ڊيوئل بوٽ آپريٽنگ سسٽم

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ prince طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2014۔

  1. prince

    prince
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2010
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ادا مون پنهنجي سسٽم ۾(ايزي بي سي ڊي جي مدد سان) ڊيوئل بوٽ آپريٽنگ سسٽم انسٽآل ڪيا آهن.سي ڊرائيو۾ ونڊوز ايڪس پي ،ڊي ڊرائيو۾ ونڊوز وستا انسٽال ڪيو آهي .هاڻي مان انهن مان هڪ کي ڊيليٽ ڪرڻ ٿو چاهيان .انهي جو ڪو طريقو ٻڌائينداته اهو ڪيئن ختم ڪيان .جيڪڏهن ڊي ڊرائيوکي فارميٽ ٿو ڪيان ته اها به فارميٽ نه پئي ٿئي.

    ساٿ سلامت
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    توهان سي ڊرائيو ۾ وڃي يعني ايڪس پي ونڊو هلائي پوء ڊي ڊرائيو کي فارميٽ ڪيو اگر پوء به نه ٿئي ته ڊاس ۾ وڃي فارميٽ ڪيو اڃا به نه ٿئي ته بوٽ ميجڪ ذريعي فارميٽ ڪيو۔
     
  3. prince

    prince
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2010
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ادا توهان جا ڏنل ٻئي طريقا آزمايا اٿم،يعني سي ڊرائيو ۾ وڃي ۔ان کان علاوه ڊاس ۾ وڃي به فارميٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم پر فارميٽ نه ٿي ٿئي،بوٽ ميجڪ جي باري ۾ مون کي ڪا ڄاڻ نه آهي ۔مهرباني ڪري اسڪرين شاٽ ذريعي سمجهائيندا ته توهان جا قرب۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان سلسلي ۾ جيڪا ونڊوز توهان برقرار رکڻ چاهيو جهڙوڪ هتي ايڪس پي برقرار رکندي سمجهائجي ٿو۔۔
    ايڪس پي ونڊوز ذريعي بوٽ ٿي ڊيسڪ ٽاپ تي اچو ۽ سسٽم پراپرٽيز کوليو۔۔ ان لاءِ رن پروگرام کولي sysdm.cpl لکي انٽر ڪريو يا وري ماءِ ڪمپيوٽر تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري پراپرٽيز تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    کلندڙ ونڊوز منجها ايڊوانس ٽيب چونڊيو

    [​IMG]

    جتان اسٽارٽ اپ اينڊ ريڪوري جي سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو ۽ کلندڙ ونڊوز مان اسٽارٽ اپ آپريٽنگ سسٽم جي سيٽنگ واري ايڊٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔

    [​IMG]

    توهان جي سامهون نوٽ پيڊ فائيل ۾ ٻن آپريٽنگ سسٽم جي سيٽنگ ظاهر ٿيندي۔۔

    [​IMG]

    هتان ٽيون نمبر لائين ۾ partition(2)\windows کي تبديل ڪندي partition(1)\windows ۾ آڻيو ۽ ونڊز وستا ٻڌائيندڙ آخري لائين کي ڊيليٽ ڪري ڇڏيو۔۔ جنهن کان پوءِ سيٽنگ ڪجهه هن طرح ٿي پوندي

    [​IMG]

    هاڻي فائيل کي محفوظ ڪندي ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ توهان ڏنسدو ته توهان کان اسٽارٽ اپ ۾ ونڊوز چونڊڻ بابت نه پڇيو ويندو ۔۔ سسٽم بوٽ ڪري ڊيسڪ ٽاپ تي اچي ته ماءِ ڪمپيوٽر کولي ڊي ڊرائيو کي کولڻ بنا ئي فارميٽ ڪري ڇڏيو۔۔۔

    [​IMG]
    هاڻي توهان جي ڪمپيوٽر مان ونڊوز وستا مڪمل طور ختم ٿي چڪي هوندي۔۔۔ جي ڳالهه اڃان به سمجهڻ ۾ ڏکي هجي ته هي وڊيو ڏسو۔۔۔:)

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 فيبروري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ادا ٽاڪس منيجر ۾ وڃي ايڊمنسٽر جون سڀ هلندڙ اپليڪيشنون ختم ڪيو ۽ پوءِ توهان فارميٽ ڪيو آرام سان ٿي ويندي

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو