ملڪي قانون ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تحفظ ڪندا آهن ۽ ملڪ ۾ هلندڙ روزاني وهنوار کي ائين هلائيندا آهن جيئن مکڻ مان وار نڪري وڃي. آءُ جڏهن سعودي عرب کان سنڌ اچي رهيو هيس ته مون پنهنجي ڀاءُ کي صلاح ڪئي ته “ ادا سائين هلو ته پنهنجي ملڪ سنڌ هلي رهون“ ته منهنجي ڀاءُ چيو “ ڇو منهنجي ايمان ۽ عزت واري زندگي توکي پسند ناهي ڇا؟“ مون زور ڀريو ته هاڻ آءُ سنڌ کان ٻاهر رهي ٿڪجي پيو آهيان، سو هاڻ سنڌ پيو وڃان، منهنجي ڀاءُ صلاح ڏيندي چيو ته نه وڃ، ۽ جي وڃين ٿو ته سنڌ ۾ پٽڪو لاهي بغل ۾ رکجانءِ ۽ هٿ ۾ موچڙو رکجانءِ، تڏهن وڃي پنهنجي زندگي گهاري سگهندي ....!!! اڄ آءُ ڪراچيءَ جي هڪ مصروف علائقي مان گاڏي هلائيندي، ڳاڙهي بتيءَ کي سائو ڪري نڪتم ته خبر ئي نه پئي ته ڪٿان هڪ رڪشي وارو اچي منهنجي گاڏيءَ سان ائين ٽڪرايو ڄڻ کيس ڪنهن آسمان مان ڪيرايو هجي، مون گاڏي بيهاري ته گاڏيءَ کي اهڙو ڪپ لڳو هو ڄڻ ڪنهن ڪاتيءَ سان ڪپيو هجيس ... مون وڃي رڪشي واري کي پڪڙيو، رڪشي وارو چئي مان مسڪين غريب، منهنجي بريڪ نه لڳي ... !!! هاڻ آءُ شريف ماڻهون سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇاڪريان ...؟؟؟ غريب مسڪين کي ڪيئن پڪڙيان نه هن جو رڪشو انشورنس ٿيل نه منهنجي ڪار انشورنس ٿيل ۽ نه وري ڪنهن ملڪي قانون جي تحت ڪجهه ٿيڻ وارو هيو ۽ رڪشي وارو پيار جي زبان سمجهي ئي ڪون پيو، مٿان وري پوليس وارا به چون ته سائين پاڻ ڄاڻو ....!!! جلدي ڪري روڊ خالي ڪريو!!! بس پوءِ مون پنهنجي هڪ گوريلي دوست کي فون ڪئي جنهن اچڻ سان ئي رڪشي واري کي گاريون ڏنيون ۽ کيس موچڙا هڻڻ وارو هو ته رڪشي واري رڙيون ڪري چيو سائين مان ڏوهه باسيان ٿو ۽ پئسا به ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ...!!! ۽ ان رڪشي واري نقصان ڀري ڏنو. آءُ حيرت ۽ افسوس ۾ ته مون کيس پيار ۾ ساڳي ڳالهه ٿي چئي ته نه ٿي مڃيائين ۽ هاڻ موچڙن جي ڀوَ ۾ سڀ ڪجه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو.... مونکي برطانيه جي شهر مانچسيٽر ۾ ٿيل هڪ حادثو ياد آيو ؛ منهنجي دوست هڪ ٻي گاڏيءَ سان حادثو ڪيو، ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور، گاڏيءَ مان نڪتا هٿ ملايو، هڪ ٻئي جو انشورنس نمبر يا پاسپورٽ نمبر ورتو، پوليس جلديءَ ۾ پنهنجو فرض پورو ڪيو ۽ بس الله حافظ ... نه گار نه گند نه موچڙو نه پادر نه ٽرئفڪ ۾ ڪو خاص خلل ...!!! انشورنس وارا ڄاڻن انهن جو ڪم، باقي پاڻ ۾ عوام جي وڙهڻ جو ڪو سوال ئي ڪون ٿي اڀريو ... قانون زنده آباد سمجهڻ وارن لاءِ ته اشارا ئي ڪافي هوندا آهن نه سمجهڻ وارن لاءِ ته ڏنڊو به ڪافي ناهي هوندو ... جيئن چيو ويندو آهي؛ ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو سنڌ ملڪ هن وقت عالمي شهري قانونن جي آخري بدترين شڪل مان گذري رهيو آهي ... ءٌ سنڌي قوم جو مثال ائين آهي جيئن؛ ادو عشق ۾ انڌو، اديءَ کي جن نه ڪن ... ٻوڙي گونگي ۽ انڌي .... حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو
ها سائين سچ پيا چئو ائين ئي آهي. جنهن ملڪ ۾ انسان جي قدر نه هجي اتي قانون ڪو سوال ئي غلط آهي جتي انسانن کي ذبح ڪيو وڃي جتي عملداري ادارا ڏاڍي جا سلامي هجن اتي هر ڪو وس آهر سڀ ڪجھ ڪري ٿو ۽ ڪندو رهندو هن ۾ ڪنهن هڪ مڻهون جو قصور ناهي اسان سڀ جا سڀ قصور وار آهيون منهنجي نظرن مان پٺين ڏينهن ۾ هڪ امام جو قول گذريو اوهان جي روء داد پڙهي ونڊ ڪرڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ناهي امام حسن العسڪري جن جو فرمان اطهر آهي . عنقريب ماڻهن تي اهو وقت اچڻ وارو آهي انهن جا چهرا شادمان هوندا ، انهن جا دل تاريڪ هوندا سنتِ خدا بدعت هوندي ، بدعتِ الاهي سنت هوندي انهن جي وچ ۾ مومن حقير ۽ ۽ فاسق محترم هوندو، انهن جا علم ظلمن جا درٻاري هوندا انهنجا حا (فرمانروا) حاڪم جاهل ۽ ستمگر هوندا. وسلام
بس سائين ڇا چئجي .. نه قانون آهي نه انصاف نه وري ان تي عمل ڪرائيندڙ .... مان سوچيندو آهيان ته پوء به هي ملڪ، هي نظام ڪيئم پيو هلي ... جڏهن سوچي ٿڪجي پوندو آهيان ته ان کي معجزو سمجهي ڪم سان لڳي ويندو آهيان.
اسان جي ملڪ ۾ قانون صرف غريب جي لاء هوندو آهي جي پوليس واري ڪنهن کي پڪڙي ورتو جي پئسان نه ڏنئين ته ٿاڻي ۾........................... هتي ٻٽو نظام آهي غريب بجليء جو بل نه ڀرن ته انهن تي لائين مين به موچرا کينون بيٺا هوندا ۽ اميرن ڏي خبر هوندي به نه وڃن اڄ ئي هڪ خبر ٽي وي تي ڌٺم ته 100 کان مٿي سنڌ اسيمبليء جي وزيرن ۽ ميمبرن ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرايا ڀلا هاڻ انهن کي ڪير چئي ...................... سائين نثارابڙو جي ڳالهه درست آهي ته هتي صرف موچڙي جو قانون ئي هلي سگهي ٿو.
ادا هي ملڪ هلي ٿو يا ڪري ٿو هي معجزو ناهي هي فطرت جو عذاب آهي جنهن مان اسان گذري ريها آهيون جتي نه مال نه جان نه عزت محفوظ آهي هتي انساني قدرون مسلسل ڪرن ٿيون پيون هي هلڻ ناهي هي ڊهڻ آهي هي نظام فطرت جي عذاب هيٺ آهي، وسلام
اوهان جي ليک جو هي ٽڪرو: “سنڌ ملڪ هن وقت عالمي شهري قانونن جي آخري بدترين شڪل مان گذري رهيو آهي سنڌي قوم جو مثال ايئن آهي جيئن؛ ادو عشق ۾ انڌو، اديءَ کي جن نه ڪن ” دوست ! الجهيل سٽ کي سلجهائڻ لا ڪافي آهي.