نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو جيئي سنڌ
ساٿيوڪالهه حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪينجهر پروڊڪشن سنڌ پاران ٻن نئين سنڌي فنڪارائن ،صوبيه ۽ بختاور جي ڳايل گيتن جي آڊيو ڪيسٽ ” مٺيون ڳاليون“ جي مهورت ٿي، سنڌ سلامت کي پڻ خصوصي دعوت ڏني وئي ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي اعزازي ڪئميرا مين ۽ فوٽو گرافر عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪري اتي رات جو 10 وڳي پهتس۔ پروگرام شروع ٿي چُڪو هو، هر طرف خوبصورت چهرا موجود هُئا، ٻئي سنڌي فنڪارائون صوبيه ۽ بختاور تمام خوبصورت لڳي رهيون هيون ، حيدرآباد شهر جنهن جون شامون ساري دنيا ۾ مشهور آهن انهي شهر مان ڪافي ساريون ناريون پنهنجي پاڻ کي سجائي هن مهورت واري تقريب ۾ شريڪ ٿيون۔ ممتاز مرزا آڊيٽوريم جرڪي رهيو هو۔ مهراڻ ٽي وي، جا نمائندا محترم خالد ڪليار ، محترم اقبال مگسي پڻ شريڪ هُئا، سنڌ مشهور فنڪار محترم گل حسن گُل تقريب جي شروعات ۾ ٻه تمام خوبصورت گيت ٻُڌايا۔ جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض حيدرآباد جي مشهور انائونسر مهويش سولنگي، فقير معظم علي، ۽ بهترين شاعر آزد گوپانگ سرانجام ڏنا۔ پيش آهن هن رنگا رنگ تقريب جا رنگ تصويري صورت ۾ توهان دوستن کي ٻُڌائيندو هلان ته سنڌ سلامت لاءِ هي مڪمل فوٽو گرافي انتهائي محبتن سان اسان جي محنتي فوٽو گرافر عبدالغفور سمون ادا ڪئي۔ پيارا دوستو پليز هن رنگا رنگ تقريب جون خوبصورت تصويرون ڪيئن لڳيون ضرور ٻُڌائيندا ۔ توهان جي ساٿ جو منتظر