مست
سينيئر رڪن

هڪ شهر جي هوٽل ۾ هڪ سياح (گهمڻ وارو) آيو، اُن مالڪ کي ڪمرو ڏيکارڻ جي لاءِ چيو، مالڪ اُن کي هڪ بهترين وي آءِ پي ڪمري جي چاٻي ڏني ۽ ڪمري جو ڏس به ڏنو، ايڊوانس جي طور هُن سياح 100 ڊالر جو نوٽ ڪائونٽر تي رکيو ۽ ڪمرو ڏسڻ هليو ويو۔
اُن وقت هڪ ڪاسائي جنهن جو هوٽل مالڪ سان ڪانٽريڪٽ هو، اهو پنهنجا پئسا وٺڻ آيو، مالڪ اهو 100 جو نوٽ کڻي ان ڪاسائي کي ڏنو ڇو ته کيس اُميد هئي ته سياح کي ڪمرو ضرور پسند ايندو۔ ڪاسائي خوش ٿي هليو ۽ اُهو ساڳيو 100 جو نوٽ قرض لاهڻ لاءِ اُن هڪ جانور سپلائي ڪندڙ همراهه کي ڏنو۔ جانور سپلائي ڪندڙ همراهه هڪ ڊاڪٽر جو قرضي هو جنهن کان هُن علاج ڪرايو هو ۽ پئسا نه هجڻ ڪري سندس قرضي هيو۔ اتفاق سان اهو ڊاڪٽر اُن ساڳئي هوٽل ۾ رهندڙ هو، جنهن وٽ پڻ ڪمري جو خرچ ادا ڪرڻ لاءِ پئسا نه هئا، اُن ترت ئي اهي پئسا اچي اُن هوٽل جي مالڪ کي اچي ڏنا۔ اهڙي طرح اهي پئسا ساڳئي ڪائونٽر تي اچي پهتا۔
اهو سو ڊالر جو نوٽ ساڳئي ڪائونٽر تي ئي پيل هو ته مٿئين ڪمري ۾ ويل متوقع گراهڪ هيٺ واپس لهي آيو ۽ اُن هوٽل مالڪ کي ڏسيو ته مون کي ڪمرو پسند نه آيو، ان بعد مالڪ کيس 100 ڊالر واپس ڏنا ۽ هُو موٽي ويو۔
اڪنامڪ جي هن ننڍڙي ڪهاڻي ۾ نه ڪنهن ڪجهه ڪمايو ۽ نه وري ڪنهن ڪجهه وڃايو پر 100 جي هن نوٽ سان ڪيترن ئي ماڻهن جو قرض ادا ٿي ويو۔
حاصل مطلب هي ته پئسن تي نانگ ٿي نه ويهجي بلڪه انهن کي اڳتي وڌائجي، ڇو ته ان ۾ عوام جي فلاح آهي۔