تاريخ جي ارتقا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخن جو مختصر جائزو

'مقالا' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2014۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    آفتاب حسين کوهارو-ڪوٽڙي
    (حصو پهريون) اڻ ڇپيل
    تاريخ زنده قومن جو قيمتي سرمايو آهي، آڳاٽي دؤر ۾ ٿيل جنگي معرڪن ۽ اتان ملندڙ تاريخي شاهدين مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ڪنهن به خطي جي تاريخ بابت گڏ ڪيل علم جو اصل ڪارڻ ان جي سياسي، سماجي، ثقافتي، علمي، ادبي ۽ معاشرتي عڪاسي واري پهلوئن مان ئي اخذ ڪيل نظر اچي ٿو. قرآن شريف ۾ پڻ ذڪر ٿيل آهي ته “پنهنجي سرمايي کي ڳولي هٿ ڪري، ان کي قلمبند ڪيو”. سڀ کان اول ته اسان کي هيءُ ڄاڻ هجڻ کپي ته تاريخ آهي ڇا ؟، لفظ تاريخ جي لغت ۾ جا معنيٰ ڄاڻائي وئي آهي سا “وقت جي نشاندهي” موجب ليکي وڃي ٿي، پوءِ اهو گذريل وقت هجي يا موجوده هلندڙ واقعا ۽ حالتون ئي ڇو نه هجن، ان اهم ذريعن سبب ئي تاريخ جو پوري ريت علم حاصل ڪري سگهجي ٿو.“تاريخ اهو فن آهي، جنهن ۾ سڄي زماني جي واقعن تي بحث ڪري ان جي تجديد ۽ وقت جو تعين ڪيو وڃي ٿو. ائين کڻي چئجي ته ان ۾ سڄي دنيا جي واقعن تي بحث ڪيو وڃي ٿو.” ۽ لفظ تاريخ کي “اُم العلوم” (علمن جي ماءُ) جو درجو پڻ عطا ٿيل آهي”، اهڙيءَ طرح تاريخي تناظرن کي جانچي ڏسبو ته انهن ئي بنيادن وسيلي تاريخ جو دائرو وڌندو ويو ۽ انهن ماخذن ۾ خطن، دستاويزن فرمانن، سوانح عمرين ۽ ٻين اهم لاڳاپيل دستاويزن جي آڌار تي تاريخن جڙڻ جو باقائده سلسلو ان ڏس ۾ گهڻي اهميت رکي ٿو:“تاريخ کي اُم العلوم يعني (علمن جي ماءُ) سڏيو ويوآهي. تاريخ کي لاڳيتو عمل آهي، جيڪو قومن جي تشڪيل سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طبقن جي پيدائش ۽ پيداواري وسيلن جي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو، تاريخ قومن جي عظيم ورثو هوندي آهي ۽ تاريخ جو موضوع ئي قومن جي تشڪيل ۾ اهم ڪم ڪري ٿو. سماجي، سياسي، اقتصادي ۽ تهذيبي حالتون، تاريخ جي اهم واقعن ۽ رُخن لاءِ ميدان سازگار بنائڻ جو ڪارڻ بنيون آهن. تاريخ هڪ لاڳيتو عمل ضرور آهي، پر تاريخي عمل جو وهڪرو هميشه هڪجهڙو نه هوندو آهي، ڪنهن خاص مرحلي يا موڙ تي پهچي، حالتون بدلجيو وڃن ۽ اُن سان تاريخ جي شڪل به تبديل ٿيو وڃي.”(1) (جويو، تاج، 2000ع، ص 8-9).
    تاريخي روايتن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته تاريخ جو موضوع انسان ۽ زمان جي لفظ مان اخذ ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد نقاد کي سچائي جي ڳولا ڪري ان ڳولا جي نتيجي طور ملندڙ حاصلات جي پرک کي پنهنجي علمي سگهه وسيلي ان جي اصليت بيان ڪرڻ آهي. ان مٿئين راءِ مان خبر پوي ٿي ته لفظ “زمان” کي تاريخ جي لغوي معنيٰ طور ڪتب آندو وڃي ٿو ۽ ان مان مراد علم ۽ سچائي جي ڳولا جاري رکڻ/ پرکڻ آهي. ڳولا جي اهڙي عمل کي تحقيق ڪوٺجي ٿو، جڏهن ته وري ان ڳولا ڪرڻ واري فن جي متلاشي کي پنهنجي ڪيل جدوجهد وسيلي مڪمل ڪري پيش ڪرڻ واري ڏانءُ کي تاريخ نويس ڪوٺجي ٿو. جهڙي ريت اوائلي دؤر ۾ ملندڙ جنگي احوالن جي اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ محققن کي جا خط ۽ دستاويز مليا تن مان انهن تاريخي جنگين جي اصليت جي پرک حاصل ٿي جنهن کي ئي بنياد بڻائي تاريخ سازي جو باقائده هڪ علم (فن) مروج ٿيندي نظر اچي ٿو: “تاريخ جي اندر ڪيترن تهذيبن جنم ورتو پر اهي پنهنجي ان وقت جي معيار جي انتها تي پهچي فنا ٿي ويون. اڄ انهن جو ذڪر ڪتابن ۾ آهي، اثريات ۽ باقيات جي صورت ۾ عجائب گهرن ۾ موجود نظر اچي ٿو. بجاءِ ان جي انهن دؤر ن جي روايت ڏاهپ ۽ نظريي جو شعور علم ۽ فن جي صورت ۾ تاريخ اندر مشعل راهه جي حيثيت رکي ٿو.” (2 ) (ڪاشف 2005ع: ص 14)
    ڪنهن به نقاد کي انهن گذريل واقعن وسيلي ئي اصليت جي وضاحت ڪرڻي پوي ٿي. جنهن کي وري هو پنهنجي صداقت واري اک سان (مشاهداتي نگاهه) چٽا ڀيٽي ڪندي تحقيقي ڪم طور وضاحتن جي مرحلي مان گذر ڪندي تحقيق جي اصل پيمانن جو استعمال ڪري ٿو. ان ڏس ۾ دنيا جي ارتقا کان وٺي هيل تائين جيڪي به تاريخي معرڪا ۽ دنيا جي تاريخ ۾ اڀرندڙ ۽ زوال پذير ٿيندڙ قومن جو احوال پڻ هن ئي ذمري ۾ چٽجندي نظر اچي ٿو ته جيئن ان مان اصل حقيقتن کي معلوم ڪري سگهجي ته انهن تهذيبن ۽ قومن جي اڀرڻ جا ڪهڙا سبب هئا ۽ اهي زوال طرف ڪهڙن ڪارڻن جي ڪري پهتيون. ان سڄي عمل ۾ تحقيق جو ڪم ئي مددگار ثابت ٿئي ٿو، ان موضوع (تحقيق) وسيلي انسان هن دنيا ۾ زندگيءَ جي هر ٿيندڙ عمل جي تشريح هن ئي فن وسيلي اجاگر ڪندو رهيو آهي: “تاريخ يا اتهاس، ڪنهن به سماج ۾ ٿيندڙ مکيه گهٽنائن يا واقعن ۽ انهن گهٽنائن سان جڙيل اهم شخص جو وچور پيش ڪري ٿو. اتهاس جي حقيقتن کي پيش ڪرڻ جو مکيه آڌار تاريخ ۽ نالا ٿين ٿا. ان ڪري اتهاس ڪنهن سماج ۾ آيل خارجي يا ظاهري تبديليءَ جو بيان آهي. پر ادب جو واسطو ڪنهن سماج جي سوچ ۾ آيل تبديلي سان آهي. سماج جي سوچ ۾ آيل بدلاءُ سبب سماج جي مُلهن، قدرن، وشواسن، مڃتائن وغيره ۾ جيڪا تبديلي اچي ٿي، ادب ۾ ان جو اظهار ٿئي ٿو. ان ڪري ادب يا ساهتيه، سماج ۾ آيل داخلي يا ساهتيه کي سماج جو آئينو سڏيو ويندو آهي.” (3)(روهڙا ستيش 2006ع، ص 253).
    جيئن قديم دؤر جي تاريخ ۾ سج، چنڊ، هوا ۽ ٻين شين کي خدا ڪر ي مڃڻ اورو تصور رائج هوندو هو، پر اهڙي تصوراتي عمل کي اڳتي هلي مؤرخن اهو ثابت ڪيو ته، اهي قدرتي طاقتون خدا نه آهن. ان ڏس ۾ قديم تاريخون ۽ ٻيون تحقيقون وسيلي اهڙن تصورن ۽ انهن اوائلي دنيا جي رهاڪن پاران مروج ڪيل اصولن کي پرکيو ويو ته انهن جي شهادتن ۾ اختلاف نظر ٿي آيو، تحقيقي ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ پڻ هڪ جوکم وارو ڪم هوندو آهي، ان ڏس ۾ وري تحقيق ۾ جيترا ڪتاب قديم هوندا آهن، اوتري انهن جي اهميت وڌيڪ ثابت ٿيندي آهي:“ننڍي کنڊ ۾ “چچ نامو” سنڌ جي تاريخ جي حيثيت ۾ پهريون تاريخي ڪتاب آهي، پر جديد تحقيقي مقصد لاءِ ان جو مواد ناقص ۽ ڏندڪٿائي آهي. ان کان سواءِ هي ڪتاب حڪمراني طبقي طرفان لکرايو ويو هو ۽ تنهنڪري سنڌ جي اصل حالتن کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي.” (4) (مبارڪ علي / قريشي اعجاز ، 1984ع، ص 8).
    ان ڏس ۾ دنيا کي به تاريخ جي موضوع کي صحيح رخ اختيار ڪرڻ لاءِ اُصول ٺاهيا ويا آهن. جن بابت اسمٿ لکي ٿو ته “ڪو به شخص (سيرت نبويءَ جي متعلق نه خود کي دوکو ڏيئي سگهي ٿو ۽ نه ٻين کي دوکو ڏيئي سگهي ٿو)، اڄ ڏينهن تائين تاريخي تحقيق جي ابتدا تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، تن جو بنياد انهن اصولن تي نظر اچي ٿو.
    هتي ڳالهه ڪجي ٿي سنڌ جي ادبي تاريخن جي حوالي سان ته سنڌ ۾ ادبي تاريخن لکڻ جي ارتقا ڪٿان ۽ ڪهڙي ريت ملي ٿي. سڀ کان اڳ سنڌي ادب جي مشهور محقق ۽ سنڌ جي ادبي تاريخن بابت اهم ڄاڻ مهيا ڪندڙ شخص خانبهادر محمد صديق ميمڻ پاران سنڌ جي ادبي اشاعت جي تاريخ ۾ سڀ کان اڳ ڪتاب “سنڌ جي ادبي تاريخ” (ڀاڱو پهريون) سن 1937ع ۾ لکي ڏيکاريو. هن صاحب خانبهادر محمد صديق ميمڻ ئي سنڌي ادب جي تاريخ کي منظم طرح سان سهيڙي گڏ ڪري هڪ ادبي تاريخ جو پايو وڌو ، هن صاحب جو ڪم ئي سنڌي ادب ۾ سنڌ جي حقيقي تاريخ تي ٿيل ڪم پهريون عملي ڪم ثابت ٿيو آهي. ان کان اڳ سنڌ توڙي عالمي سطح تي جيڪي به تاريخون پيش ڪيو ن ويون آهن سي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ تي يا سنڌ بابت ئي ترجمو ڪري پيش ڪيون ويون هيون. پر سنڌ جي ادبي تاريخ تي تحقيقي ڪم طور خانبهادر محمد صديق ميمڻ ئي سڀ کان اول هي تاريخ لکي پاڻ ملهايو آهي. هن ڪتاب جا ڪيترائي جلد ۽ ڇاپا موجوده وقت ۾ پڻ مختلف ادارن پاران شايع ٿي چڪا آهن. ان ڏس ۾ ٻيو محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا آهي، جنهن سنڌي ادب جي خدمت ڪندي سنڌي ادب جي تاريخ لکي جنهن ڪتاب جو نالو “نثر جي تاريخ” رکيائين، جو سال 1966ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، تنهن کانپوءِ سنڌ جي عالمن ۾ جيڪو نالو اچي ٿو سو آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هن صاحب جي اهم تصنيفن ۾ ٻين اهم ڪمن کان علاوه ڪيترن ئي شاهڪار ڪمن سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي تاريخ لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيو آهي، سندس لکيل ڪتاب “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ” بنيادي ڪتاب طور تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران سن 1966ع ۾ ڇپيو. سنڌ جي هن عالم، تاريخ نويس ۽ محقق کان پوءِ جنهن سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ بهرو ورتو سو هو محترم منگهارام ملڪاڻي جنهن جي لکيل ادبي تاريخ جو نالو آهي، “سنڌي نثر جي تاريخ” هي ڪتاب سنڌي علم و ادب بابت تمام اهم ليکيو وڃي ٿو، جيڪو پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پاران سن 1968ع ڌاري ڇپيو. سندس هي ڪتاب ڪل 346 صفحن تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ سنڌي نثر جي اهم صنفن تي طبع آزمائي ٿيل آهي تنهن کان پوءِ سنڌجي برک عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” سال 1973ع ۾ لکي منظر عام تي آندي. جنهن کان پوءِ پاڻ ان ڪم تي وڌيڪ طبع آزمائي پڻ ڪيائين، هي اهم ڪم سنڌ جي ادبي تاريخ جي ٽن جلدن جي صورت ۾ تڪميل تي پهتو آهي، تنهن کان علاوه سندس اهو ڪتاب ٽن جلدن ۾ مختلف ادارن سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري “سنڌي لئنگيج اٿارٽي” پاران پڻ وقت بوقت وڌايل ۽ سڌاريل نموني طور شايع ٿيندو رهيو آهي. “هونئن ته تاريخ کي ٻيهر مرتب ڪرڻ (Reconstruct) ڪرڻ يا جوڙڻ لاءِ لوڪ ادب، لوڪ شاعري، آثار قديمه، روايتون، سماجيات (خاص طور رسمون ۽ رواج) ثقافتي انساني اڀياس جو علم (Anthropology)، محققن لاءِ اهم وسيلا يا ڪچي مال جي حيثيت رکن ٿا، جنهن جي وسيلي تاريخ کي ٻيهر جوڙي سگهجي ٿو”. (5) (مبارڪ علي / قريشي اعجاز ، 1984ع، ص 8).
    جيتوڻيڪ معاملو تاريخ جو هجي يا پوءِ سنڌ جي ادبي تاريخ جو، پر ان ۾ اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته ڪيترن ئي محققن پاران ان ڪم کي سرانجام ڏيندي پنهنجي جذبات کان ڪم ورتل نظر اچي ٿو ۽ ان سموري عمل کي مفروضن يا ٻڌل سڌل ڳالهين سان منصوب ڪيل نظر اچي ٿو ، اهڙي قسم جو ڪم تاريخ تي لکڻ يا سمجهڻ جو غير مناسب طريقو آهي. ان ڳالهه کي مدنظر رکندي مون پنهنجي هن تحقيقي ڪم جي لاءِ هي موضوع چونڊ ڪيو آهي ۽ ڏٺو وڃي ته علمي حوالي سان پڻ هن موضوع جي اهميت تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي.ان لاءِ هن موضوع جي چونڊ کي اهم سمجهيو اٿم.“رسڪن” لطيف فنن جي مقصدن بيان ڪرڻ وقت لکي ٿو تھ: “ڪوبھ نقاش جيڪڏھن فطرت جي ترجماني ڪرڻ چاھي ٿو، پر ھو انھيءَ ۾ ڪامياب ٿيڻ جي قابليت نٿو رکي تھ اسان جي زبان مان بي اختيار ھي جملو نڪرندو تھ؛ فطرت ۽ منھنجي وچان ھٽي وڃ.”، ان راءِ کي مدنظر رکندي رسڪن جي عڪاسي ڪيل تحرير کي پڻ مستقبل جي اڳڪٿي سمجهندي تاريخ نويسن کي پڻ ڪن جاين تي اهڙي حساس نوع جو مزوپڻ چکڻو پيو هوندو، نه فقط اهو پر ڪن جاين تي ته اهڙيون شاهديون پڻ ملنديون رهيون آهن ته دنيا جي ڪيترن ئي تهذيب يافته ۽ ترقي پذير خطن جي علمي ذخيري کي باهه جي ڍڳ ۾ ساڙيو ويو ٿي ته ڪٿي وري ان حملي آورن پنهنجي مخالفين جي علم کي ناڪاره ۽ مردود ڄاڻائيندي ان کي مڻ مٽيءَ جي تهن اندر دفن ڪيو ٿي ويو ته جيئن اڳتي هلي اهڙو علمي ذخيرو ايندڙ نسلن تائين نه پهچي: “جابر حاڪمن جي جبر ۽ ڏاڍ سبب قومن ۽ ملڪن جي حقيقي تاريخ جو رُخ اسان کان هميشه لڪل رهيو آهي، مفتوح قوم، هڪ وڏي عرصي تائين ڪنهن ڏاڍي ۽ جابر قوم جي غلام بڻجي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح مفتوح قوم جي سياسي، سماجي، تهذيبي ۽ اقتصادي تاريخ جو چهرو بگاڙيو ويندو آهي ۽ فاتح قوم جي هر ڏاڍائيءَ، هوس گيريءَ ۽ عياشيءَ واري عمل کي رحمدليءَ، حق پرستيءَ ۽ شرافت جو جُبو پارايو ويندو آهي.” (6) (جويو، تاج، 2000ع، ص 11)
    جيتوڻيڪ ان وقت جي مورخن پاران جيڪا تاريخ رقم ڪئي ٿي وئي ان جي سهيڙ جو پڻ ڪو جوڳو بندوبست نه پئي رهيو پر تنهن هوندي به وري جيڪا ڪجهه تاريخ سهيڙي وئي سا وري ڪيترن ئي ظالم حڪمرانن کي هٿ لڳي جن پنهنجي ظلم جي زور تي ان کي مسخ ڪرڻ جا جتن پڻ ڪيا، ان ڏس ۾ ڪڏهن ته تاريخي مواد کي ساڙيو ٿي ويو ته ڪڏهن وري ان سان هٿ چراند ڪري ان جي اصل صورت کي ئي بگاڙيو ٿي ويو، ان ڪري سڄاڻ قومون پنهنجي تاريخ ۽ تاريخي ورثي کي سانڍي رکنديون آهن:“ادبي تاريخ جي مورخ جي نظر جڏهن ان طرف وڃي ٿي تڏهن سندس قوم جي فڪري ۽ ادبي تاريخ جو قيمتي سرمايو جيڪو سون سالن جي عرق ريزي ۽ جانشانيءَ سان سهيڙيو ويو، تنهن ڪڏهن ارغونن ۽ ترخانن ته ڪڏهن پورچوگيزن ۽ افغانين جي هڪڙيءَ تيليءَ سان ڀنڀٽ بڻجي وڃي رک جي صورت اختيار ڪئي ته ڪڏهن سيلابن ۽ ٻوڏن جي اچڻ سان لڙهي وڃي سمنڊ سان سمنڊ ٿيو، تڏهن ان محقق ۽ مؤرخ جي پڪ لونءَ لونءَ ڪانڊاربي هوندي ۽ ڪڏهن ٿڌا ساهه ڀري مايوسيءَ ۾ افسوسناڪ ڪيفيت مان گذرڻو پيو هوندس.” (7) (هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، 2009ع، الف)
    جيتوڻيڪ ابتدائي ڪوششن وسيلي تاريخ نويسي جي فن جي ابتدا قرآن پاڪ جي قصن ۽ حديثن مان ئي حاصل ڪئي ويندي هئي، جيتوڻيڪ هن فن کي عباسي دؤر ۾ يحيٰ برمڪي، مسعودي، ابن الاثير، بلاذري ۽ ٻين ڪيترن جيد عالمن شهرت بخشي، ان سسلي ۾ بلاذري “فتوح البلدان” جي طرز تي تحرير ڪري تاريخي فن کي هٿي ڏني. ان کان علاوه ابن سعد به عباسي دؤر حڪومت جو هڪ اعليٰ تاريخ نويس ليکيو ويندو آهي، ان دور ۾ جيڪي ڪتاب ملن ٿا سي هي آهن، “طبقات ڪبير”، “طبقات صغير”، ۽ “تاريخ اسلام” جيڪي سندس مشهور تصنيفن ۾ شامل آهن. تاريخ واري فن جي ابتدا جي تحرير ٿيڻ کانپوءِ ئي هن فن تمدني حيثيت پڻ حاصل ڪئي، ان ورثي جو فن سان هڪ اهڙو تعلق جڙي ٿو جنهن جي روشنيءَ ۾ مستقبل کي سنوارڻ جو گس ملي سگهيو. ابتدائي طور تي جنهن ۾ انسان پاران ورتل پنهنجي اڻ پورين ڪوششن ۽ پنهنجي عقلي مطالعي بعد اڳتي قدم وڌائيندو ٿي رهيو، سندس عمل ۽ رد عمل جي قصن ۾ وسعت ٿيندي ٿي رهي ۽ سوچن جي ڇڪتاڻ سبب انسانذات جي جياپي واري عملي زندگيءَ جا نوان گس گهڙي ٿي ڪڍيا، اهي گس ۽ جستجو جو فن نظرين کي هٿي ڏني ۽ ان فني نظريي ئي اهڙي طرح انساني همت ۽ شعور کي بيدار ٿي ڪيو جنهن جا پڻ دنيا جي تاريخن ۾ ڪيترائي مثال درجن ٿيل ملن ٿا: “قديم زماني کان تاريخ ۽ تهذيب جي ڳڻپ ڪئي ويئي ته ان ۾ خطن جي باري ۾ معلومات جو ذخيرو موجود ٿيو، جنهن موجب ڏاڍن جي حملن کي بنيادي عمل ڄاتو ويو. مورخن حملن جي تاريخ لکي هن باب جي ابتدا ڪئي اهڙن حملن کي قديم ترين حمله آورن کان ڳڻجي يا ايشيا ۾ چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جي تاتاري يلغار کي حساب ۾ آڻجي، انهن پر امن خطن جي معصوم ماڻهن جي زندگين کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ تهذيبن کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو.ائين قائم تهذيبون ۽ ثقافتون ختم ٿي ويون.” (8) (جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، 2005ع: ص21)
    دنيا جي تاريخن مان ئي قومن جي عروج ۽ زوال جي آکاڻي، فڪر ۽ ڏاهپ ڀريا عقلي نقطا، صداقت سان تاريخي نظرين واري پرک پئجي سگهي ٿي، ڇو ته صداقت، تاريخ جو روح آهي ۽ انهيءَ اهم نقطي کان سواءِ ادب لطيف جو ممڪن هجڻ محال نظر اچي ٿو:“ادبي تاريخ انسان جي سوچ ۽ فڪر جي سفر جو هڪ اهم دستاويز آهي. جنهن مان ڪنهن به قوم جي فڪر ۽ ڏاهپ کي ماپي ان جو ايڪو يا پد مقرر ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي علمي ۽ فڪري دستاويز کي ڏسبو ته اهو ضخيم ۽ وسيع آهي.” (9) (هڪڙو2009ع، الف)مٿئين سموري بحث ۾ تاريخ جي تشريح ۽ تاريخي واقعن ۽ اوائلي ڪتابن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ هلندڙ ٻئي حصي ۾ سنڌ جي ادبي تاريخن جو باقائده جائزو ورتو ويندو، تاريخ هڪ تلخ حقيقت هوندي آهي، جيڪا جذبات جي بنياد تي نه پر حقيقت جي بنياد تي سمجهڻ ۽ لکڻ گهرجي. (هلندڙ)
    (aftabcpcs@yahoo.com)
    حوالا:
    1. جويو، تاج، “سنڌ جي تاريخ جو مطالعو”(جيالاجيءَ جي ٽئين زماني کان عربن جي حملي تائين)، 2000ع، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/ حيدرآباد، ص 8-9
    2. ڪاشف، محمد حسين، ڇهه ماهي سنڌي ادب“ادب ۾ روايت ۽ نظريي جي اهميت” ، 2005ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، ص 14
    3. ميمڻ، فهميده حسين، ايڊيٽر، “انٽرنيسنل ڪانفرنس سنڌ ماضي حال مستقبل”، (انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا)، روهڙا ستيش، مقالو“هندستان ۾ سنڌي ادب- رخ ۽ لاڙا” 2006ع، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي
    4. مبارڪ علي / قريشي اعجاز ، سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکڻ کپي (اصل انگريزيءَ ۾)، 1984ع،سنڌ اسٽڊي فرينڊس سرڪل حيدرآباد، ص 8
    5. ايضاً
    6. جويو، تاج، “سنڌ جي تاريخ جو مطالعو”(جيالاجيءَ جي ٽئين زماني کان عربن جي حملي تائين)، 2000ع، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/ حيدرآباد، ص 11
    7. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، “شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو”، 2009ع، الف- پيش لفظ
    8. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ڇهه ماهي سنڌي ادب “پاڪستان ۾ سنڌي زبان ۽ ثقافت جو آئيندو”، 2005ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، ص21.
    9. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، “شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو”، 2009ع، الف- پيش لفظ
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,226
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو