ڪراچي ۽ بلوچ

'راءِ شماري' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مون ڪراچي ۾ مڪراني ته ڪافي ڏٺا آهن جيڪي ڪراچي ۾ پاڻ کي بلوچ سڏائن ۽ شناختي ڪارڊ ۾ به لکرائن ٿا
    پر مونکي گهڻي حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون ويجهن ٻروچ دوستن جيڪي هاڻي يا گهڻو اڳ ڳوٺ ڇڏي يعني جيڪب آباد ڪنڌڪوٽ لاڙڪاڻو ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان ڪراچي لڏي آيا ڪن کي ته 20 سال به ٿي ويا آهن اهي نه صرف پاڻ کي بلوچ سڏرائن ٿا پر مڪراڻي جيان شناختي ڪارڊن ٿي به لکرائن ٿا صرف ايترو نه پر پنهنجي گهرن ٻاهريان وڏين پٽين تي آويزان ڪرائي تختيون لڳرائن ٿا
    مون پنهنجي موبائل مان اهڙين تختين جا فوٽو به ورتا پر هت لڳائڻ مناسب نه سمجهيم اها ٻي ڳاله آهي جو مونکي فورم تي اڃان فوٽو اٽيچ ڪرڻ به نه ٿا اچن
    دوستن کان اها رائي وٺڻي آهي ته ڇا اسان جي انهن دوستن جو اهڙو عمل يعني سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ته پنهنجي ذات سڏرائڻ پر ڪراچي ۾ پاڻ کي بلوچ ڪاسٽ ڪرائڻ ڇا سنڌ جي حق ۾ آهي ۽ ڇا ان سان سنڌ کي ڪو نقصان نه ٿو پڄي ؟؟
    خاص طور تي ادا رشيد احمد ۽ سائين نثار ابڙو ۽ مان وارن نثار ناز صاحب جن ۽ سڄي سنگت جي جواب جو انتظار
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    دوست طاهر، جيتوڻيڪ اوهانجو سوال انتهائي ڳوڙهو ۽ فڪري آهي ۔۔۔ پر ان هوندي به جيئن ته اهو سوال ڪندي اوهان منهنجو نالو به کنيو آهي، انڪري آءُ پنهنجي سوچ آهر جواب ڏيندس، ممڪن ڪي دوست ان سان سهمت هجن يا نه ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته هن فورم تي اسانجو هڪ ڏاهو دوست آهي ”ٻروچ“ آءُ انکي به دعوت ڏيندس ته هو هن موضوع تي معلوماتي ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ضرور ڪري ۔۔۔

    منهنجي سمجهه آهر؛ سنڌ جا ٻروچ يا بلوچ سنڌي آهن ۔۔۔ هو نه فقط ويهن سالن بلڪه ڪئي صدين کان سنڌ ۾ رهنٿا، هو سنڌي ڳالهائين ٿا، سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪنٿا، سنڌ جي ادب ۾ سندن خاطر خواه حصو آهي ۽ سنڌ جي آجپي واري هلندڙ ويڙه جو پڻ هڪ طاقتور حصو آهن ۔۔۔ سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ هڪ اهڙي قبيلي جيئان آهن جن جون مختلف شهرن ۾ مختلف ذاتيون آهن پر مجموعي طور تي جڏهن ڳالهه ڪبي ته انهن کي ٻروچ قبيلي يا خاندان جي حيثيت سان سڃاتو ويندو ۔۔۔ بلڪ ايئن جيئن سنڌ ۾ سماٽ قبيلا آهن، مثلن ابڙو هڪ قبيلو آهي پر ان قبيلي جي اندر ڪيترا ئي ننڍا ننڍا قبيلا مختلف شهرن ۾ مختلف نالن سان موجود آهن ۔۔۔ چانڊيا هڪ قبيلو آهي پر ان جي اندر ڪيترائي ننڍا ننڍا خاندانمختلف شهرن ۾ مختلف نالن سان سڃاتا وڃنٿا ۔۔۔ وغيره وغيره

    هڪ ٻيو مثال ته جيئن سعودي عرب ۾ السندي، البلوشي يا الپنجابي يا الترڪي يا وري ٻيا به قبيلا موجود آهن جي دنيا جي مختلف ملڪن مان لڏي آيا آهن، پر اهي هاڻ سعودي ٿي چڪا آهن، سعوديءَ جي قانونن جو احترام ڪنٿا ۽ سعودي عرب سان محبت ڪنٿا ۔۔۔ بلڪل ساڳئي طرح سان سنڌ جا بلوچ اسانجا ڀائر آهن، سنڌي آهن ڀلي هو پاڻ کي بلوچ يا ٻروچ لکرائيندا هجن پر جڏهن مجموعي طور تي قومي ڳالهه ڪبي ته هو سنڌي آهن ۔۔۔

    وڌيڪ دوستن جي راين جو انتظار رهندو ۽ خاص ڪري ادي ٻروچ جي خيالن جو انتظار رهندو ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    متفق۔۔۔۔۔۔HaqMojood
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ادا طاهر سنڌي، جيتري قدر مونکي خبر آهي ته ڪراچي جي مڪرانين يا تنهنجي چواڻي مطابق بلوچن جون دليون سنڌين سان گڏ ئي دڙڪنديون آهن، جيئن ته انهن مڪرانين يا بلوچن جا اڃان تائين ڪٽنب قبيلا، بلوچستان ۾ رهن ٿا، ان ڪري هُو گهرن ۾ اڃان تائين مڪراني ٻولي، يا خالص براهوي ٻولي، يا بلوچي ٻولي ڳالهائين ٿا۔ جيئن توهان سنڌي سڏايو ٿا، بلڪل توهان سنڌ ۾ ڄاوا، نپنا توهان سنڌي سڏائي سگهو ٿا، پر توهان پنهنجي پاڙي ۾ يا پنهنجي سرٽيفڪيٽ ۾ ذات واري ڪالم۾ صرف سڃاڻپ لاءِ سنڌي جي جاءِ تي پنهنجي ذات ضرور لکندا هوندا، بلڪل اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ جا هي مڪراني يا بلوچ پنهنجي ذات واري ڪالم ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه لکندا هوندا۔ توهان ڪراچي ۾ رهندڙ صرف مڪراني يا بلوچ جي ڳالهه ڪئي پر بلوچن کان وڌيڪ رهندڙ ڪڇي ڀائرن کي ڏسو اهي اڃان تائين گهرن ۾ ڪچي ٻولي ڳالهائيندا آهن، انهن جي جماعت خانن جا ليٽر پيڊ ڏسندا ته هو پاڻ کي ڪڇ جي ڪنهن علائقي يا ڳوٺ سان سلهاڙيل، جيئن ڪڇ جو هڪ ڳوٺ آهي ”رويو“ ته پاڻ کي ڪڇي ”روائي “ سڏائين ٿا حالانڪه اهي شهر ڪراچي يا سنڌ جي ڪنهن ٻي شهر ۾ پاڪستان ٺهڻ کان ڪافي عرصو پهرين سنڌ ۾ لڏي آيا هُئا، انهن سان سنڌ جو ذڪر ڪندا ته هو سنڌ لاءِ پاڻ کي گهور ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا ، توهان ڊاڪٽر ڀاڳت جو ڪتاب ” سنڌ جا قبيلا ۽ ذاتيون “ پڙهي ڏسو، توهان کي ان سلسلي ۾ ڪافي ساري معلومات ملي پوندي۔ بهرحال اهو الله جو ڪرم آهي ته هو پنهنجي ذات سڏائين ٿا پر ڪڏهن به مهاجرن وانگر پاڻ کي مهاجر ڪونه ٿا سڏائين۔ ڀلي مڪراني هُجن ڀلي ٻروچ هُجن، پر جن مهراڻ جو مٺو ۽ ٿڌو پاڻي پيتو، جن جوٻيو يا ٽيو نسل سنڌ ۾ ڄائو، سي مٺا طاهر سنڌي آهن، سنڌي آهن سنڌي آهن ۽ سنڌ جا حلالي پُٽ آهن۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    مٺا ابڙو صاحب - ادا مست - سائين ناز صاحب توهان جي وڏي مهرباني پنهنجا ويچار شيئر ڪرڻ تي
    مٺا دوستو لڳي ٿو منهنجي چوڻ جي انداز يا ڪنهن زاويي جي وضاحت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر رهجي ويئي آهي
    منهنجي چوڻ جو هرگز اهو مطلب نه هو ته هو سنڌي نه آهن ۽ توهان سڀ دوستن مٿي جيڪي ڳالهيون ڪيون مان انهن سان سهمت آهيان
    منهنجو سوال آخر ۾ جيئن مون ڪيو اهو هيو ته انهن دوستن جي اهڙي عمل (شناختي ڪارڊن ۽ ووٽر لسٽن وغيره تي بلوچ لکرائڻ) سان سنڌ کي پاپوليشن آبادي وفاقي فنڊ جي حوالي سان نقصان ته نه آهي؟
    ان باري ۾ مون سوال ڪيو نه ڪي ائين ته بلوچ دوست سنڌي نه آهن
    اها ڳاله ٻئي آ ته اهڙن دوستن کان جي پڇيو وڃي ته بهائي تم سنڌي هو ته چئي ڏيندا آهن نهين بهائي هم بلوچ هي
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ادا طاهراوهانجو سوال به پنهنجي جاءِ تي ۽ سنڌ دوستيءَ جي بنياد تي ٿيل آهي ۔۔۔ آءُ وري به پنهنجي سمجهه آهر ڪجهه هي چوندس ته سنڌ ۾ ڪنهنجو به شناختي ڪارڊ ٺهندو ته اهو سنڌ جي آدمشاريءَ ۾ ئي شمار ٿيندو (ڪوڙو يا سچو)، ۽ ووٽر لسٽ ۾ نالو به ايئن ئي درج ٿيندو ۔۔۔

    ٻي ڳالهه ته سنڌ ۾ اصل، سچي ۽ مڪمل آدمشاري ڪڏهن ٿي آهي ۔۔۔ نه ٿي آهي ۽ نه وري ڪڏهن ٿيندي، ڇاڪاڻ ته سڀ ڪجه حڪمرانن جي هٿن ۾ هوندو آهي ۔۔۔ گهٽائن يا وڌائن ۔۔۔ وس وارا آهن ۔۔۔

    ٽين ڳالهه ته سنڌ کي پنهنجا حق نه ته آدمشاريءَ جي بنياد تي ملندا آهن نه آمدنيءَ جي بنياد تي ۔۔۔ اهو به وقت جي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي هوندو آهي ته هو ڪيترو خئير ٿا ڪڍن؟ ۽ مٿان کان ڪجهه بچي ويو ته ٺيڪ نه ته الله واهي ۔۔۔ اسانجي پياري پاڪستان جي 63 ساله زندگيءَ ۾ ته ائين ئي ٿيو آهي، باقي اڳتي به واڳ ڌڻيءَ جي وس ۔۔۔

    باقي ته اوهان پاڻ سياڻا ۽ سمجهدار آهيو، آءُ ته گهڻي وقت کان ڌرتي بدر آهيان، اوهان دوست ته اڄڪلهه اتي رهوٿا، مونکان وڌيڪ خبر رکندا هوندا ۔۔۔ جي آءُ ڪٿي غلط هجان ته سهي ڪجو ۔۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    مان وارا اسان ته اوهان وڏڙن کان سکڻ وارا آهيون
    مان سلام پيش ڪيان ٿو اوهانجي گهري سوچ کي
    ۽ ٻيو عرض ته سائين سيد جا وڊيوز جيڪي اوهان شيئر ڪيان انهن لاء اوهان جس لهڻا
    الله اوهان کي سنڌ مادر وطن جون خوشيون ۽ خوشبو ۽ سنڌ جا بهار نصيب ڪري ۽ تڪليفون دور ڪري
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ڪجهه ڏينهن اڳ مون محترم قادر مگسي جن جو هڪ انٽرويو وڊيو صورت ۾ لڳايو هو جنهن ۾ ٽي وي ڪمپيئر کائنس سوال ڪيو هو ته توهان بلوچ آهيو ۔۔۔ پوءِ سنڌ جي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو۔۔۔ يا وري توهان جڏهن ڌارين کي سنڌ صوبي مان نڪرڻ جي ڳالهه ڪيو ٿا ته توهان خود سنڌي نه آهيو ته پوءِ توهان ڇو نه ٿا سنڌ مان نڪري وڃو ۔۔۔۔ ڇا سنڌ آزاد ڪرائي پوءِ سنڌ مان نڪري ويندا۔۔۔۔؟“
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي جواب ۾ ذڪر ڪندي چيو هو ته ”هڪ معاهدي مطابق جيڪي به قومون 1960 کان وٺي سنڌ ۾ موجود آهن اهي سڀ سنڌي آهن۔۔۔۔ ۽ مان به هاڻي سنڌي آهيان۔۔۔“

    منهنجي خيال ۾ سائين نثار ابڙو جن بهتر وضاحت ڪئي آهي ۽ سائين نثار ناز به هڪ نقطي طرف اشارو ڪيو آهي ته اهي ماڻهون پاڻ کي بلوچ دراصل هڪ ذات وانگر لکندا پڙهندا ۽ سڏرائيندا آهن۔۔۔ انهن جي قوم اصل ۾ سنڌي آهي۔۔۔
    سندن مٿين اهڙي ڳالهه تي هڪ ٻيو واقعو مون کي ياد آيو۔۔۔۔ منهنجي هڪ غير سنڌي دوست هڪ ڏينهن معزرت وٺندي هڪ سوال ڪيو ته ۔۔۔۔ ”توهان سنڌي پنهنجي نالي سان گڏ پنهنجي ذات ڇو لکندا آهيو۔۔۔۔؟“ مان کيس مناسب جواب ڏئي نه سگهيس ۔۔ مون کي ياد آيو ته اسان پنهنجي سنڌي ڀاء سان تعارف ڪرائيندي پهرين پنهنجي ذات جو ذڪر ڪندا آهيون۔۔ ڀلا جيڪڏهن غلطي ڪندي پنهنجي ذات جي بجاءِ پنهنجو نالو پهريان ٻڌايون ته سامهون واري سنڌي ڀاء جو ٻيو سوال يقينن منهنجي ذات بابت هوندو۔۔۔ ان ڪري اهڙي سوال کان اڳ ئي پنهنجي نالي سان گڏ پنهنجي ذات لکندا پڙهندا ۽ سڏرائيندا آهيون۔۔۔
    منهنجي ان غير سنڌي منهنجي جواب کان مطمئن نه ٿيندي جيڪو ٻيو بيان ڏنو اهو بلڪل ڇرڪائيندڙ هو۔۔۔ ان چيو ته فرض ڪريو توهان جون محنتون ڪامياب ٿين ۽ توهان سنڌي پنهنجو الڳ وطن حاصل ڪري به وٺو پر توهان ان وطن کي ڪجهه وقت به هلائي نه سگهندو ۔۔۔ ڇو ته توهان پوءِ قوم کان هٽي ذات جي چڪر ۾ اچي ويندو ۔۔۔ ۽ پنهنجي ذات واري ماڻهون کي ئي سنڌ جي حڪمراني جو حقدار سمجهندو ۔۔۔ ۽ اها صورتحال اهڙي خراب ٿيندي جو توهان سنڌي وري پنهنجي پنهنجي ذات لاءِ الڳ الڳ وطن جي جستجو ڪندو۔۔۔۔
    اڙدو جي هڪ مشهور چوڻي آهي جنهن جو مطلب آهي ته ”پنهنجي لاءِ هڪ ملڪ پاڪستان ته اسان وٺي ڇڏيو پر اسان 60 سال گذري وڃڻ باوجود هڪ قوم ٿي نه سگهياسين۔۔۔“
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    سائين اها ڳالهه واقعي سوچڻ جي قابل آهي ته اسان وٽ سنڌي هجڻ جي باوجوي جهيڙا جهڳڙا ذات جي بنياد تي ٿنيدا آهن مثلا ادا ڪورائي ۽ ماڇي پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ اهو جهيڙو ڪافي ڏينهن پيو هلندو ان ۾ ڪيئن اهڙا واقعا اوهان جي سامهون هوندا. اهو نظريو دوستن جي خيال ۾ ڪهڙي اهميت جو حامل آهي.
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ادا جڏهن سنڌ آزاد مُلڪ هوندو هو، جيئن چچ گهراڻي مان راجا ڏاهر حڪومت ڪندو هو پنهنجي خانداني يا ذاتي حيثيت برقرار رکڻ لاٌٌءِ پاڻ کي راءِ يا چچ حُڪمران سمجهندا هُئا جڏهن سومرن جي حڪومت هوندي هُئي چوندا هُئا ته سنڌ تي سومرا حُڪومت ڪري رهيا آهن، وري جڏهن سمن سنڌ تي حُڪمراني ڪئي ته چيو ويندو هو ته سمن جو دور حُڪومت آهي، حالانڪه اهي تاڃي پيٽي سنڌ امڙ جي ڪُک مان جنم وٺندڙ هُئا، اها ڳالهه ته ٿي ذات يا خاندان يا قبيلي جي ماڻهن جي پر سنڌ ماٿري ۾ پنهنجي ڌنڌن سان سُڃاڻپ ڪرائيندڙن جا پاڙا به هوندا هُئا اڃا به آهن، جيئن موچين جو پاڙو، ڪورين جو پاڙو، واڍن جو پاڙو، چاڪين جو پاڙو، پڃارن جو پاڙو، ڪاسائين جو پاڙو، لوهارن جو پاڙو، پاٽولين جو پاڙو، حجمن جو پاڙو، ڪنڀارن جو پاڙو، وغيره هاڻي اسان غور ڪنداسين ته انهن ڌنڌن وارن انهيءَ ڌندي سان ئي پنهنجون ذاتون سڏائڻ شروع ڪيون۔ بس ائين سمجهيو وڃي ته اسان سنڌ ۾ رهندڙ قومون جيڪي 1959ع کان ڪٿان به لڏي سنڌ ۾ آيون سي سب سنڌي آهن ۔ پر صرف انهيءَ ڳالهه کي سمجهه ۾ ويهاريو وڃي ته آهي ته بلوچ ذات جو پر سندس شناختي ڪارڊ، سندس تعيلمي سرٽيفيڪيٽ سندس شهر ڪراچي سموري جا سمورا جيجل سنڌ سان تعلق رکن ٿا، جيڪڏهن سنڌ جي آدمشماري ڪئي ٿي وڃي ته اها سموري سنڌ جي آبادي سڏائبي نه ڪا ذات پات برادرين جي۔ ۽ منهنجي خيال ۾ پياري پاڪستان جي روز روز ترميم شده آئين ۾ به ائين ئي لکيل آهي۔ باقي راءِ شماري يا آدمشماري پياري پاڪستان ۾ ڪهڙي طرح ٿئي ٿي ان جو نچوڙ سائين نثار ابڙو اڳ ۾ ئي لکي چُڪو آهي۔
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ڀائڙا ممڪن سنڌ حڪومت ڪو اهڙو معاهدو ڪيو هجي يا اسيمبليءَ مان اهو ٽهراءَ پاس ڪيو هجي، انجي خبر هن وقت سياست سان واسطو رکندڙ دوست ئي سهي ٻڌائيندا ۽ جيئن ته مگسي صاحب پڻ هن وقت سرگرم آهي ۔۔۔ ممڪن هو ڄاڻندو هجي ۔۔۔

    مٺا دوست رشيد! جيڪي قومون اصل نسل هونديون آهن ۽ انهنکي هزارن سالن جي تاريخ هوندي آهي انهن وٽ خانداني سرشتو هوندو آهي ۽ اهي خاندان تاريخ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ قبيلا ٿي ويندا آهن ۽ انهن قبيلن جا ماڻهون ان قبيلي سان تعلق رکڻ جي بنياد سان سڃاتا ويندا آهن ۔۔۔ انهن قبيلن جون وري ڪي خوبيون هونديون آهن ۽ ڪي خاميون جنهن مان ان ماڻهونءَ سان پڻ وهنوار ڪرڻ ۾ آساني پئدا ٿيندي آهي ۔۔۔ ٻيو وري انهن قبيلن جا ڪجهه علائقا پڻ هوندا آهن، جنهن سان خبر پوندي آهي ته اڳلو اصل ڪهڙي علائقي جو آهي ۔۔۔ اهو عمل قدرتي هجڻ سان گڏوگڏ سماجي پڻ آهي ۽ اها ڪا خراب ڳالهه ناهي ۔۔۔ اهو عمل دنيا جي سڀني قومن ۾ موجود آهي ۔۔۔ انگريز هجن يا فرينچ يا روسي يا جرمن يا اسپيني يا ترڪي يا عرب يا چيني يا آفريڪي قومون مطلب ته نظر ڦيرائبي ته سڀني قومن ۾ خانداني سرشتا موجود آهن ۔۔۔

    اوهانجي ان غير سنڌي دوست اوهانجي دل خراب ڪرڻ خاطر اها ڳالهه ڪئي هوندي جڏهن ته حقيقت انجي خلاف آهي ۔۔۔ جڏهن سڀني آزاد قومن وٽ قبيلا به آهن ته خاندان به آهن ته ڇا اهي سڀ قومون هن وقت خانه جنگيءَ جو شڪار آهن ۔۔۔؟ نه ايئن ناهي ٿيندو جڏهن ملڪ آزاد هوندا آهن ته انهن وٽ هڪ قانوني سرشتو هوندو آهي ۽ ان مضبوط سرشتي اندر سڀ ماڻهون پنهنجيون ذميواريون نڀائيندا آهن ۔۔۔ بلڪ آءُ ته چوندس ته سنڌ اندر جيڪا هن وقت ذاتي ويڙهه هلي رهي آهي، اها مضبوط قانون ۽ سرشتي جي نه هجڻ سبب آهي ۔۔۔ بلڪه سنڌ جي غلاميءَ سبب آهي ۔۔۔ غلامي هڪ اهڙي گهڻ پاسائين بيماري هوندي آهي، جنهن سان قومن اندر اهڙيون خرافات پئدا ٿينديون آهن جنهن سان ڪيترائي ڀيانڪ اختلافات پئدا ٿيندا آهن ۔۔۔ پر جڏهن قومون آزاد ٿي ترقي ڪنديون آهن ته اهي اختلافات ختم ٿي ويندا آهن ۔۔۔

    اها اڙدو جي چوڻي سري سان ئي غلط آهي ۔۔۔ هڪ ملڪ ڪنهن ورتو؟ مختلف قومن هڪ معاهدو ڪري ملڪ ٺاهيو نه ڪي ڪا مريخ وارن کان زمين ورتي وئي هئي ۔۔۔جڏهن شروع کان ئي پاڪستان هڪ قومي ملڪ ناهي ته پوءِ ايتري مختصر عرصي ۾ ڪيئن هڪ قوم پئدا ڪري وٺندو۔۔؟ قومون تاريخ جي تمام گهڻي عرصي جي پئداوار هونديون آهن ۔۔۔ ڪنهن معاهدي جون نه ۔۔۔
    اهو فڪر ئي پاڪستان کي برباد ڪرڻ لئه ڪافي آهي ته پاڪستان ۾ هڪ قوم آهي ۔۔۔ جي پاڪستاني حڪمران يا اهي ماڻهون جي پاڪستان سان محبت ڪنٿا اهي جي حقيقت کان ڪم وٺن ۽ قومن کي پنهنجا حق ڏئي پاڪستان جو سرشتو هلائن ته ممڪن پاڪستان ڪجهه عرصو هلي وڃي پر جي حقيقت کان اکيون بند ڪري پاڪستاني هڪ قوم وارو راڳ ڳائيندا رهندا ته هڪ ڏينهن قومون جاڳنديون ۽ بلڪل جيئن ٻيا ملڪ معاهدي تحت ٺهيا هئا ۽ ٽٽي ويا ايئن ئي پاڪستان سان به ٿيندو ۔۔۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ڀاءُ توهان ڀلو سوال ڪيو آهي۔۔ هي اهو سوال آهي جنهن کان اسان جي سنڌ جا ماڻهو اکيون بند ڪيو ويٺا آهن۔۔۔ بلڪل اهڙي طرح جيئن اُٺ پکي صرف پنهنجي منهن کي ريتيءَ ۾ لڪائي اهيو سمجهندو آهي ته کيس دنيا نه ٿي ڏسي۔۔۔
    ڏسو ادا اسان سنڌين ڪڏهن پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔۔؟ اسان کي ته پنهنجي پاڻ کي قومي شناختي ڪارڊ يا ڊوميسائل ٺهرائڻ جي ئي ڪا ڳڻتي نه آهي۔ پر ڌاريان ماڻهو لکن جي تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن، انهن پنهنجا ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ تي به مستقل پتا سنڌ جا ڄاڻائي ورتا آهن۔۔ مان پڪ سان ٿو چوان ته اسان جي سنڌ جي اصلي سنڌين چاهي ٻروچ دوستن جي اڌ کان وڌيڪ آبادي جا ته ڊوميسائل ۽ ڪارڊ ئي ٺهيل نه آهن۔۔۔
     
  13. sindhi

    sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    lajwab-sharing
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    سڀ دوستن جي شامل ٿيڻ جي مهرباني
    پر اسان وري به بروچ صاحب جي جواب جي انتظار ۾ آهيون
     
  15. علي

    علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    آءُ وري به ان خيال جو آھيان ته اسان سنڌين کي بلوچ نه سڏائڻ گھرجي۔ شاهاڻي، نوهاڻي، يا مڪراڻي وغيره ڪافي آھي۔
     
  16. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ادا مونهنجي نظر ۾ جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا اهي سنڌي آهن ۽ انهن کي پورو حق آهي سنڌي سڏائڻ جو،
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    بلڪل ادا سولنگي صاحب
     
  18. فهدرند

    فهدرند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جنوري 2010
    تحريرون:
    147
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    مون کي فخر آهي سنڌي هئڻ تي
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ادا فهد اسان کي پڻ اوهان تي فخر آهي
    مولا آباد رکيوَ
     
  20. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچي ۽ بلوچ

    ادا ڪمنٽس ڏيڻ جي مهرباني
    توهان سان متفق
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو