• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سچائي جو انعام

ALI AKBAR SHAR

سينيئر رڪن
http://daharkiweb.com/ketabghar-book-1-kahanio.htm
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ بادشاه هو جنهن کي اولاد ڪون هو جڏهن هو پوڙهو ٿيو ته هن کي سوچ ورايو ته منهنجي تخت و تاج جو وارث ڪير ٿيندو؟ پر هڪ ڏينهن بادشاه اعلان ڪيو ته هو هڪ ٻار هنجهه وٺڻ چاهي ٿو جيڪو بعد ۾ تخت و تاج جو وارث ٿيندو. تمام ملڪن مان ڪجهه ٻار پسند ڪيا ويا ۽ هڪ شرط رکيو ويو ته هر هڪ ٻار کي هڪ ٻج ڏنو ويندو جنهن ٻار جي پوکيل ٻج مان خوبصورت گل ڦٽندو اهو بادشاه جو وارث ٿيندو. سونگ چن نامي هڪ ٻار هو جنهن به بادشاه کان هڪ ٻج ورتو ۽ گهر اچي گملي ۾ پوکي ڇڏيو ڪجهه هفته گذرڻ باوجود ان گملي ۾ ٻوٽو ظاهر ڪون ٿيو ۽ سونگ چن هڪ دفعو ٻيهر پري کان مٽي کڻي اچي گملي ۾ وڌي ۽ روزانو پاڻي ڏيڻ لڳو پر وري به هڪ ميهنو گذرڻ باوجود گملي ۾ ٻج ڪون ڦوٽو مقرر تاريخ تي سب ٻار بادشاه جي محل ۾ گڏ ٿيا سڀني جي هٿن ۾ خوبصورت گل هئا پر سونگ چن وٽ خالي گملو هو بادشاه جڏهن گل ڏسندو ڏسندو سونگ چن وٽ آيو ته سوال ڪيائين تو هي خالي گملو ڇو کڻي آيو آهين سونگ چن جواب ڏنو بادشاه سلامت مان تمام ڪوشش ڪئي پر توهان جو ڏنل ٻج هن گملي مان به ڦوٽو. ان تي بادشاهه سلامت جواب ڏنو ته مان سڀ ٻارن کي ٻج اٻريل ڏنو هو جيڪو بيڪار هو پر تو ان ۾ ڪمياب ٿي ويو آهي ٻين ٻارن خراب ٻج جي بدران سٺا ٻج پوکيا آهن ۽ تو غلط حرڪت ناهي ڪئي. سونگ چن کي سچائي جو انعام ملي ويو هو


http://daharkiweb.com/ketabghar-book-1-kahanio.htm
 
Back
Top