هاڻي آساني سان هڪ ڪلائوڊ سروس کان ٻي تي فائلز ڪاپي ڪريو

'ويب سائيٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪافي ساري ڊيٽا گوگل ڊرائيو تي اپلوڊ ڪئي آهي... ته جيئن ڪاٿي به رهي ڪري ڊيٽا تائين رسائي رهي پر هر وقت فڪرمند ٿا رهو ته جيڪڏهن ڪم وقت گوگل ڊرائيو سروس ڊائون هجي ته پنهنجو مواد ڪيئن حاصل ڪري سگهجي..
    اهڙي طرح سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي انچارج سليمان وساڻ کي به الڪو رهندو آهي ته سموري مواد کي گوگل ڊرائيو تي رکيو ويو آهي.. جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري گوگل طرفان اها مفت ۾ ملندڙ سهولت اچانڪ ختم ٿي وڃي يا کاتي کي بند ڪيو وڃي ته انتهائي محنت سان سلهاڙيل مواد ته هٿن مان هليو ويندو...
    ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو ساٿي ڊراپ باڪس، گوگل ڊرائيو يا اسڪائي ڊرائيو مان ڪنهن هڪ سروس تي مواد رکڻ کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ سهولتن خاطر پنهنجي مواد کي ٻي سروس تي منتقل ڪرڻ چاهيندو هجي ته گيگا بائيٽس تي مشتمل ان مواد کي هڪ دفعو ڊائونلوڊ ڪري ٻيهر ڪنهن ٻي سروس تي اپلوڊ ڪرڻ به انتهائي جوکن جو ڪم آهي...
    اهڙن ٽنهي مسئلن جو حل مون آندو آهي ... هي آهي Mover.io

    [​IMG]
    هن ويب سائيٽ ذريعي توهان آساني سان پنهنجي ڊيٽا هڪ ڪلائوڊ سروس کان ٻي سروس تي منتقل ڪري سگهو ٿا.. سروس مطابق 10 گيگابائيٽ مواد کي منتقل ڪرڻ مفت آهي جڏهن مٿي لاءِ في گيگابائيٽ تي هڪ ڊالر ورتو ويندو..
    ان کان علاوه توهان مواد کي هڪ سروس کان ٻي سروس تي ڪاپي پڻ ڪري موڪلي سگهو ٿا ان طرح توهان جو مواد هڪ ئي وقت ٻن ڪلائوڊ اسٽوريج تي موجود هوندو ۽ جيڪڏهن هڪ سروس ڊائون هجي ته توهان ٻي سروس ذريعي مواد حاصل ڪري سگهندو..
    هن ويب سائيٽ سروس جي هڪ خوبي اها به آهي ته هي ايف ٽي پي ذريعي مواد ٽرانسفر ڪرڻ جي سهولت پڻ ڏيندي آهي... ۽ جيڪي دوست ايف ٽي پي کان واقف آهن اهي سمجهي سگهن ٿا ته مواد کي ڊائونلوڊ ۽ اپلوڊ ڪرڻ کان سواءِ ئي ڊيٽا کي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ڪري سگهجي ٿو...
    مواد ٽرانسفر ڪرڻ دوارن توهان چاهيو ته سموري فائلز کي چونڊي زپ فائل طور ٻي سروس تي منتقل ڪري سگهو ٿا... ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان وٽ ايترو وقت نه هجي ته مواد کي منتقل ٿيندي مشاهدي ۾ رکي سگهو ته هي سروس توهان جي حڪم ملڻ کان پوءِ ڪم ڪندي رهندي چاهي توهان ويب سائيٽ کي بند به ڪري ڇڏيو ۽ جئين ئي مواد منتقل ٿي چڪندو توهان کي اي ميل ذريعي آگاهي پهتي ڪئي ويندي...

    [​IMG]

    رڳو ايترو ئي نه پر هي سائيٽ توهان جي مواد کي بيڪ اپ طور محفوظ رکڻ جو پڻ واعدو ڪري ٿي.. ان ڪري هاڻي مواد گم ٿيڻ جو فڪر نه ڪريو بس ايم اوور نالي هن سائيٽ جو ڦيرو ڀريو ۽ پنهنجي قيمتي ڊيٽا کي سهيڙيو جديد ٽيڪنلاجي ذريعي...
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ساڳي سهولت بهتر انٽرفيس سان Otixo ويب ايپليڪيشن پڻ ڏئي ٿي.. جنهن ذريعي هڪ ئي وقت ڊراپ باڪس، گوگل ڊاڪس، پڪاسا ۽ ايميزون ايس ٿري جي ڊيٽا کي منتقل ڪري سگهجي ٿو...

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب اوهان ته ڪم ئي آسان ڪري ڇڏيو. سنڌ سلامت تي موجود ڪتاب گهڻو ڪري سڀ ئي منهنجي گوگل ڊرائيو تي موجود آهن ۽ اها ڊيٽا منهنجي ڪمپيوٽر ۾ به ناهي. ان جو سبب اهو ته مان گهٽ ۾ گهٽ چئن هنڌن تان اڪائونٽ ايڪسس ڪري ڪم ڪندو آهيان، آفيس مان، گهر ۾ موجود ڊيسڪ ٽاپ پي سي تان، ليپ ٽاپ تان ۽ سچل ڳوٺ واري سنڌ سلامت اوطاق تان. سدائين اهو ڊڄ رهندو آهي ته جيڪڏهن اڪائونٽ ڪريش ٿي، يا هيڪ ٿئي يا گوگل سروس نه ڏئي ته ڇا ٿيندو؟

    حل ته ٻيا ٿي سگهن ٿا پر ايترو وقت ڪٿان آڻجي ... مان ڪمپيوٽر جي سکيا واري معاملي ۾ ڍلو آهيان، تنهنڪري اوهان جي ضرورت پئي ته مدد ڪجو، جيئن ڊيٽا ٽنهي ڪلائوڊس تي آڻجي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اصل واهه جو ڪم ٿي ويو۔ آئون ته پنهنجي سڄي تعليمي ڊيٽا گوگل ڊرائيو آسري رکيو ويٺو آهيا۔ ڇو ته ڪمپيوٽر جي هارڊ دسڪ جو ڪهڙو اعتبار۔ پر گوگل جو به ڊپ ٿيندو هئم هاڻي اهو نه ٿيندو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو