”سنڌ سلامت“ جي سٿ کي سلام

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ ماجد جاگيراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2014۔

  1. ماجد جاگيراڻي

    ماجد جاگيراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ”سنڌ سلامت“ جي سٿ کي سلام

    ماجد جاگيراڻي

    اها هڪ سچي حقيقت آهي ته سنڌ کي هر دور ۾ هر شعبي ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي، هر فيلڊ ۾ سنڌ کي هٿ وٺي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، تعليم جي ميدان ۾ ته اسان دنيا جي تمام پٺتي پيل ملڪن کان به ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندا پيا وڃون، اسان جو لٽريسي ريٽ ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو ڪرندو ۽ گهٽ ٿيندو، تنهن جي ڪري سنڌ جو املهه ٽئلينٽ ضايع ٿي رهيو آهي، سنڌ صوبي جي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين اسان جي تعليم جي ماحول کي هٿ وٺي بگاڙيو ويو آهي، اسان جي نوجوان نسل کي گمراهه هٿن حوالي ڪيو ويو آهي، سنڌ ڌرتي جي محبت جي نالي ۾ ايتريون ته سياسي پارٽيون جڙي چڪيون آهن، جو يونيورسٽي ۾ ايترا شعبا به ناهن، جيترا سياسي پارٽين جا ڌڙا جنم وٺي چڪا آهن، اسان جي نوجوان نسل کي رڳو نعري بازي، بائيڪاٽن ۽ هڙتالن ڪرڻ تائين محدود ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري وري جيڪي پڙهڻ سان چاهه رکندڙ شاگرد آهن، انهن جي پڙهائي کي وڏو نقصان رسي رهيو آهي، جيئن ته سنڌ صوبو هر شعبي ۾ سازشن جو شڪار رهيو آهي، جنهن جي ڪري هتان جي نوجوان نسل کي هر شعبي ۾ پوئتي ڌڪيو ويو آهي.

    جيئن ته اڄڪلهه سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، اڄ جي جديد دور ۾ رڳو تعليم وسيلي ئي قومون ٻين قومن کان اڳتي نڪرنديون ٿيون وڃن ۽ ترقي جون منزلون ماڻي رهيون آهن، جيئن ته تعليم جي نظام کي بهتر ڪرڻ لا اتان جي خطن جي حڪومتن جي اولين ذميواري هوندي آهي ته اها اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم جي نظام کي بهتر کان بهتر ڪرڻ لا قدم کڻي تعليم جي ميدان ۾ نوجوان نسل کي اڳيان آڻي. جيئن ته سنڌ صوبو تعليم جي ميدان ۾ تمام پٺتي پيل آهي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين تعليم جو ماحول تمام بري طريقي سان هٿ وٺي بگاڙيو ويو آهي، جنهن جي ڪري تعليم ۾ نوجوان نسل ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو پيو وڃي. جيئن ته سنڌ ڌرتي 5 هزار سال پراڻي عظيم مهن جي دڙي جي تهذيب جي مالڪ آهي، اڄ کان 5 هزار سال قبل مسيح دور ۾ سنڌي ماڻهو باشعور شهري جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا، جڏهن پوري دنيا ۾ انسان جهنگلن، جبلن ۽ غارن ۾ زندگي گذاري رهيو هو ته ان دور ۾ سنڌي ماڻهو پڪن گهرن ۽ جديد طريقي سان زندگي گذاري رهيو هو ۽ ان وقت ۾ به سنڌي ماڻهن وٽ زندگي جي هر اها سهولت هئي، جنهن کان باقي دنيا محروم هئي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ويهين صدي جي هن جديد دور ۾ ان قوم سان اهڙيون ويڌنون ۽ ڪلور ڪيا پيا وڃن جو ان عظيم قوم جي نوجوان نسل کي تعليم جهڙي بنيادي حق کان به محروم رکيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري اسان جي سنڌ جي نوجوان نسل جو مستقبل اونداهون ٿيندو پيو وڃي ۽ اڳتي هلي ڪري ان جا تمام خطرناڪ نتيجا ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻا پوندا.

    جيئن ته موجوده وقت ۾ سنڌ جي تعليم لا ڪي به بهتر انتظام ۽ بندوبست نه ڪيا ويا آهن. نه ئي وري اهڙيون ڪي وڏيون ويب سائيٽس آهن، جن تان سنڌ جو غريب شاگرد جيڪو معاشي طور تمام گهڻو ڪمزور ٿي چڪو آهي، اهو فري ۾ ڪتاب ڊائون لوڊ ڪري ۽ پڙهي سگهي، ڇو ته هر ڪتاب مارڪيٽ مان خريد ڪرڻ ڏاڍو محال ٿي ويو آهي. ان لا هن وقت سنڌ جي نوجوان طبقي کي جيتري ضرورت تعليم جي آهي، اوتري ڪنهن ٻئي شئي جي ناهي، ڇو ته تعليم ئي واحد هڪ دروازو ئي وڃي بچيو آهي، جنهن جي ذريعي سنڌ جو باشعور پڙهيل لکيل نوجوان طبقو هن ترقي يافته ۽ سائنسي دور ۾ دنيا جي ترقي يافته سماجن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي.

    مان سنڌ يونيورسٽي جي ائنٿروپالاجي شعبي ۾ سيڪنڊ ييئر جو طالب علم آهيان، جيئن ته منهنجو تاريخ جي ڪتابن سان تمام گهڻو چاهه رهيو آهي، ان لا گهڻي مواد حاصل ڪرڻ ۽ مختلف ڪتاب پڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لئه اهو ممڪن نه هو ته هر ڪتاب مارڪيٽ مان خريد ڪري سگهجي، ان لا سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ تان ڪتاب ڊائون لوڊ ڪري پڙهندو رهندو هئس، ان کان علاوه مختلف ويب سائيٽس سرچ ڪرڻ جي ڪرت ۾ پڻ لڳل رهيس، ته جيئن اڃا وڌيڪ تاريخي مواد حاصل ڪري سگهجي. مختلف سنڌي ويب سائيٽس سرچ ڪندي ڪندي نيٺ هي ويب سائيٽ www.sindhsalamat.com اکين مان گذري ته منهنجي خوشي جي ڪا حد نه رهي، ڇو ته هن ”سنڌ سلامت“ فورم تي هر مڪتب فڪر سان واڳيل ڪتاب ۽ مواد تمام گهڻي جهجهي تعداد ۾ پڙهڻ ۽ ڊائون لوڊ ڪرڻ لئه مليا، جنهن جي ڪري مون پهرين فرصت ۾ ميمبرشپ واري آ ڊي ٺاهي، مختلف ڪتاب، آرٽيڪل ۽ مختلف دوستن جي طرفان شيئر ڪيل لنڪس ۽ ڪتاب پڙهندو رهيس، جنهن کان پو مون ارادو ڪيو ته ”سنڌ سلامت“ جي سٿ کي سلام پيش ڪرڻ لا هڪ ننڍڙو آرٽيڪل ضرور لکندس.

    سائين سليمان وساڻ صاحب ۽ سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي مان سلام پيش ٿو ڪريان، جن جي مدد ۽ ڪاوشن جي ڪري ”سنڌ سلامت“ جي فورم وسيلي پڙهڻ جو شوق رکندڙن لا وڏي آساني ۽ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، جن جو جيترو شڪريو ادا ڪجي اوترو گهٽ آهي، ڇو ته هتي هر موضوع تاريخ، ادب، سياست ۽ علم جي هر شاخ سان وابسته تمام جهجهي تعداد ۾ مواد ۽ ڪتاب مهيا ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي سنڌي سماج جي باشعور ۽ علم سان چاهه رکندڙن لا وڏي آساني پيدا ٿي پئي آهي، سائين سليمان وساڻ صاحب ۽ ان جي سٿ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سلام پيش ڪجي ٿو، جن جي محنتن جي ڪري اسان جهڙا ڪيترائي غريب شاگرد هن ”سنڌ سلامت“ جي فورم جي وسيلي ڪيترائي املهه ڪتاب ڊائون لوڊ ڪري آساني سان پڙهي پنهنجي علم ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. يقينن”سنڌ سلامت“ جي ساٿين جيڪي سنڌي قوم لئه هيڏي وڏي جدوجهد ۽ پنهنجي قيمتي وقت جي قرباني ڏئي جيڏو وڏو ڪم ڪيو آهي، ايترو ڪم ته اسان جا سنڌ ڌرتي جا پاڻ کي سڄڻ، خير خواهه ۽ همدرد سڏائيندڙ به نه ڪري سگهيا آهن، نالي وارن اڳواڻ به تعليم جي واڌاري لا ڪو اثرائتو قدم نه کنيو آهي، ويندي ايتري حد تائين جو سنڌ جي گورنمينٽ طرفان به اهڙي پراثر ويب سائيٽ مهيا نه ڪئي وئي آهي، جنهن تان هر شعبي سان وابسته مواد آساني سان حاصل ڪري سگهجي ۽ نوجوان نسل ان مان فيض وٺي سگهي.

    جيئن ته سنڌي ۾ مختلف سنڌي ويب سائيٽس آهن، جن تان به مڪمل مواد حاصل نٿو ٿي سگهي، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان به ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪتاب اسان مفت ۾ پڙهي ۽ ڊائون لوڊ نٿا ڪري سگهون، جيترا ڪتاب ۽ مواد اسان کي ”سنڌ سلامت“ جي فورم تان ملي رهيا آهن، سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ به اثرائتي آهي، پر جيترو فائدو اسان جي سنڌي نوجوان کي ”سنڌ سلامت“ جي فورم تان ملي رهيو آهي، اهو ٻي ڪنهن به ويب سائيٽ تان نٿو ملي. جيئن ته روشني پبليڪيشن ۽ ٻين ڪيترين ئي پبليڪيشنس جا به تمام گهڻا سنڌي ۾ هر شعبي جي حوالي سان ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل آهن، پر انهن جي ويب سائيٽ تان بلڪل ٿورڙا ۽ نالي ماتر رڳو مذهب سان واڳيل ڪتاب ئي ڊائوڊ لوڊ ڪري سگهجن ٿا، جنهن جي ڪري اسان جهڙا غريب شاگرد هڪ هڪ ڪتاب مارڪيٽ مان خريد نٿا ڪري سگهن، پر اهو ڪريڊٽ به سائين سليمان وساڻ جن کي ۽ ان جي سموري ٽيم ڏانهن وڃي ٿو ته انهن جي محنتن جي ڪري مختلف پبليڪيشنس جا ڪتاب اسان کي ”سنڌ سلامت“ جي فورم تي مهيا ڪري ڏنا ويا آهن. جيڪي بلڪل فري ۽ آسان طريقي سان ڊائون لوڊ ڪري ۽ آن لائين پڙهي به سگهجن ٿا، اهي سڄون اڻٿڪ محنتون بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي ”سنڌ سلامت“ جي فورم پاران ان لا ڪيون ويون آهن ته جيئن سنڌ جي باشعور نوجوان کي مفت ۾ ڪتاب ڊائونڊ لوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏني وڃي ۽ انهن کي ڪوشش آهر هر شعبي جو مواد، انمول ۽ قيمتي ڪتاب بنا ڪنهن محنت جي فري ۾ مهيا ڪيا وڃن.

    ”سنڌ سلامت“ جي ويب سائيٽ تي سنڌ جي مشهور ليکڪن جا انٽرويوز، انهن جا مختلف ڪتاب ۽ انهن جي زندگين جي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪاوشن جا پورهيا اسان باآساني آن لائين پڙهي ۽ شيئر ڪري سگهون ٿا، ”سنڌ سلامت“ اسان سنڌي نوجوانن لا هڪ موتين جي کاڻ مثل ويب سائيٽ آهي، جنهن جي ذريعي اسان ويٺي ويٺي تمام آساني سان هر قسم جو مفيد مواد پڙهي سگهون ٿا. ”سنڌ سلامت“ جي سڄي ٽيم جهڙي نموني سان پرخلوص محنتون ۽ جفاڪشيون ڪري مختصر عرصي ۾ ايڏو وڏو ڪتابن جو تعداد هٿ ڪري انهن کي ڊائونڊ لوڊ ڪري ۽ فري ۾ ويب سائيٽ تي ٻين جي پڙهڻ لا رکيو ويو آهي، انهن جي محنتن کي سماج جو هر باشعور نوجوان ۽ پڙهڻ سان چاهه رکندڙ طالب علم تمام وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، سائين وساڻ صاحب ۽ ان جي پوري ٽيم ”سنڌ سلامت“ جي نالي ۾ جيڪو ڪتابن جو سمنڊ سنڌ جي نوجوان نسل لا مهيا ڪيو آهي، اهو هڪ اسان جي سونهاري سنڌ ۽ سنڌ جي نوجوان نسل سان محبت ۽ خيرخواهي جو تمام اعليٰ مثال آهي. ”سنڌ سلامت“ جي سموري ٽيم جيڪو بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي سنڌ جي محبت ۾ جهڙي نموني ذميواراڻه ۽ دانشمندي واري سوچ جو مظاهرو ڪري ايڏو وڏو ڪتابن جو پليٽ فارم ۽ ڄاڻ جو خزانو ڏنو آهي، مون سميت سنڌ جو هر باشعور نوجوان ۽ سنڌ ڌرتي سان محبت ڪندڙ فرد ”سنڌ سلامت“ جي سٿ جو هميشه ٿورائتو رهندو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    محترم ماجد جاگيراڻي صاحب سڀ کان پهريان توهان کي سنڌ سلامت اڄڻ تي دل سان ڀليڪار ڪجي ٿو ان لا ء تواهان کي گذارض آهي ته تعارف واري سيڪشن ۾ وڃي پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو

    توهان جو موضوع پڙهيو خوشي ٿي ته توهان کي ڪتاب پڙهڻ سان دلچسپي آهي.......... سنڌ سلامت جومقصد اهو آهي ته وڌندڙ ٽيڪنالاجي جي دور ۾سنڌي ٻوليء کي دنيا جي ٻين ٻولين وانگر ترقي وٺرائجي ۽ ان کي انٽرنيٽ تي عام ڪجي.

    سنڌ سلامت جي دوستن جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش هوندي آهي ته سنڌي ٻولي سان چاهه رکندڙ هر دوست کي وڌ کان وڌ آسانيء سان فرمي ۾ مواد مهيا ڪري ڏين ائين ڪرڻ ڪرڻ هو پنهنجو فرض سمجهن ٿا ۽ پنهنجي گهران خرچ ڪري اهڙيون سهولتون سنڌي دوستن لاء مهيا ڪن ٿا ۽ خوشي محسوس ڪن ٿا.

    اچو ته گڏجي سنڌي ٻولي ء کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ عام ڪريون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پيارا ماجد لک قرب اوهان ايڏو مان ڏنو.

    مونکي هي مضمون فيسبوڪ تي منهنجي دوست، منهنجي ڀاء ۽ منهنجي عزيز رفيق وساڻ به ٽئگ ڪيو آهي. سچ پڇو ٿه اسان ڪو وڏو تير به ڪونه هنيو آهي، پر ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جديد دور جي تقاضائن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائجي ۽ ان ئي جذبي تحت نوجوان دوستن جي ٽيم سنڌ سلامت تي ڪم پئي ڪري، جيڪي بي لوث خدمتون ڪري اسان جي سٿ کي سرخرو ڪري رهيا آهن.

    اوهان جي اينٿروپلاجي جي تعارف بابت لکڻي به وڻي هئي جو سنڌي ۾ ان قسم جون لکڻيون بلڪل گهٽ آهن يا وري نيٽ تي سرچ ايبل ناهن.

    اميد ته اوهان به يونيورسٽي جي نوجوانن کي اسان جي ويب سائيٽ ۽ فورم بابت ننڍڙي بريفنگ ڏئي انهن کي به ان طرف راغب ڪندا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي ليک ڪنهن اخبار ۾ به ڇپيو آهي مهرباني ڪري ٻڌايو ته ڪهڙي اخبار ۽ ڪهڙي ڏينهن تي ڇپيو آهي.

    [​IMG]
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    وعليڪم سلام!
    بيشڪ هي سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڏو فورم هڪ محنتي ۽ بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ڪم ڪندڙ ٽيم جي ڪم جو نتيجو آهي. جيئن اوهان ميمبر شپ ڪئي آهي ايئن ٻين کان به درخواست آهي.
    نه رڳو اهو پر فورم ۾ ڪتابن يا ٻين سيڪشنس ۾ اوهان کان جيڪا مدد ٿي سگهي اُها ضرور ڪريو. هي فورم سنڌ جو آهي. اسان سنڌين جو آهي. اسان سڀ هن جا ڌڻي آهيون.
    اُميد ٿا ڪريون ته اوهان جا وڌيڪ ليک ائنٿراپالاجي بابت پڙهڻ لاءِ ملن. اوهان جي قربتن ۾ رهندڙ سُڄاڻ ساٿين کي به اوهان جي توسل عرض ته اُهي هتي لکن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ماجد جاگيراڻي

    ماجد جاگيراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    محترم سائين، هي آرٽيڪل ڪنهن به اخبار ۾ نه ڇپيو آهي، مون صرف ”سنڌ سلامت“ جي ويب سائيٽ لئه لکيو ۽ ان کان بعد فيس بوڪ تي شيئر ڪري دوستن ڏانهن موڪليو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ســـنــڌي ٻـولي دنيا جي قــديــم تـرين، ادبــي لــحــاظ کان تــمام ذرخــيــز ، سائنـسـي يا انـفـارمـيـشـن ٽـيڪـنــالاجــيءَ جون گُــهــرجـن تي پُوري لــهنــدڙ اهــم ٻــولي آهي

    اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ٻولي بهتر ماضي سان گڏ حال ۽ مستقبل جي اهم ٻولي ٿي سگهي ٿي!

    ضرورت اِن ڳاله جي آهي ته ســـنــڌي ٻـوليءَ کي ســنـدس اهم مَــقــام ڏيارڻ لا هر ســـنــڌيءَ پــنهــنجو اهــم قــردار ادا ڪري. جــنــهــن لاءِ ضــرُوري آهي هــر هــنــڌ ســـنــڌيءَ ۾ ڳالهايون، ســـنــڌيءَ ۾ لــکـــون، ســـنــڌيءَ ۾ پــڙهــون. سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ســنــڌي ادب جي ســرپــرســتــي ڪريون.

    ســنــڌ ڌرتــي ۽ سنـــــــــــڌي قــــــــــــــــوم سان مـــــحـــبــت جو وَچـَـــن ڪري هر هـــنــڌ، هر حـــال ۽ هر فـــــــــــورَمَ تي ســــنـــڌي ٻــــــــــولـــــيءَ کي مـــــتعــــارف ڪرايون پوءِ ڇــــــــــــو نه ســــــــــــنــــڌيءَ ۾ فـــــــــــــــيـــــــــــــس بـــــــــــوڪ هـــــــجـــــي!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو