اڃان وقت آهي (An English Poem)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ ابن قابل قاضي طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2010۔

  1. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    POEM

    STILL THERE IS TIME TO LEARN FROM THE NORTH
    [Written in the Reminiscence of Earth quake Victims]

    By
    Ibn-e-Qabil Qazi


    Still there is time, to learn from the north
    Remember the day of 8th October
    The big hand on 42 and small on 8
    No one dare to say O lord! Kindly wait.

    My spouse is on work and kids are in schools
    I am alone in my heaven’s home
    My mother in law is ailing; she is lying on the bed
    My father in law has not turned up, to leave the kids in school.

    We haven’t seen such event, ever before,
    Thy Innocent people approximately eighty thousand or more
    Kin kids, young youth, Adolescent and Adults,
    Students Teachers Doctors and labourer,
    Have gone for ever within six seconds,
    Parting behind huge wounds, for remember for ever.

    Keeping their wishes and dreams in their minds
    No one knew that what will be happened in a while,
    Still than we haven’t changed our mind,
    Considering that we are for ever.
    Do we think it was a warning and Alarm to us?
    Better to under stand and ask to others.

    We All have to return back to Almighty “ALLAH”,
    Report compliance that, what we have done.
    Though we may be Old or even a Mod
    Still there is time, to learn from the north.
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڃان وقت آهي (An English Poem)

    سائين مون کي سنڌيءَ کان ٻي ڪا سوا زبان سمجهه ۾ اچي ئي ڪانه .. اونئان..
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اڃان وقت آهي (An English Poem)

    ادا پوئم جو سنڌي ترجمون ته ٻڌايو مهرباني ڪري
     
  4. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڃان وقت آهي (An English Poem)

    بلڪل صحيح لکيو اٿو مستن جو ڪهڙو ڪم انگريزي سان .
    ٻين ٻولين سان ان روش تـ اسان جا هڙا حال ڪيا آهن .
    ڀائو مست دنيا الاهي ڪٿان وڃي نڪتي آهي .
    ٻين ٻولين سان پيار ئي اسانجي سڻهي سنڌي کي عزت ۽ مان ڏياريندو ، باقي جي اها روش رهي تـ پوء شايد ٻين جو سلوڪ بـ اهڙوئي هوندو . مهرباني ڪري اهڙا انمول خيال بدلائڻ جي ڪوشش تـ ڪري ڏسو شايد اوهان کي فائدي جي خبر پئجي وڃي.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اڃان وقت آهي (An English Poem)

    ادا ابن قاضي،
    حق موجود،
    سهڻا سائين بلڪل اوهان سچ چيو ته اسانکي ٻين ٻولين سان پيار ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن ڪو علم اوهانجي پنهنجي زبان ۾ موجود نه هجي ته پوءِ بيشڪ ٻين سڀني زبانن مان اهو علم حاصل ڪرڻ عين فرض آهي ۔۔۔ آخر ڪار اهي سڀ زبانون آهن ته انسانذات جون ئي ۽ فطرتي ۽ قدرتي آهن ۔۔۔ انهن سان نفرت ڪرڻ ته اصل نه جڳائي ۔۔۔ جڏهن ته اسين پوري عالم لئه دعائون گهرڻ واري ڀٽائيءَ جا بيت جهوگاريندا رهونٿا ۔۔۔

    پر مٿي دوستن جنهن انداز سان جيڪا ڳالهه شايد چوڻ چاهي اها ايئن ناهي جيئن اوهان شايد سمجهي آهي ۔۔۔ اسانجو دوست مست انتهائي پڙهيل لکيل سلجهيل ۽ انگريزي زبان ۾ سندس پنهنجون سائيٽس ٺهيل آهن ۔۔۔ ۽ هروڀرو اوهان جيڪا انگريزي لکي آهي سا هو نه سمجهيو هوندو، اها ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ آءُ مڃڻ لئه تيار ناهيان ۔۔۔

    اوهانکي جس هجي جن خيالن جو اوهان اظهار ڪيو آهي، پوءِ اهو انگريزيءَ ۾ ئي ڇونه پر عين اسلام جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته ايڏا وڏا حادثا ڪي پنهنجو پاڻ ناهن ٿيندا، جڏهن قادر جي قدرت کانسواءِ ڪک به نه چرندو هجي ته پوءِ هي لکا ماڻهن جو اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي وڃڻ ڀلا پنهنجو پاڻ ته نه هوندو بيشڪ انجي پويان قادر جي قدرت هوندي، ڪو سبق هوندو، ڪا سمجهاڻي هوندي ته جيئن انسان پاڻکي سنڀالي ۽ موٽي ماڳ تي وڃڻ جو ثمر تيار ڪري ۔۔۔

    دوست قاضي صاحب، جڏهن دوستن هن سنڌ سلامت سائيٽ جو بنياد وڌو هو ته اسين دوستن ان خيال کي نظر ۾ رکيو هو ته انگريزيءَ جون هزارين اوطاقون آهن، اردوءَ جا به انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڻڳڻيا اڱڻ آهن اهڙيءَ طرح دنيا جي هر زبان هن وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا مان لاڀ حاصل ڪري پئي ۔۔۔ ڇونه نج سنڌيءَ ۾ به ڪيترائي اڱڻ هجن جي سهڻي سنڌيءَ جي واڌاري جو سبب ٿين ۽ موجود ۽ نئون ادب کڻي دنيا جي آڏو ظاهر ٿين ۔۔۔ پوءِ اهو وچن ڪيو ويو ته نج سنڌيءَ ۾ هر شئي موڪلبي ۽ ٻين ٻولين جي ادب کي بيشڪ حوالي جي طور تي شامل ڪري سگهبو پر هر ليک سنڌيءَ ۾ هوندو ۔۔۔

    آءُ سمجهانٿو ته اوهين به ان ڳالهه سان سهمت ٿيندا ۽ بجاءِ ڪاوڙ ڪرڻ جي اسانجي پٺي ٺپي، اسانجا ٻانهن ٻيلي ٿيندا ۔۔۔ ها اوهانجو ڪو انگريزي ليک هجي ته اختصار ئي سهي انجي سمجهاڻي سنڌيءَ ۾ ضرور ڏيندا ته جيئن هن اوطاق تي سنڌيت جي نعري جو مان بچي پوي ۔۔۔

    باقي ته منهنجا دوست، مون وٽ، تو وٽ ۽ ٻين سنڌ سلامت جي دوستن وٽ ايترو ته سهڻو ۽ ڪارائتو انگريزي، اردو ۽ عربي ۽ فارسي مواد موجود آهي جو هوند هي اڱڻ ڀرجي وڃي پر مواد نه کٽي ۔۔۔ هاڻ اوهان پاڻ ئي ٻڌايو ته اسانکي ڇا ڪرڻ گهرجي ۔۔۔؟ اوهانجي صلاح ۽ رهنمائي اسان لئه شمع جو ڪم ڪندي ۔۔۔

    لک ٿورا اوهانجا جو اوهان تمام ڪارائتيون ڳالهيون ۽ ليک ونڊ ڪندا آهيو ۔۔۔ ۽ حقيقت پڇو ته اوهانکي پنهنجي سنگت ۾ ڏسي فخر ٿيندو آهي ته اسانجي سنگت ۾ قابل ۽ سڄاڻ دوست شامل آهن ۔۔۔

    سڄي ڪائنات جي رب کان دعا آهي ته اوهان جهڙن سنڌ دوست سڄڻن ۾ هر روز اضافو ٿئي ۔۔۔ آمين
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڃان وقت آهي (An English Poem)

    ادا ابنِ قابل قاضي صاحب۔۔۔ جيڪڏهن منهنجي لکيل لفظن اوهان کي رنجايو آهي ته معاف ڪجو۔ ٻيو ته شايد مونکي واقعي ايئن لکڻ نه گهربو هو۔ سائين منهنجي چوڻ جو مقصد اهو آهي ته هن ويب سائيٽ کي اسان دوستن جي ڪوشش آهي ته نج سنڌيءَ ۾ قائم دائم رکيون ۔۔۔ نه ته ايئن ته الائي جي ڪيترو مواد انٽرنيٽ تي اردو، انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود آهي۔۔۔ ٻين ٻولين کي بيشڪ سکجي ۽ سکارجي پر ادا معاف ڪجو پنهنجي ٻوليءَ کي به نه وسارجي۔۔ هن ويب سائيٽ تي منهنجي خيال ۾ رڳو سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد پوسٽ ڪرڻ ضروري آهي ۔۔۔ ٻين ٻولين تي پابندي نه آهي پر ايئن ويب سائيٽ جو مقصد ”سنڌي ٻوليءَ جو پرچار“ ختم ٿي سگهي ٿو۔۔ اوهان جيڪڏهن پنهنجي ان پيش ڪيل شاعريءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڏيو ها ته ڳالهه ٺهڪي ها۔۔
    جيئن سائين نثار ابڙو انگريزي مان ڪيتريون ئي ڪم جون ڳالهيون، انمول موتي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري پيش ڪري ٿو۔۔
     
  7. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڃان وقت آهي (An English Poem)

    ادا نثار ۽ مست صاحب
    السلام عليڪم
    منهنجي ان انگريزي بيت جو ڪو هرڀرو اهيو مقصد نـ هو تـ اسان وٽ سنڌي ۾ مواد ڪونـ بچيو آهي ، پير در حقيقت اهڙا قدرتي واقعا ، الله پاڪ جي وحدانيت جي ڪري ۽ انسان جي ظلم زور ڏاڍائي جي ڪري ئي ظهور پذير ٿيندا آهن ، ۽ منهنجي لکڻ جو مقصد اهيو بـ هو تـ جيڪڏهن ڪو غير سنڌي ڀلجي ان سائيٽ تي ڪجهـ ڳولڻ گهري تـ سندس نگاه هن خاموش پيغام تي پئجي وڃي . ۽ ممڪن آهي تـ سندس روش ۾ ڪجهـ گهڙين لاء ئي انسانيت ۽ الله پاڪ جي وحدانيت جاڳي پوي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو