غزل سجاد مهر گل پوکيم تُنھنجن وارن ۾ ھُل پئجي ويو ڀَر وارن ۾ تو پشمي پير رکي پنھنجا ڄَڻ ساھُ وڌو ھو چارن ۾ ھي عشق پيو ٿو ڦاسائي ڪو ڀورن ۾ ڪو ڪارن ۾ مون چنڊ چُميو چرچي خاطر چوٻول مچي ويو تارن ۾ گھرُ سارو چورَ ٻُھاري، بَس قرآنَ ڇڏي ويا جارَن ۾ ھُو ڀونءِ سموري ڀيلي ويا ڪو فرق نه پيو ڀوتارن ۾
واهه واهه تمام سُٺو غزل آهي پر مونکي هي بند وڻيا مون چنڊ چُميو چرچي خاطر چوٻول مچي ويو تارن ۾ گھرُ سارو چورَ ٻُھاري، بَس قرآنَ ڇڏي ويا جارَن ۾