نثارابڙو
نائب منتظم

ملڪي قانون ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تحفظ ڪندا آهن ۽ ملڪ ۾ هلندڙ روزاني وهنوار کي ائين هلائيندا آهن جيئن مکڻ مان وار نڪري وڃي.
آءُ جڏهن سعودي عرب کان سنڌ اچي رهيو هيس ته مون پنهنجي ڀاءُ کي صلاح ڪئي ته “ ادا سائين هلو ته پنهنجي ملڪ سنڌ هلي رهون“ ته منهنجي ڀاءُ چيو “ ڇو منهنجي ايمان ۽ عزت واري زندگي توکي پسند ناهي ڇا؟“
مون زور ڀريو ته هاڻ آءُ سنڌ کان ٻاهر رهي ٿڪجي پيو آهيان، سو هاڻ سنڌ پيو وڃان، منهنجي ڀاءُ صلاح ڏيندي چيو ته نه وڃ، ۽ جي وڃين ٿو ته سنڌ ۾ پٽڪو لاهي بغل ۾ رکجانءِ ۽ هٿ ۾ موچڙو رکجانءِ، تڏهن وڃي پنهنجي زندگي گهاري سگهندي ....!!!
اڄ آءُ ڪراچيءَ جي هڪ مصروف علائقي مان گاڏي هلائيندي، ڳاڙهي بتيءَ کي سائو ڪري نڪتم ته خبر ئي نه پئي ته ڪٿان هڪ رڪشي وارو اچي منهنجي گاڏيءَ سان ائين ٽڪرايو ڄڻ کيس ڪنهن آسمان مان ڪيرايو هجي، مون گاڏي بيهاري ته گاڏيءَ کي اهڙو ڪپ لڳو هو ڄڻ ڪنهن ڪاتيءَ سان ڪپيو هجيس ... مون وڃي رڪشي واري کي پڪڙيو، رڪشي وارو چئي مان مسڪين غريب، منهنجي بريڪ نه لڳي ... !!!
هاڻ آءُ شريف ماڻهون سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇاڪريان ...؟؟؟ غريب مسڪين کي ڪيئن پڪڙيان نه هن جو رڪشو انشورنس ٿيل نه منهنجي ڪار انشورنس ٿيل ۽ نه وري ڪنهن ملڪي قانون جي تحت ڪجهه ٿيڻ وارو هيو ۽ رڪشي وارو پيار جي زبان سمجهي ئي ڪون پيو، مٿان وري پوليس وارا به چون ته سائين پاڻ ڄاڻو ....!!! جلدي ڪري روڊ خالي ڪريو!!!
بس پوءِ مون پنهنجي هڪ گوريلي دوست کي فون ڪئي جنهن اچڻ سان ئي رڪشي واري کي گاريون ڏنيون ۽ کيس موچڙا هڻڻ وارو هو ته رڪشي واري رڙيون ڪري چيو سائين مان ڏوهه باسيان ٿو ۽ پئسا به ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ...!!! ۽ ان رڪشي واري نقصان ڀري ڏنو.
آءُ حيرت ۽ افسوس ۾ ته مون کيس پيار ۾ ساڳي ڳالهه ٿي چئي ته نه ٿي مڃيائين ۽ هاڻ موچڙن جي ڀوَ ۾ سڀ ڪجه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو....
مونکي برطانيه جي شهر مانچسيٽر ۾ ٿيل هڪ حادثو ياد آيو ؛ منهنجي دوست هڪ ٻي گاڏيءَ سان حادثو ڪيو، ٻنهي گاڏين جا ڊرائيور، گاڏيءَ مان نڪتا هٿ ملايو، هڪ ٻئي جو انشورنس نمبر يا پاسپورٽ نمبر ورتو، پوليس جلديءَ ۾ پنهنجو فرض پورو ڪيو ۽ بس الله حافظ ... نه گار نه گند نه موچڙو نه پادر نه ٽرئفڪ ۾ ڪو خاص خلل ...!!! انشورنس وارا ڄاڻن انهن جو ڪم، باقي پاڻ ۾ عوام جي وڙهڻ جو ڪو سوال ئي ڪون ٿي اڀريو ... قانون زنده آباد
سمجهڻ وارن لاءِ ته اشارا ئي ڪافي هوندا آهن نه سمجهڻ وارن لاءِ ته ڏنڊو به ڪافي ناهي هوندو ... جيئن چيو ويندو آهي؛
ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو
سنڌ ملڪ هن وقت عالمي شهري قانونن جي آخري بدترين شڪل مان گذري رهيو آهي ... ءٌ سنڌي قوم جو مثال ائين آهي جيئن؛ ادو عشق ۾ انڌو، اديءَ کي جن نه ڪن ... ٻوڙي گونگي ۽ انڌي ....
حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو