ھي عشق پيو ٿو ڦاسائي، ڪو ڀورن ۾ ڪو ڪارن ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

سجاد مهر

گل پوکيم تُنھنجن وارن ۾
ھُل پئجي ويو ڀَر وارن ۾

تو پشمي پير رکي پنھنجا
ڄَڻ ساھُ وڌو ھو چارن ۾

ھي عشق پيو ٿو ڦاسائي
ڪو ڀورن ۾ ڪو ڪارن ۾

مون چنڊ چُميو چرچي خاطر
چوٻول مچي ويو تارن ۾

گھرُ سارو چورَ ٻُھاري، بَس
قرآنَ ڇڏي ويا جارَن ۾

ھُو ڀونءِ سموري ڀيلي ويا
ڪو فرق نه پيو ڀوتارن ۾

1900357_10202903185358864_520865992_o.jpg
 
واهه واهه تمام سُٺو غزل آهي پر مونکي هي بند وڻيا

مون چنڊ چُميو چرچي خاطر
چوٻول مچي ويو تارن ۾

گھرُ سارو چورَ ٻُھاري، بَس
قرآنَ ڇڏي ويا جارَن ۾
 
Back
Top