منهنجي ڳوٺ جا مسئلا

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ حسن عسڪري طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2014۔

  1. حسن عسڪري

    حسن عسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2014
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان جو ڳوٺ پرو کوسو (ستون ميل) ضلعي بدين جي ماتلي تعلقي ۾ ٽنڊو غلام علي روڊ تي ٻڌل آهي هن ڳوٺ ۾ تقريبن 200 گهر آهن سڀ گهر کوسا برادري جا آهن جيڪي تقريبن هڪ ٻئي جا رشتيدار ۽ پاڻ ۾ مٽ مائٽ آهن هن ڳوٺ جا ڪجھ مسئلا آهن جيڪي وس وران وٽ پهچڻ لاء هن سائيٽ جو سهارو وٺي رهيا آهيون
    هي ڳوٺ تمام قديمي هوندي به بنيادي ضرورتن کان محروم آهي هن ڳوٺ ۾ اڄ کان 4 سال پهرين بجلي جهڙي سهولت پ پ پ جي ايم پي اي مير بابو جي ڪوششن سان ميسر ٿي پر انهي کان علاوه هن وقت تائين ٻي ڪا به سهولت نه ملي سگهي آهي هن ڳوٺ ۾ روڊ جهڙي سهولت به نه آهي جنهن جي ڪري ٿورڙي برسات پوڻ کان بعد هن ڳوٺ جو شهرن سان رابطو ڪٽجي وڃي ٿو ۽ هن ڳوٺ ۾ مٺي پاڻي جي سهولت به نه آهي جنهن ڪري ڳوٺ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاء پري پري يا وري شهر مان پيسن تي وٺي اچڻ تي مجبور ٿين ٿا ۽ انهي کان علاوه تعليم گيس بيروزگاري هن ڳوٺ جا مسئلا آهن وس وارن کي اپيل ٿي ڪجي ته هن وسندي کي سڌاريو وڃي مهرباني۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي ڳالهه ميڊيا تائين ضرور پهچائبي،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هونءَ ته سموري سنڌ جي ساڳي حالت آهي، بلڪ اوهانجي ڳوٺ ۾ بجلي ته آهي ڪيترن ڳوٺن ۾ ته اڃان اونده انڌوڪار آهي، بدين ۽ ٿر جو کوسا قبيلو تمام بهادر ۽ ڏاهو رهيو آهي، جن انگريزن سان جنگ جوٽي هئي، پر افسوس جو جنهن سنڌ لاءِ اسين سڀ وڙهياسون اها پنهنجن هٿن ۾ ناهي، ٻي ڳالهه جيڪا اهميت رکي ٿي ته اسين پاڻ سڀ قبيلا سست ۽ قومي ڏاهپ کان وانجهايل آهيون، انڪري اسين پنهنجن ڳوٺن يا شهرن کي پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪا مدد نه ڪري سگهيا آهيون۔

    حڪومت سان گڏ اوهان سڀ ملي جلي جيڪڏهن پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ چاهيو ته ڪيتري حد تائين اوهان جي ڳوٺ ۾ سونهن پئدا ٿي سگهي ٿي۔

    الله ڏاهي مَ ٿيان ۔۔۔
     
  4. حسن عسڪري

    حسن عسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2014
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني سائين توهان جي ڳالھ صحيح آهي پر منهنجو هن فورم تي اهو ڪجھ لکڻ صرف ان لاء آهي ته وس وارن جي ڪرتوتن جي خبر پوي ۽ اسان جي سنڌي اٻوجھ قوم ڪجھ هوش ۾ اچي ۽ هر ڪنهن کي ووٽ نه ڏئي۔
     
  5. حسن عسڪري

    حسن عسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 جنوري 2014
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني سائين همت افزائي جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو