تمام گهڻي ڏکائتي خبر آهي ... سنڌي ۽ بلوچ نوجوانن کي ايئن تشسد ذريعي قتل ڪرڻ تي اسان سڀ شرمنده آهيون، اسان جون اسيمبليون، اسان جا سياستدان، پارليامينٽرينز ۽ سول سوسائٽي به خاموش آهي... اها خاموشي اسان کي لاشون ڏيندي رهندي.
روهڙي مان 4 ڏينهن اڳ کنڀيل جسمم اڳواڻ صاحب خان گهوٽي جو لاش ڀريا روڊ ڀرسان هٿ
گهوٽڪي /ڀرياسٽي(نمائندن وٽان)گذريل 14 فيبروري تي روهڙي مان کنڀجي ويل جسمم گهوٽڪي ضلعي جي صدر صاحب خان گهوٽي جو گوليون لڳل لاش ڀريا روڊ ويجهو ابراهيم شاهه درگاهه ريلوي ڦاٽڪ وٽان هٿ آيو آهي، ڳوٺاڻن ريلوي ڦاٽڪ وٽ ريلوي ٽريڪ کان 2 سئو ميٽر پري هڪ نوجوان جو لاش پيل ڏسي ڀريا روڊ پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس موجب هو اتي پهتا ته لاش ۽ ان جي ڀرسان بال وانگر 2 ننڍڙا بم، هڪ بيٽري، 10 ميٽر تار ۽ فيوز مليا، لاش ڀرياسٽي پوليس کڻائي آئي، جڏهن ته نوشهروفيروز مان بم ڊسپوزل عملو پهتو، جنهن بال بمن کي ناڪاره بڻايو، گوليون لڳل لاش جون تصويرون انٽرنيٽ تي اچڻ بعد گهوٽڪي جي صحافين ۽ هڪ وڪيل لعل بخش گهوٽي لاش صاحب خان گهوٽي جو هجڻ جي تصديق ڪئي، پوليس پاران صاحب گهوٽي جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾صاحب گهوٽي جي ڀاءُ نويد احمد ڪاوش کي ٻڌايو ته کين ايس ايڇ او ڀرياروڊ فون ڪري اطلاع ڏنو ته لاش جي کيسي مان سندس فون نمبر نڪتا آهن، جنهن بعد گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪري ويندڙ هڪ ايس ايڇ او پڻ سندس سڃاڻپ پڻ ڪئي، صاحب گهوٽي جو لاش حاصل ڪرڻ لاءِ سندس وارث ڀريا روڊ روانا ٿي ويا، جڏهن ته صاحب گهوٽي جي لاش ملڻ جي اطلاع تي گهوٽڪي ۾جسمم جي ڪارڪنن ۾ تاءُ پکڙجي ويو ۽ سندس گهر ۾ به ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته گهوٽڪي سوڳ ۾ ٻڏي وئي، صاحب خان گهوٽي کي ڪجهه سال اڳ گهوٽڪي اي سيڪشن پوليس بم رکڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جيڪو ڪيس سکر جي اي ٽي سي ۾ هلندڙ هو، گذريل 14 فيبروري تي ان ڪيس جي شنوائي جي سلسلي ۾ عدالت مان واپس اچي رهيو هو ته روهڙي ۾ لئنسڊائون پل وٽ پارڪ وٽان نامعلوم ماڻهو کيس کنڀي ويا هئا، صاحب گهوٽي کي ڪجهه هفتا اڳ جسمم طرفان اعلانيل هڙتال واري ڏينهن پڻ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڪجهه هفتن تائين هو ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ رهڻ بعد ضمانت تي آزاد ٿيو هو، صاحب گهوٽو گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ جندو گهوٽو ڳوٺ جو رهواسي هو، 14 فيبروري تي کنڀجڻ بعد سندس آزاديءَ جي لاءِ چئن ڏينهن کان صاحب گهوٽي جي گهرواري فرزانه، ماءُ مائي ڀانا، ٻارڙا، جسمم جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پريس ڪلب گهوٽڪي اڳيان بک هڙتال تي ويٺل هئا، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ صاحب گهوٽي جي ڀاءُ نويد احمد سندس بازيابي جي لاءِ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي هئي، صاحب گهوٽو جيئي سنڌ ٻارڙا سنگت کان سياست جي ابتدا ڪئي هئي، بعد ۾ جسقم ۾ به رهيو ۽ جسمم جڙڻ بعد هن جسمم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، هوڏانهن صاحب خان گهوٽي جو لاش ملڻ بعد نوشهروفيروز ضلعي مان جسمم ڪارڪن وڏي تعداد ۾ ڀرياسٽي اسپتال پهتا، رات دير سان صاحب خان گهوٽي جي ڀاڻيجي احسان گهوٽو ۽ وڪيل لعل بخش گهوٽو ڀرياسٽي پهچي لاش وصول ڪيو، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر هريش ڪمار صحافين کي ٻڌايو ته جسم مان 6 گوليون نڪتيون آهن، هوڏانهن جسمم ڪارڪنن اسپتال پهچي علي فقير راڄپر، مجاهد وسطڙو ۽ مظهر ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته ايجنسين صاحب خان گهوٽي کي کنڀي تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪيوآهي ۽ سندس لاش هتي آڻي ڇڏيو ويو آهي، هنن سپريم ڪورٽ کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي.