مون سنڌ لئنگويج اٿارٽي جي سائيٽ تان جامع سنڌي لغات جو سافٽويئر ڊائون لوڊ ڪيو آهي.. مون وٽ ونڊوز 7 انسٽال ٿيل آهي...مگر انسٽال نٿو ٿئي.... هي ايرر اچي ٿي. The 'Microsoft.Jet.OLEDB.4.0' provider is not registered on the local machine. ڪو حل ٻڌايو.....
توهان ٻڌائيندو ته توهان ونڊوز 7 جو ڪهڙو ورجن انسٽال ٿيل آهي... 32 بٽ يا 64 بٽ...؟ اڪثر اهڙو ايرر ونڊوز جي 64 بٽ ورجن تي ايندو آهي... توهان کي گهرجي ته هتي ڪلڪ ڪري ونڊوز ورجن مطابق ڊيٽابيس انجن ورجن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو.. جنهن کان پوءِ لغات سافٽويئر انسٽال ڪري ڏسو اميد ته مسئلو سلجهي ويندو...
سائين توهان جي ٻڌايل طريقي تحت ڊيٽا بيس انجن ڊائون لوڊ ڪري انسٽال ڪري ڏٺو اٿم.. پو به لغات سافٽويئر انسٽال ته ٿئي ٿو مگر لغات کلي ڪون ٿي ۽ ساڳي ايرر اچي ٿي The 'Microsoft.Jet.OLEDB.4.0' provider is not registered on the local machine مٿين ايرر سان گڏ هي ايرر به اچي ٿي Ditionary data base is misising or you are not a admistrator وڌيڪ عرض ته مون وٽ ونڊوز 7 الٽيميٽ جو 64 بٽ ورجن آهي.....
توهان جي ٻڌايل ايرر مان واضع آهي ته توهان پنهنجي ڪامپيوٽر ۾ ايڊمنسٽيٽر اڪائونٽ جي بدران ڪنهن عام يوزر تان لاگن ٿي رهيا آهيو سو پنهنجي غلطي کي سڌاريندي پنهنجي ڪامپيوٽر ۾ ايڊمنسٽيٽر اڪائونٽ وسيلي داخل ٿيو ۽ پو ساڳي رٿا ڀري ڏسو...
سنڌي لغات ڊڪشنري کي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري Run as administrator تي ڪلڪ ڪريو.. جڏهن ته دائمي حل لاءِ پروگرام جي پراپرٽيز ۾ وڃي ايڊمينسٽريٽر جا اختيار ۽ ڪنهن پراڻي ونڊوز يا 32 بٽ ونڊوز جي ڪمپيٽبلٽي سيٽ ڪريو... هوئن پاڻ ۾ آهيون... توهان کي 64 بٽ تي ونڊوز ڪرڻ جو مشورو ڪنهن ڏنو...
ادا مان ائين به ڪري ڏٺو آهي... مگر مسئلو موجود آهي.... رهي ڳاله مشوري جي ته مون وٽ ليپ ٽاپ آهي جنهن ڪري مون سوچيو ته جيترا بٽ وڌيڪ هوندو اوترو ئي سٺي رفتار سان ۽ ريسپانسو هوندو... توهان ڇا ٿا چئو....
ريسپانسوِ ته سمجهه ۾ آيو باقي رفتار جي سٺي هجڻ بابت توهان کي ڪنهن مشورو ڏنو... ڳالهه دراصل هي آهي ته جنهن سسٽم جي ريم سوائي هوندي آهي جهڙوڪ 4 گيگا بائيٽ يا مٿي ان مان درست فائدا ونڊوز 64 ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿا.. ان سان رفتار بهتر ٿئي نه ٿئي پر هڪ ئي وقت کوڙ ساترا پروگرام هلائيندڙ دوست ڪمپيوٽر جي هينگ ٿيڻ جي شڪايت نه ڪندا.. ڇو ته 64 بٽ آپريٽنگ سسٽم ميموري کي هڪ ئي وقت ۾ گهڻو کڻندي هڪ ئي وقت ۾ هلندڙ سافٽويئر جي گهرج پوري ڪري وٺندو آهي... 64 بٽ آپريٽنگ سسٽم کڻي ڪيترو به ڀلو هجي پر جيڪڏهن توهان جي سسٽم جي ريم گهٽ هجي ته مسئلا ڪندو ٻيو ته گهڻي قدر سافٽويئر ٺاهيندڙ ڪمپنيون 32 بٽ تي پروگرام بڻائينديون آهن... ۽ جيڪي ڪمپنيون 64 بٽ تي سافٽويئر ٺاهينديون به آهن ته اڪثر ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ 32 يا 64 جي فرق کي ڏسڻ کان بنا ئي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ شروع ڪندا آهن... اهڙن پروگرامن مان ڪافي ته ڪمپيٽيبلٽي ڪري مورڳو هلڻ کان ئي نابري واريو ويٺا هوندا آهن... خاص طور ڪروم برائوزر جا شوقين دانهون ڪندي نظر ايندا آهن جهڙوڪ اسان جو دوست عبدالحفيظ لغاري ڇو ته ڪروم جو 64 بٽ ورجن اڃان تائين ٺاهيو ئي نه ويو آهي... هاڻي جڏهن گوگل جهڙي طاقتور ڪمپني به 64 بٽ لاءِ پروگرام نه ٿي ٺاهي ته اسان جي دوست راجا تنيو جو تيار ڪيل جامع سنڌي لغات سافٽويئر ڪيئن 64 بٽ ورجن تيار ٿيندو.. هوئن به پاڻ هاڻي ان فيلڊ کان هٽي پنهنجي بزنس طرف توجا ڏئي رهيا آهن... کائن هڪ دفعو اهو سوال ڪيو ته هيم پر ڪو تسلي وارو جواب نه مليو هو... ان ڪري مون کي لڳي ٿو ته ڪنهن طرح سان سنڌي لغات جو سافٽويئر هلائي به وڃو ته به مسئلا ختم نه ٿيندا.. هاڻي جيڪڏهن توهان به منهنجي هڪ دوست وانگر فريڪونٽلي ونڊوز ڪندڙ آهيو ته رفتار جي سوچ ذهن مان ڪڍي ڪري نئين ڀيري ونڊوز 32 بٽ تي ئي رکجو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ جامع لغات جهڙي سافٽويئر مان فائدو ته حاصل ڪري سگهندو..
ادا تفصيلي جواب ڏيڻ لا قرب..... باقي مون وٽ 4 گيگا بائيٽ ريم وارو CORE I5 ليپ ٽاپ آهي... جنهن ۾ گوگل ڪروم بلڪل صحيح هلي ٿو.. ۽ مان آفس 2013 انسٽال ڪئي آهي جيڪا به صحيح هلي ٿي. وڌيڪ مان پهنجي پاران سرچ ڪري ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته جيئن جامع سنڌي لغات سافٽويئر کي ڪنهن به طريقي سان انسٽال ڪري سگهان. مون پهرين به هتي عرض ڪيو هو ته www.halanew.com تي آنلائن تمام بهترين سنڌي ڊڪشنري موجود آهي... جي انهي جو سافٽويئر اچي وڃي ته واھ واھ ٿي ويندي....
پو ته سائين منهنجا مون وٽ توهان لا اهو هي حل آهي ته يا ته توهان وٽ ونڊوز جي جيڪا ڊي وي ڊي آهي سا سٺي ڪاپي ناهي. مطلب ته ان ۾ ئي ايرر آهي ۽ ان مان ڪجھ ضروري فائيل کُٽل آهن... يا ته توهان وٽ جامع سنڌي لغت جي ڊڪشنري واري سافٽ ويئر ۾ مسئلو آهي مطلب ته ان مان ڊيٽابيس کُٽل آهي يا ڪو لنڪ ڪندڙ دستاويز... سو اهي ٻئي ڊي وي ڊيون مٽائي ڏسو، آ سمجهان ٿو ڪم ٿي ويندو نت ٻيا حل ڳوليندا سين ...