه ۾ رڪاوٽ ڪانه بڻي آهي. ٻئي طرف آئرش ۽ يورپ جون ٻيون ڪيئي ٻوليون رومن اسڪرپٽ استعمال ڪرڻ باوجود متروڪ ٿي رهيون آهن، مري رهيون آهن. رسم الخط يا ان کي تبديل ڪرڻ جا اجايا بحث ۽ فضول ڪوششون اسان کي ٻيو نه ته اصل اشوز ۽ حقيقتن کان غافل ڪرڻ جو ڪم پيون ڪن. اسان جي قوم ۽ ٻولي جي بقا ۽ ترقي جو دارومدار رسم الخط تي نه بلڪ ان تي آهي ته اسان پاڻ ڇا آهيون ۽ اسان ۾ اهي خصلتون ۽ اقدار آهن يا نه جيڪي قومن جي ترقي جو اصل سبب آهن.

    سوال: ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي نوجوان مستقبل ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ کي تيزي سان ايندڙ جدت سان مطابقت رکي هلڻ ۾ ڪامياب رهندا؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: ان سوال جو تعلق محض سنڌي ڪمپيوٽنگ سان نه آهي. ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ اڄ جا اهم ترين ٽُول آهن جن جو استعمال اڻٽر آهي. هر دور ۾، ترقي لاءِ، ان دور جي ٽُولز جو سگھارو ۽ ڪارآمد استعمال نه ڪبو ته اها قوم يا ٻولي پٺتي رهجي ويندي. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي به اهڙو ٽُول آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ استعمال ازحد ضروري آهي. انهيءَ طريقه سان اسان پاڻ کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪري ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا. سنڌي نوجوان ڪامياب ٿي سگھن ٿا، پر ٿيندا يا نه اهو سندن همت ۽ محنت تي دارومدار رکي ٿو. مان چوندس ته انشاالله ٿيندا جي همت ڪندا.
    (اضافي ترميم)
    اها محض هڪ سکڻي اميد ڪانهي پر مان اهو انڪري چوان ٿو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان اهو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. عبدالستار سمي (زرگر)، شبير ڪنڀار، عبدالعزيز مڱريي، ثناءُالله صارم مڱڻيجي ۽ ٻين سنڌي لاءِ خوبصورت فانٽ تخليق ڪري، امر فياض ٻرڙي سنڌي جي پهرين مڪمل طرح رِسپانسو ويبسائيٽ ٺاهي جيڪا هر لحاظ کان بين الاقوامي معيار مطابق آهي، توهان سنڌ سلامت جي سٿ جي نوجوانن هڪ بهترين سنڌي فورم ترتيب ڏيئي، ڪن دوستن اينڊرائڊ پليٽ فارم لاءِ ڪيبورڊ ٺاهي، ابنٽو ۽ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم جي سنڌي ٽرانسليشن جي سٿن ۾ شامل سنڌي نوجوانن جي بهترين ڪاوشن ۽ ان کان علاوه ٻين ڪيئي اهڙين ڪاميابين مان واضح طور ثابت آهي ته سنڌ جا نوجوان جي پنهنجين بهترين صلاحيتن جو صحيح رخ ۾ استعمال ڪن ته اهي هر ڪاميابي ماڻي سگھن ٿا. سوال ڪنهن وڏي ڪارنامي جو نه آهي، ضرورت آهي ته هر انسان پنهنجي صلاحيت پنهنجي ساٿي انسانن لاءِ بهترين طريقي سان استعمال ڪري بجاءِ ان کي منفي رخ ۾ استعمال ڪرڻ جي ضائع ڪرڻ جي.

    سوال: سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ماضي ۾ توهان جو رابطو بين الاقوامي اختياري ادارن سان رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ايشين لينگويج ريجن جو مائڪروسافٽ جو نمائندو اڄ به توهان جو ذڪر پنهنجي بلاگ ۾ ڪندو رهي ٿو. ان باوجود ونڊوز ايڪس پي کان پوءِ ايندڙ ڪنهن به ونڊوز ۾، ايستائين جو ونڊوز8 ۾ به سنڌي ڪيبورڊ شامل نه ٿي سگهيو آهي. ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ۽ ڇا ان سلسلي ۾ توهان ڪا مدد ڪري سگهو ٿا؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: مون ان ڏس ۾ سن 2000 کان پئي ڪوششون ڪيون آهن. هڪ فرد جي ڪوششن جي ڪي حدون آهن. پر مان ڪوشش ڪيان پيو ۽ جاري رکندس ته ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي (جنهن ۾ ونڊوز کان علاوه ميڪ، لنڪس، اينڊرائڊ ۽ پرسنل ڪمپيوٽر کان علاوه ٻيا ڊوائسز جهڙوڪ ٽيبليٽ ۽ سمارٽ فون به شامل آهن) ۾ مڪمل سپورٽ ملي.

    سوال: ڇا توهان سمجهو ٿا ته ايم بي سنڌي ڪي بورڊ تي ڪيز ۽ اکرن جي سيٽنگ پرفيڪٽ آهي؟ جيڪڏهن ڪا سُٺي صلاح اچي ۽ قابلِ عمل هُجي ته اوهان هن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ چاهيندؤ؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: ڪنهن ٻوليءَ لاءِ ضروري نه آهي ته صرف هڪ ڪيبورڊ لي آئوٽ هجي. جيڪڏهن ٻي ڪا قابل عمل ۽ سُٺي صلاح ايندي ته اهڙو لي آئوٽ به ٺاهبو ۽ ان لاءِ موجوده ڪيبورڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي به هروڀرو ضرورت ڪانهي. انگريزي جو مروجه ۽ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ڪيبورڊ به اسپيڊ ۽ سيٽنگ جي لحاظ پرفيڪٽ ڪونهي ۽ ٻيا لي آئوٽ آهن جن جي بهتر هجڻ جو به اعتراف ڪيل آهي، پر جيئن ته ورهين کان هڪڙو لي آئوٽ استعمال ٿيندو ٿو اچي ته عوام ان جو عادي ٿو ٿي وڃي. ٻيو ته سنڌي جو ڪيبورڊ ٺاهڻ مهل منهنجي ذهن ۾ اها ڳالھ هئي ته صوتي يعني آواز جي لحاظ کان ان کي انگريزي ڪيبورڊ سان مطابقت ڏيان ۽ هم آهنگ رکان. اهو ان لاءِ ضروري هو ته جيئن انگريزي ٽائپنگ ڄاڻندڙ بنان ڪنهن مشڪل جي ۽ وقت وڃائڻ جي سنڌي ڪيبورڊ جو استعمال سکي سگھن ۽ مهارت حاصل ڪن. ٻيو ته اسان بيڪ وقت انگريزي ۽ سنڌي ٻولي جو استعمال ڪيون ٿا ۽ اهڙن استعمال ڪندڙن لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ڪيبورڊ انگريزي سان هم آهنگ هجي. ها، البته جيڪڏهن ڪو استعمال ڪندڙ صرف ۽ صرف سنڌي استعمال ٿو ڪري ته ان لاءِ سنڌي جو مروجه ڪيبورڊ يقينًا اسپيڊ ۽ سولائي جي لحاظ کان پرفيڪٽ ڪونهي. پر اهڙا گھڻا استعمال ڪندڙ آهن؟ گھڻائي اهڙن استعمال ڪندڙن يعني يوزرز جي آهي جيڪي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي بيڪ وقت انگريزي ۽ سنڌي استعمال ڪن ٿا ۽ انهن لاءِ مروجه ڪيبورڊ بيحد موزون آهي.

    سوال: توهان جا تيار ڪيل فونٽ اڄ به باقي فونٽس ڪا ڪافي بهتر آهي پر انٽرنيٽ جي وسيع استعمال کان پوءِ ڇا توهان انهن ۾ ڪي غلطيون ڏٺيون آهن ۽ انهن جا ڪي اپڊيٽ ورجن رليز ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا؟ ۽ هڪ اهڙي فونٽ جي هر وقت ڪمي محسوس ڪئي وئي آهي جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي، اردو ۽ عربي لکائي کي درست ڏيکاري. ڇا ان سلسلي ۾ توهان جي To Do List۾ ڪو پروجيڪٽ آهي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: نه، فونٽ ۾ اهڙيون غلطيون ڪونهن، البته ڪن دوستن کان مروجه معيار جي حساب ۾ ڪي غلطيون ٿيون آهن. فونٽ جا اپڊيٽ ضرورت موجب ٿيندا رهندا. ارادو اٿم ته ايندڙ اپڊيٽ ۾ هڪ ئي فونٽ ۾ سنڌي کان علاوه عربي، فارسي، اردو ۽ سرائيڪي جي سپورٽ به ڏجي ۽ ڊائون لوڊ ٿيندڙ فائل ونڊوز انسٽالر جي بجاءِ نارمل يا زپ فارميٽ ۾ هجي ته جيئن اهي فونٽ ميڪنٽوش، ابنٽو ۽ اينڊرائڊ غرض هر آپريٽنگ سسٽم ۽ هر قسم جي ڊوائس (پي سي، ٽيبليٽ ۽ سمارٽ فون) ۾ انسٽال ۽ استعمال ڪري سگھجن.

    سوال: توهان جي نظر ۾ سنڌي جو ڪهڙو فونٽ بهتر ويب بيسڊ فونٽ آهي. جنهن کي ويب سائيٽس تي لڳائڻ جي ترتيب ۾ پهريون نمبر رکجي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: ان ۾ پسند ۽ ضرورت جو عمل دخل آهي. توهان منهنجي ويب سائيٽ تي استعمال ٿيل فونٽ مان منهنجي ذاتي ترجيح جو اندازو لڳائي سگھو ٿا. اڃا ڪوشش اٿم ته انٽرنيٽ ۽ ويب جي حوالي سان بهترين فونٽ تخليق ڪجي.

    سوال: ڇا سنڌي ڪمپيوٽنگ يا ان سان لاڳاپيل ڪنهن به شئي ۾ دلچسپي رکندڙ سنڌي پنهنجي ڊويلپمينٽ جي سلسلي ۾ مدد لاءِ اوهان سان رابطو ڪندا آهن؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: جي، بالڪل ڪندا رهندا آهن ۽ مان پنهنجي وت ۽ وس آهر سندن مدد ڪندو رهندو آهيان. ڪجھ عرصو اڳ ملائيشيا جي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي جي تحقيق ڪندڙ هڪ سنڌي دوست، جيڪو سنڌي او سي آر يعني آپٽيڪل ڪيرڪٽر رڪگنشن سافٽويئر تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي، تنهن مون کان ڪنهن مونجھاري متعلق صلاح ۽ مدد گھري هئي ۽ مون کي خوشي آهي ته هُن منهنجي مشوري کي لاڀائتو پاتو.

    سوال: موبائيل فون کان علاوه توهان سان تڪڙو رابطو ڪرڻ جا ذريعا؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: منهنجي ويبسائيٽ تي وڃي اتي جيڪي به ڪمينٽز لکي موڪلجن ٿا سي مون کي هڪدم ملن ٿا.

    سوال: سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان توهان وٽ ڪو هلندڙ پروجيڪٽ؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: مائڪرو سافٽ آفيس لاءِ سنڌي اسپيل چيڪر ۽ سنڌي سان گڏ عربي، فارسي، اردو ۽ سرائيڪي کي سپورٽ ڪندڙ فونٽ.

    سوال: هن توهان جي زير استعمال موجوده ڪمپيوٽر ۽ ان جي ڪنفگريشن؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: ميڪ بوڪ ايئر جنهن ۾ ونڊوز ۽ ابنٽو به انسٽال ٿيل آهن. 11.6 انچ اسڪرين، 128 گ ب هارڊ ڊسڪ ۽ 4 گ ب ريم. ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان زير استعمال آهي.

    سوال: توهان موبائل تي انٽرنيٽ هلائڻ کي ڪيئن ٿا ڏِسو؟ توهان جي زيرِ استعمال موجوده موبائيل فون سيٽ؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: مون وٽ اينڊرائڊ ٽيبليٽ ۽ فون آهن. انٽرنيٽ جي استعمال لاءِ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر کان وڌيڪ موزون آهن. سنڌي کي اينڊرائڊ موبائل فون ۽ ٽيبليٽ تي مڪمل سپورٽ آهي ۽ بهترين نموني استعمال ڪري سگھجي ٿي، سنڌي ويب سائيٽز ڏسي سگھجن ٿيو، سنڌي اي بوڪ پڙهي سگھجن ٿا وغيره. بلڪ اي پب فارميٽ جا اي بوڪ جن ۾ ڳولها يا سرچ به ڪري سگھجي ٿي ۽ جيڪو اي بوڪ لاءِ موزون ترين فارميٽ آهي، تن کي پڙهڻ لاءِ اينڊرائد ٽيبليٽ ۽ موبائل فون، ڪمپيوٽر کان وڌيڪ موزون آهن.

    سوال: سنڌي جي ڪهڙ ويب سائٽ آهي جنهن جو اوهان وڌ ۾ وڌ ڀيرو ڀڃيو ٿا؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: في الوقت انٽرنيٽ تي ايترو وقت ڪونه گذرندو آهي. پنهنجي ويب سائيٽ تي به ان ڪري ويندو آهيان ته ان کي ٽيسٽ ڪيان ۽ بهتر بڻايان.

    سوال: توهان جي نظر ۾ ڪمپيوٽر لاءِ ڪو اهڙو سافٽويئر، ايپليڪيشن يا ٽول جنهن کان سواءِ گذارو ممڪن نه هجي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: منهنجي نظر ۾ سافٽويئر يا ايپليڪيشن ته ڇڏيو، خود ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ کان بنان به گذارو ممڪن آهي. آخر دنيا صدين جون صديون ان کان بغير رهي آهي. پر منهنجي سڀني ڊوائسز ۾ جيڪا شئي مشترڪه آهي سا آهي منجھن سنڌي ٻولي جي اهليت.

    سوال: ڪمپيوٽر ۽ موبائيل کان علاوه ڪو اهڙو آئيٽم جنهن کان سواءِ گذارو ممڪن نه هجي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: جيئن مٿي عرض ڪيم، ڪمپيوٽر ۽ موبائل منهنجي لاءِ اهڙيون شيون نه آهن جن کان سواءِ گذارو ممڪن نه هجي. منهنجي لاءِ اهي ٽولز آهن جن کي مان ضرورت پٽاندر استعمال ڪندو آهيان. شڪر آهي جو مان انهن ۽ ٻين گيجيٽز gadgets تي مڪمل انحصار کان آجو آهيان ۽ مان ڏينهن جا ڏينهن، هفتن جا هفتا بلڪ ضرورت پوي ته پوري زندگي به انهن کان بغير گذاري سگھان ٿو. مان ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو استعمال ضرور ڪندو آهيان پر ڪمپيوٽر فريڪ computer freak نه آهيان.

    سوال: توهان جي زيرِ استعمال ڪو اهڙو سافٽويئر جيڪو توهان جي ڪمن (to do list) کي هڪ ترتيب ۾ رکندڙ هجي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: زندگي کي هرو ڀرو ايترو پيچيده به نه بڻايو اٿم، تنهنڪري عام طرح ذهن يا دماغ کان ئي ڪم وٺندو آهيان. ڪڏهن ضرورت لاءِ گوگل ڪيلينڊر استعمال ڪندو آهيان جنهن کي ان لاءِ مناسب ۽ موزون ڄاتو اٿم.

    سوال: ڇا توهان جو ڪمپيوٽر تي ويهڻ جو ڪو مقرر وقت آهي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: نه.

    سوال: انٽرنيٽ استعمال ڪندي توهان جو گهڻو وقت ڇا تي گذري ۽ ڇا وقت بچائڻ جي ڪا ٽرڪ؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: اي ميل چيڪ ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ. وقت جي صحيح استعمال لاءِ ضروري آهي ته انسان پنهنجيون ترجيحات درست ڪري. زندگي ۽ ان جي معنويت ۽ مقصد جي لحاظ کان جيڪا شئي جيتري وڌيڪ اهم آهي، ان کي اوتروئي وڌيڪ وقت، ڌيان ٻين لفظن ۾ پنهنجو وجود ڏيڻ جي ضرورت آهي. زندگي ۾ انسان جو اهو ئي سرمايو آهي. ان جو ٿلهو مثال هئين ڏيئي سگھجي ٿو ته جيڪڏهن مون وٽ هڪ محدود رقم آهي ته مان ان جو استعمال ڪيئن ڪندس؟ جيڪو انسان اهڙي رقم پنهنجي بنيادي ضرورتن کي نظرانداز ڪندي اجاين شين تي خرچ ڪندو ته هر ڪو ان کي بيوقوف سڏيندو ۽ ان جي اهڙي اجائي خرچ جو نتيجو ۽ نقصان به هڪدم مٿس واضح ٿيندو. پر اسان پنهنجي زندگي ۽ ان جا ازحد قيمتي پر محدود لمحا اسان ڪيئن ٿا خرچ ڪيون تنهن جو احساس ۽ تنهن جا نتيجا في الوقت نگاه کان اوجھل هوندا آهن. پنهنجي وقت، پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ڌيان جو صحيح استعمال ئي اصل ڏاهپ آهي جنهن کان بغير ٻيون وقت بچائڻ جون ٽِرڪس ۽ اٽڪلون درحقيقت بي معنىٰ آهن.


    سوال: اوهان ڇا ٿا سمجهو ته ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جو ڦهلاءُ گهٽ ڇو آهي؟ مثال طور ٽيبليٽ ۾ سنڌي نه اچي سگهڻ؟

    عبدالماجد ڀرڳڙي: ٽيبليٽ ۾ سنڌي آهي، ويب سائيٽز ڏسي سگھجن ٿيون، سنڌي لکي ۽ پڙهي سگھجي ٿي. ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءُ، ترقي ۽ واڌاري جي دارومدار ان تي آهي ته اسان سنڌي پنهنجي ٻوليءَ کي ڪيترو ٿا پنهنجو ڪيون ۽ ان جو ڪيترو استعمال ڪمپيوٽر، ٽيبليٽز ۽ موبائز تي ٿا ڪيون.

    سوال: سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان سنڌ سلامت جي پروجيڪٽس کي توهان ڪيئن ٿا ڏِسو؟ اوهان جي انهن جي بهتري لاءِ ڪا صلاح يا مشورو؟

    عبدالماجد ڀرڳڙي: Keep up the good work. سٺو ڪم جاري رکو.

    سوال: پاڻ بابت ڪو اهڙو جملو جيڪو توهان جي نمائندگي ڪندڙ هجي؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: مان سچل سائين جا لفظ اڌارا وٺندي اهو ئي چوندس ته

    ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي
    مان جو ئي آهيان، سو اي آهيان.

    سوال: توهان جي پسنديده شخصيت؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي:
    جکري جيهو جوان، ڏسان نه ڪو ڏيهه ۾؛
    مهڙ مڙني مرسلين جو، سرس سندس شان؛
    فڪان قاب قوسين، ايءُ ميسر ٿيس مڪان؛
    ايءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
    اها ئي شخصيت جنهن جو ذڪر شاه سائين مٿين بيت ۾ ڪيو آهي، يعني مُحمَّد مصطفىٰ.

    سوال: ڪا اضافي ڳالهه جيڪا توهان سنڌ سلامت جي ذريعي سنڌ سلامت جي رڪنن ۽ سمورن سنڌين تائين پيغام جي صورت ۾ ٻڌائڻ چاهيندا هجو؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: ٻوليءَ جو جيڪو توهان تي حق آهي سو ادا ڪيو، سنڌي جو ڪمپيوٽر، ٽيبليٽز، موبائلز ۽ انٽرنيٽ تي وڌ ۾ وڌ استعمال پاڻ به ڪيو ۽ ٻين کي به ان لاءِ ترغيب ڏيو ته جيئن پنهنجي ٻولي جي وجود کي مڃرايون. جيڪڏهن ان ۾ ڪا ڪوتاهي ٿي ۽ ان ڪوتاهي جي نتيجي ۾ ٻوليءَ کي ڇيهو رسيو ته ايندڙ نسلون ۽ تاريخ اسان کي ئي ان لاءِ مورد الزام ڄاڻائيندي.
    ياد رکو ته هي سنڌي جو ڪمپيوٽر ۽ نيٽ تي استعمال رڳو ڪمپيوٽر ۽ نيٽ سان لاڳاپيل نه آهي، بلڪ هاڻي ۽ هن دور ۾ اسان جي ٻولي، تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ ورثي يعني اسان جي بحيثيت قوم بقا سان پوري طرح ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهي ۽ ان کي ايئن ڪري سمجھڻ گھرجي. ڪمپيوٽر ۽ انٽرينٽ تي سنڌي جي استعمال جا اثرات ايترا ته اهم ۽ دور رس آهن جو ان جو احاطو ڪرڻ هن وقت ممڪن ئي ڪونهي ۽ صرف وقت ئي ان جي پوري طرح نشاندهي ڪري سگھندو. توهان رڳو پوئتي ڦري سنڌي ڪمپيوٽنگ جي گذشته پنجويهن سالن جي تاريخ تي نظر ڦيرايو ۽ ڪاٿو ڪيو ته اسان جي اشاعت ۽ ابلاغ جي ذريعن ۾ ۽ گذشته ڏهاڪي ۾ جيڪي اسان جي سماجي رابطن جي سلسلي ۾ انقلاب ۽ تبديليون آيون آهن ۽ ڪيئن ان اسان جي زندگي کي ڇُهيو آهي ۽ تبديل ڪيو آهي ته ان مان توهان کي ڪجھ اندازو ٿيندو ته سنڌي جي ڪمپيوٽر تي استعمال جو اسان فردن تي ۽ اسان جي زندگين ۽ سماج تي ڇا اثر پيو آهي. هڪ لحظي لاءِ تصور ڪيو ته انهن اثرات ۽ تبديلين مان ڪابه ڪانه ٿي آهي ۽ اڄ به اسان سنڌي ڪمپيوٽنگ کان اڳ واري دور ۾ آهيون، جيئن اسان وٽ اهي قومون آهن جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جو استعمال ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي نه ٿيون ڪري سگھن. تڏهن ئي توهان هن تبديلي جي اسان جي سماج ۽ معاشري غرض ان جي هر پهلو تي ٿيل اثر جو ۽ اهو اثر ۽ تبديليون جيڪي ان هڪڙي شئي جي ڪري مستقبل ۾ ٿيڻيون آهن پر اڃا آئيندي جي پردن ۾ لڪل آهن، تن جي باري ڪنهن هنڌ تائين اندازو لڳائي سگھندو. مان ڌڻي جو شڪرگذار آهيان جو پروردگار مون هيڻي هٿان اهو ڪم ڪرايو.

    توهان دوستن، مهربانن جي محبتن، دعائن ۽ نيڪ تمنائن جي طالب ۽ گھرجائو
    عبدالماجد ڀرڳڙي


    پنهنجي مصروف شيڊيول مان وقت ڏيڻ لاءِ توهان جا لک ٿورا۔۔۔ توهان جي جنم ڏينهن تي پوري سنڌ سلامت ساٿ طرفان توهان کي واڌايون ۽ نيڪ تمنائون پيش پون گڏ اسان جي دعا آهي ته رب پاڪ توهان کي اڃان وڌيڪ عزت، همت ۽ سگهه عطا فرمائي ۔۔۔ ته پنهنجا ايندڙ اڻپورا پروجيڪٽ مڪمل ڪري سگهو۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 فيبروري 2014
    20 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ سلامت سٿ کي شاباس هجي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    375
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    سائين عبدالماجدجي ههڙي بهترين انٽرويو ۽ سندن جنم ڏينهن جون سموري سنڌسلامت سٿ ۽ ٻين ساٿين کي تمام گهڻيون مبارڪون۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    498
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سنڌ سلامت ٽيم جي هڪ ٻي شاندار پرفارمنس، بهترين انٽرويو جيڪو سنڌي ٻولي جي لا ڪم ڪندڙن لا همٿائيندڙ هجڻ سان گڏ مشعل راهه آهي، ٽيم کي اهڙو ڪارائتو انٽرويو وٺي بهترين انداز سان پيش ڪرڻ تي واڌايون ۽ سائين عبدالماجد صاحب کي سندن جنم ڏينهن جون کوڙ واڌايون شل قبول پون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    281
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    بغير ڪنهن شڪ جي ڀرگڙي صاحب سنڌي لاءِ اهو ڪم ڪري جيجل ما جو قرض لاهي ڇڏيو آهي۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڪولاچي عبدل

    ڪولاچي عبدل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    58
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    بهترين ونڊ ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين ماجد صاحب جا ٿورا جو پاڻ سنڌ لاء وقت ڪٺي سوالن جا جواب ڏنائون۔

    مونکي اهو پڙهي خوشي ٿي ته سنڌي اسپيل چيڪر جهڙو اهم پروجيڪٽ به ماجد صاحب وٽ آهي، جنهن تي ڪم ڪن پيا۔

    اسان جون دعائون ته پاڻ ڊگهي ڄمار ماڻين، سدا خوش هجن ۽ ٻولي لاء پنهنجون ڪاوشون جاري رکن۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اللہ تعالی سائین کی همیشه خوش رکی۔ سچ ته اج سنده سلامت سائین جو انٹرویو کری دل خوش کئی آهی۔ جاری رکو۔ سائین رشید شروع م 3 نالا ڈنا آهن بهلا اکیلی سر سائین انٹرویو نه پیا وٹهی سگهن چها؟!!
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,648
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن مٿي هڪ موجود سوال جي جواب ۾ اضافي ترميم جي اي ميل موڪلي آهي جيڪا مٿي سندس انٽرويو ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۔۔ پر دوست جي سهولت لاءِ هتي پڻ پيش ڪجي ٿي۔۔

    سوال: ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي نوجوان مستقبل ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ کي تيزي سان ايندڙ جدت سان مطابقت رکي هلڻ ۾ ڪامياب رهندا؟
    عبدالماجد ڀرڳڙي: ان سوال جو تعلق محض سنڌي ڪمپيوٽنگ سان نه آهي. ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ اڄ جا اهم ترين ٽُول آهن جن جو استعمال اڻٽر آهي. هر دور ۾، ترقي لاءِ، ان دور جي ٽُولز جو سگھارو ۽ ڪارآمد استعمال نه ڪبو ته اها قوم يا ٻولي پٺتي رهجي ويندي. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي به اهڙو ٽُول آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ استعمال ازحد ضروري آهي. انهيءَ طريقه سان اسان پاڻ کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪري ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا. سنڌي نوجوان ڪامياب ٿي سگھن ٿا، پر ٿيندا يا نه اهو سندن همت ۽ محنت تي دارومدار رکي ٿو. مان چوندس ته انشاالله ٿيندا جي همت ڪندا.
    (اضافي ترميم)
    اها محض هڪ سکڻي اميد ڪانهي پر مان اهو انڪري چوان ٿو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان اهو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. عبدالستار سمي (زرگر)، شبير ڪنڀار، عبدالعزيز مڱريي، ثناءُالله صارم مڱڻيجي ۽ ٻين سنڌي لاءِ خوبصورت فانٽ تخليق ڪري، امر فياض ٻرڙي سنڌي جي پهرين مڪمل طرح رِسپانسو ويبسائيٽ ٺاهي جيڪا هر لحاظ کان بين الاقوامي معيار مطابق آهي، توهان سنڌ سلامت جي سٿ جي نوجوانن هڪ بهترين سنڌي فورم ترتيب ڏيئي، ڪن دوستن اينڊرائڊ پليٽ فارم لاءِ ڪيبورڊ ٺاهي، ابنٽو ۽ ونڊوز آپريٽنگ سسٽم جي سنڌي ٽرانسليشن جي سٿن ۾ شامل سنڌي نوجوانن جي بهترين ڪاوشن ۽ ان کان علاوه ٻين ڪيئي اهڙين ڪاميابين مان واضح طور ثابت آهي ته سنڌ جا نوجوان جي پنهنجين بهترين صلاحيتن جو صحيح رخ ۾ استعمال ڪن ته اهي هر ڪاميابي ماڻي سگھن ٿا. سوال ڪنهن وڏي ڪارنامي جو نه آهي، ضرورت آهي ته هر انسان پنهنجي صلاحيت پنهنجي ساٿي انسانن لاءِ بهترين طريقي سان استعمال ڪري بجاءِ ان کي منفي رخ ۾ استعمال ڪرڻ جي ضائع ڪرڻ جي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو