هڪ شهر جي هوٽل ۾ هڪ سياح (گهمڻ وارو) آيو، اُن مالڪ کي ڪمرو ڏيکارڻ جي لاءِ چيو، مالڪ اُن کي هڪ بهترين وي آءِ پي ڪمري جي چاٻي ڏني ۽ ڪمري جو ڏس به ڏنو، ايڊوانس جي طور هُن سياح 100 ڊالر جو نوٽ ڪائونٽر تي رکيو ۽ ڪمرو ڏسڻ هليو ويو۔ اُن وقت هڪ ڪاسائي جنهن جو هوٽل مالڪ سان ڪانٽريڪٽ هو، اهو پنهنجا پئسا وٺڻ آيو، مالڪ اهو 100 جو نوٽ کڻي ان ڪاسائي کي ڏنو ڇو ته کيس اُميد هئي ته سياح کي ڪمرو ضرور پسند ايندو۔ ڪاسائي خوش ٿي هليو ۽ اُهو ساڳيو 100 جو نوٽ قرض لاهڻ لاءِ اُن هڪ جانور سپلائي ڪندڙ همراهه کي ڏنو۔ جانور سپلائي ڪندڙ همراهه هڪ ڊاڪٽر جو قرضي هو جنهن کان هُن علاج ڪرايو هو ۽ پئسا نه هجڻ ڪري سندس قرضي هيو۔ اتفاق سان اهو ڊاڪٽر اُن ساڳئي هوٽل ۾ رهندڙ هو، جنهن وٽ پڻ ڪمري جو خرچ ادا ڪرڻ لاءِ پئسا نه هئا، اُن ترت ئي اهي پئسا اچي اُن هوٽل جي مالڪ کي اچي ڏنا۔ اهڙي طرح اهي پئسا ساڳئي ڪائونٽر تي اچي پهتا۔ اهو سو ڊالر جو نوٽ ساڳئي ڪائونٽر تي ئي پيل هو ته مٿئين ڪمري ۾ ويل متوقع گراهڪ هيٺ واپس لهي آيو ۽ اُن هوٽل مالڪ کي ڏسيو ته مون کي ڪمرو پسند نه آيو، ان بعد مالڪ کيس 100 ڊالر واپس ڏنا ۽ هُو موٽي ويو۔ اڪنامڪ جي هن ننڍڙي ڪهاڻي ۾ نه ڪنهن ڪجهه ڪمايو ۽ نه وري ڪنهن ڪجهه وڃايو پر 100 جي هن نوٽ سان ڪيترن ئي ماڻهن جو قرض ادا ٿي ويو۔ حاصل مطلب هي ته پئسن تي نانگ ٿي نه ويهجي بلڪه انهن کي اڳتي وڌائجي، ڇو ته ان ۾ عوام جي فلاح آهي۔
پر هڪ ڳالهه ته ٻڌايو !؟؟؟؟؟ سياح جيڪو ڪمرو ڏسڻ ويو هئو سو هوٽل کان ڪيترو پري هو ؟ مطلب ته سياح هوٽل ۾ ويو ۽ پويان ان جي نوٽ گهڻن ئي ماڻهن جو قرض لاهي ورتو !!؟ ڪهاڻي لاجواب آهي پر سوچڻ جي ضرورت آهي
ڳالهه سوچڻ کان وڌيڪ سمجهڻ لاءِ آهي... حاصل مطلب ته پئسا جيسين کيسي ۾ هوندا آهن تيسين بي آرامي هوندي آهي... سڪون تڏهن ئي ملي جڏهن کيسو خالي هجي... ان ڪري کيسا خالي رکو ۽ پنهنجي ۽ ٻين لاءِ سڪون خريد ڪريو.. پوءِ به خبر ناهي ڇو منهنجو هڪ دوست ڪنجوس سڏائڻ ۾ وڌيڪ خوش آهي..
بلڪل صحيح ٿا چئو، شايد توهان پاڪستان جي هوٽلن واري سوچ جي عڪاسي ڪئي آهي، ورنه ٻاهرئين ملڪن ۾ گراهڪ جيستائين تسلي نه ٿو ڪري تيستائين ڪمرو سندن نانءُ نه ٿو ٿئي، وڌيڪ اسان جا اهي دوست رهنمائي ڪن جيڪي ٻاهرئين ملڪن ۾ گهڻو رهيا آهن، جيئن علي ظفر، عبدالحفيظ،
پاڻ صلعم جي حديثِ اطهر آهي ته دولت جي مثال رت جي مثال آهي ان جي گردش ضروري آهي. هاني جي هن حديث تي تبصرو ڪجي ته شايد هڪ عليحده مضمون ٿي وڃي پر جي ان تي مختصر ڳالهائجي ته اها به هڪ حقيقت آهي ت جيئن چوندا آهن ته رت جي جسم ۾ ڄمي وڃي ته موت يقيني آهي ۽ جي وري رت جسم مان نڪري وڃي ته به موت يقيني آهي . رت جو جسم ۾ گردش ڪرڻ ئي زندگي جي علامت آهي. جنهن سماج ۾ وهنوار وڏيڪ هلندو آهي اهو سماج ترقي جون منزلون طع ڪندو رهندو آهي ان سماج جو هر طبقو خوشحال رهندو آهي پر جنهن سماج ۾ دولت صرف مخصوص ماڻهن جي هٿ چڙهي وڃي ته اها قوم يا سماج تباهي جي در تي نظر ايندي آهي جيئن اڄ اسان جي حالت آهي اسان جي ملڪ جي شاهوڪار طبقي جو تعداد چند ماڻهن تي آهي انهن وري هن ملڪ جي اندر بي يقيني واري صورتحال جي ڪري پنهنجي دولت ٻين ملڪن ۾ جمع ڪرائي آهي يعني اسان جي دولت جيڪا بين ملڪن ۾ پئي آهي ان مان غير ته فائدو وٺن پي پر ان دولت جي گردش اسان جي پنهنجي سماج ۾ نه هئڻ ڪري سڄو نظام درهم برهم لڳو پيو آهي. وسلام