ادا مون پنهنجي سسٽم ۾(ايزي بي سي ڊي جي مدد سان) ڊيوئل بوٽ آپريٽنگ سسٽم انسٽآل ڪيا آهن.سي ڊرائيو۾ ونڊوز ايڪس پي ،ڊي ڊرائيو۾ ونڊوز وستا انسٽال ڪيو آهي .هاڻي مان انهن مان هڪ کي ڊيليٽ ڪرڻ ٿو چاهيان .انهي جو ڪو طريقو ٻڌائينداته اهو ڪيئن ختم ڪيان .جيڪڏهن ڊي ڊرائيوکي فارميٽ ٿو ڪيان ته اها به فارميٽ نه پئي ٿئي. ساٿ سلامت
توهان سي ڊرائيو ۾ وڃي يعني ايڪس پي ونڊو هلائي پوء ڊي ڊرائيو کي فارميٽ ڪيو اگر پوء به نه ٿئي ته ڊاس ۾ وڃي فارميٽ ڪيو اڃا به نه ٿئي ته بوٽ ميجڪ ذريعي فارميٽ ڪيو۔
ادا توهان جا ڏنل ٻئي طريقا آزمايا اٿم،يعني سي ڊرائيو ۾ وڃي ۔ان کان علاوه ڊاس ۾ وڃي به فارميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم پر فارميٽ نه ٿي ٿئي،بوٽ ميجڪ جي باري ۾ مون کي ڪا ڄاڻ نه آهي ۔مهرباني ڪري اسڪرين شاٽ ذريعي سمجهائيندا ته توهان جا قرب۔
ان سلسلي ۾ جيڪا ونڊوز توهان برقرار رکڻ چاهيو جهڙوڪ هتي ايڪس پي برقرار رکندي سمجهائجي ٿو۔۔ ايڪس پي ونڊوز ذريعي بوٽ ٿي ڊيسڪ ٽاپ تي اچو ۽ سسٽم پراپرٽيز کوليو۔۔ ان لاءِ رن پروگرام کولي sysdm.cpl لکي انٽر ڪريو يا وري ماءِ ڪمپيوٽر تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري پراپرٽيز تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ کلندڙ ونڊوز منجها ايڊوانس ٽيب چونڊيو جتان اسٽارٽ اپ اينڊ ريڪوري جي سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو ۽ کلندڙ ونڊوز مان اسٽارٽ اپ آپريٽنگ سسٽم جي سيٽنگ واري ايڊٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔ توهان جي سامهون نوٽ پيڊ فائيل ۾ ٻن آپريٽنگ سسٽم جي سيٽنگ ظاهر ٿيندي۔۔ هتان ٽيون نمبر لائين ۾ partition(2)\windows کي تبديل ڪندي partition(1)\windows ۾ آڻيو ۽ ونڊز وستا ٻڌائيندڙ آخري لائين کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيو۔۔ جنهن کان پوءِ سيٽنگ ڪجهه هن طرح ٿي پوندي هاڻي فائيل کي محفوظ ڪندي ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ توهان ڏنسدو ته توهان کان اسٽارٽ اپ ۾ ونڊوز چونڊڻ بابت نه پڇيو ويندو ۔۔ سسٽم بوٽ ڪري ڊيسڪ ٽاپ تي اچي ته ماءِ ڪمپيوٽر کولي ڊي ڊرائيو کي کولڻ بنا ئي فارميٽ ڪري ڇڏيو۔۔۔ هاڻي توهان جي ڪمپيوٽر مان ونڊوز وستا مڪمل طور ختم ٿي چڪي هوندي۔۔۔ جي ڳالهه اڃان به سمجهڻ ۾ ڏکي هجي ته هي وڊيو ڏسو۔۔۔
ادا ٽاڪس منيجر ۾ وڃي ايڊمنسٽر جون سڀ هلندڙ اپليڪيشنون ختم ڪيو ۽ پوءِ توهان فارميٽ ڪيو آرام سان ٿي ويندي