ڪنهن به چينل يا ان قسم جي ٽيڪنيڪل ڪم جو بلڪل به تجربو ناهي. باقي چينل جي حوالي سان ڇا شامل هجڻ گهرجي، ترتيب ڪيئن هجڻ گهرجي، ان حوالي سان اوهان سان ڀرپور تعاون ڪبو.
انتهائي محنت ۽ گهڻ خرچ جو پروجيڪٽ آهي.. توهان جي همت کي داد ڏجي جو ان بابت نه صرف آئيڊيا پر هڪ مڪمل فزيبلٽي رپورٽ پڻ مرتب ڪئي آهي..
توڙي جو اڳ ئي 5 يا 6 سنڌي چينل موجود آهي پر ڇا توهان مختصر ئي سهي اهو واضح ڪندو ته هي چينل ڪهڙي حساب سان مختلف ۽ منفرد ثابت ٿيندو.. ٻيو اهو به ته جڏهن توهان هر عام ۽ خاص سنڌي کي انويسٽ ڪرڻ جو آڇي رهيا آهيو ته هن جي انتظامي اختيارن ۽ ايڊمينسٽريشن جي جوڙجڪ کان سواءِ اهم حصو هن جي ضابطهء اخلاق بابت ڇا موقف رکو ٿا...؟
ادا سنڌي ميڊيا...معذرت سان چوندس، مان توهان جي هن آئيڊيا سان متفق نه آهيان...توهان جو اهو منصوبو عمل جوڳو نه آهي.
پهرين منهنجو ارادو هو ته جڏهن متفق ناهيان ته هروڀرو مخالفت وارو يا سخت جواب لکي توهان کي مايوس ڇو ڪريان..
بحرحال توهان جو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي بهتري لا اهڙو ارادو ۽ منصوبو پنهنجي جا تي ساراهڻ لائق آهي.
پر جڏهن توهان تنقيدي سوالن جي اجازت ڏني آهي ته پنهنجا خيال ٻُڌائڻ جو ارادو ڪيم......
ادا...مونکي هي منصوبو هڪ اهڙو خواب نظر اچي رهيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن به حقيقي روپ ۾ تبديل نه ٿي سگهندو....
دنيا جا جيڪي به ڪامياب چينلز ڪم ڪري رهيا آهن انهن جي پُٺيان پهرين کان ئي ڪو نه ڪو مضبوط ادارو موجود هوندو آهي.
پاڪستان جو ئي مثال وٺون ٿا..اُڙدو جا چينلز ڏسو يا سنڌي چينلز ....اڪثريت انهن جي آهي جيڪي صحافتي ميدان جا پراڻا رانديگر آهن. هر ڪنهن جون پنهنجون اخبارون ۽ رسالا وغيره پهرين کان ئي ڇپجي رهيا آهن. بجيٽ جي معاملي ۾ سڀ ٽيڪيل آهن.
جيو چينل وارا اصل ۾ جنگ گروپ وارا آهن...ڊان اخبار وارن به پهرين انگلش ۾ چينل شروع ڪيو جنهن کي ڪجهه وقت کان پو اڙدو ۾ تبديل ڪيو ويو. ايڪسپريس چينل وارن جي به پنهنجي اخبار آهي، ڪي ٽي اين چينل به ڪاوش گروپ وارن جو آهي وغيره وغيره.
جيڪي چينل بنا ڪنهن نيوز گروپ وارن جا آهن انهن جي پُٺيان به ڪا نه ڪا اهم تجارتي ارب پتي شخصيت ضرور هوندي آهي.
ان کان علاوه ڪنهن به چينل کي هلائڻ لا هڪ پوري تربيت يافته ٽيم جي موجودگي بيحد ضروري هوندي آهي. ان ٽيم ۾ شامل تمام گهڻي تعداد ۾ موجود ماهر ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن جو تجربو هئڻ گهرجي، شوبز جي دنيا ۾ ليکڪ کان وٺي اداڪاري تائين، ريڪارڊنگ کان وٺي آن ايئر پروگرامن تائين هر هڪ ماڻهو نظم ۽ ضبط سان محنت ڪندو آهي. اهو سڀ هڪ سسٽم مطابق عمل پذير ٿيندو آهي ۽ ڪو به سسٽم جهٽ پٽ ۾ نه ٺهندو آهي.
توهان جي منصوبي ۾ ٻه اهم خاميون آهن. هڪ سرمايو جيڪو صرف ڪاغذن ۾ آهي ۽ ٻي خامي اها ته ماهر ماڻهو گڏ ڪرڻ بدران توهان هر فن کي سيکارڻ يا تربيت ڏئي انهن مان ڪم وٺڻ جو سوچي رهيا آهيو. ايئن ڪو به نه ڪندو آهي. هڪ ئي وقت ايترا سارا ڪم ٿيڻ ناممڪن هوندا آهن. توهان چينل کولڻ واري ڳالهه ڪرڻ سان گڏوگڏ فنڪارن جي تربيت ۽ ڪورسز ڪرائڻ جي به ڳالهه ڪري رهيا آهيو...شوبز جو علم يا تجربو ڪنهن اڻڄاڻ کي ڏيڻ هڪ وقت طلب ڪم آهي. جڏهن ته چينل شروع ڪرڻ ۽ ان کي ڪاميابي سان هلائڻ لا ماهر ماڻهن جي پهرين کان ئي موجودگي نهايت ضروري هوندي آهي.
ڪجهه دير هنن ڳالهين تي سنجيدگي سان غور ڪندا....
چينل شروع ڪرڻ لا سڀ کان پهرين جنهن ڪثير سرمائي جي ضرورت هوندي آهي، اها موجود نه آهي. گڏ ڪرڻ جو ڪو طريقه ڪار واضح نه آهي... نفعي نقصان جو به ڪو اتو پتو نه آهي.اهڙي صورتحال ۾ ڪو به ماڻهو پنهنجي رقم ڇو ڦاسائيندو..؟ جيڪڏهن پهرين کان چينل هلندڙ هجي ها ته شايد ماڻهو سيڙپ ڪاري بابت سوچين ها..
سرمايو گڏ ڪرڻ لا سڄي قوم جي هر هڪ فرد مان اميد رکڻ به بيوقوفي آهي. فرض ڪريو ته هر سنڌي ماڻهو پنهنجو پنهنجو حصو شامل به ڪري ڇڏيو ته توهان ڪنهن ڪنهن کي ڪيترو ڪيترو منافعو ڏيندا..؟
ايترن سارن مالڪن جي موجودگي ۾ ڪنهن ڪنهن جي ڪيتري ڳالهه مڃي ويندي.....؟ هن جهنگ ۾ ته هر ماڻهو شينهن هوندو..!!
چينل شروع ٿيڻ جي ڏکين مرحلن کي نظر انداز ڪندي ڪجهه دير لا اهو سوچجي ته توهان جو اهو چينل آن ايئر هلي چڪو آهي.هاڻ ظاهر آ.. پهرين ڏينهن کان ته اهو منافعو نه ڏيندو. ان چينل کي منافعه بخش بڻجڻ لا گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا. تيستائين چينل هلائڻ جا خرچ ڪيئن پورا ٿيندا...؟
چينل هلائڻ لا جيڪڏهن عمارت ۽ ٻيو جديد سامان وغيره موجود به هجي ته به سڄي عملي کي صرف پگهارون ڏيڻ لا هر مهيني ڪروڙين روپين جي ضرورت پوندي آهي. اها رقم ڪيئن مهيا ٿيندي..؟
هر سيڙپ ڪار اهو چاهيندو آهي ته جتي رقم لڳائجي اتان جلد از جلد منافعو به ملڻ جي اميد هجي.
توهان جي هن منصوبي تي عمل ڪرڻ منهنجي نظر ۾ سراسر نقصان جو سودو آهي.
ابا جيڪڏهن سڀ ڪجهه موجود آهي ته پوء دير ڇو ۽ ڇا لاء؟؟
گهربل وسيلا يعني پئسا هٿ ۾ آهن.. مشينري به موجود آهي، ماهر به موجود آهن ته عملي طرح ان جو وجود اهي ماهر ئي رکي سگهندا نه ئي اسان جهڙا اٻوجهه...
اردو ۾ چوندا آهن ته .... بچا بغل ۾ ڍنڍورا شهر ۾
جڏهن هر شي هنجهه ۾ آ ته ڪيو بسم الله ... اٻوجهن کي منجهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آ...
ابا جيڪڏهن سڀ ڪجهه موجود آهي ته پوء دير ڇو ۽ ڇا لاء؟؟
گهربل وسيلا يعني پئسا هٿ ۾ آهن.. مشينري به موجود آهي، ماهر به موجود آهن ته عملي طرح ان جو وجود اهي ماهر ئي رکي سگهندا نه ئي اسان جهڙا اٻوجهه...
اردو ۾ چوندا آهن ته .... بچا بغل ۾ ڍنڍورا شهر ۾
جڏهن هر شي هنجهه ۾ آ ته ڪيو بسم الله ... اٻوجهن کي منجهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آ...
ضلع مٽياريءِ جي شهرن(مٽياري، نيوسعيدآباد ، هالا، ڀٽ شاه ) ۽ ضلع نواب شاه جي شهرن (سڪرنڊ، نواب شاه ۽ سرهاڙي) جي عوام کي آگاهي ڏجي ٿي ته جيئن ته هي دُنيا جو پهريون ثقافتي چينل (ساليوُوڊ ٽيليويزن نيٽ ورڪ) شهر نيوسعيد آباد ۾ ڪي ٽي اين جي چاڪليٽي ڊائريڪٽر ۽ سيريل ( اوکا پنڌ، اڌورا ارمان، درونديءَ جو ديس) مرحوم امداد شاه راشديءَ ۽ مرحوم پير مظهرالحق شاه جون هر وقت يادون رکڻ لاءِ کوليو پيو وڃي ان ڪري هن چينل جي آنر شپ جا والينٽيئر حق، شهر ۽ پسگردائي ۾ رهندڙ ن جا هوندا . نئون نسل، ميڊيا سان وابسطا ڪو ايڪٽر، ڊائريڪٽر يا فنڪار جنهن پنهنجي ڊرامن جون رڪارڊنگ (ساليوُوڊ اسٽوڊيو) ۾ ڪيون آهن ته کي گُذارش ٿي ڪجي ته پنهنجي والينٽيئر آنر شپ ڪليم ڪن. جي هن شهرين ۾ رهندڙ هستيون نيٽ يا فايس بوڪ تي موجود آهن ته اُهي هي ميسيج پنهنجي والدين، ڀائرن سان شيئر ڪن جن جو امدا شاه راشديءَ ۽ سائين پير مظهرالحق شاه راشديءَ سان واسطو رهيو آهي. انهن توهان سڀني تي فرض آهي ته هن ڪاز جي پکيڙ ڪري هن چينل کي جلد از جلد وُجود ۾ آڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو.
بيشڪ مُشڪل به آهي ۽ وقت طلب به پر ناممڪن هرگز نه. اچو ته سنڌي ثقافت جي رنگ هيٺ ڦُڙي ڦُڙي ٿي جُڙون ۽ وري انڊس جي گرد انڊس ماٿري بڻايون جيڪا بهترين شناخت ۽ اسانجي سولائيزيشن جي گواه آهي. اسان نه ته ڌاڙيل ، نه چور، نه ٺڳي خور، نه ڪانڀو خان پوءِ ڍائي وڏيري ، پير، مير، رئيس جا غلام آهيون پر اسان هڪ آزاد ثقافت جي پوئيواري ڪندڙ. اهي اسانکي غلام رکڻ واريون هلاڪو خان جون غلاظتون آهن جيڪي اسان ۾ ڪاه ڪندڙن ڀري ڇڏيون آهن. جنهن تحت هو اسانجي قوم کي پنهنجي اڳٺ سان ٻڌي غلام، لاچار ۽ مُفلس ڪندا اچن ۽ اسانجي سون جهڙي ڌرتيءَ تي حاڪم بڻي اسانکي جُرمن ۽ ڏوهن جا رستن تي وجهي ويٺا آهن. اچو ته جان ڇڏايون.
سنڌي سڄڻئو! دوستئو! فنڪارئو! معصوم ۽ مظلوم سنڌي ، ڪانڀو خانن جا بمجبوري بڻجندڙ غلامئو! اُٿو متان دير ٿي وڃي! متان توهانجا رئيس سنڌ ڌرتي ڌارين کي وڪڻي وڃن ۽ ونگار ۾ توهان کي به جيڪا صدين کان روايت اچي پئي. تمام گهربل وسيلا ، مين پاور ۽ مشينري ۽ وابسطا تجربيڪار ۽ ماهر هٿ ۾ ۽ گڏ آهن صرف هڪ سوچ کي عملي طرح جُڙڻو آهي ،هڪ سوچ، هڪ آئڊيا، هڪ حقيقت، هڪ خواب تعبير ۽ منزل مُمڪن ۽ صرف اوهانجي پنهنجي هٿ۾ عملي ساٿ سان جي ڳالهه وڻي ته ۽ صحيح آهي ته پهرئين اهو سوچبو. ڇو جو هن قومي چينل کي انفرادي طور ڪنهن ڪاموري، سرمايادار، وڏيري، پير، مير، شاه، جاگيردار، ڪاڀوخان، هلاڪو خان، رئيسن جي چنبي هيٺ نه، نه بلڪه اجتمائي طور هڪ ٽيم ليڊر جي پلان تحت ئي ڪامياب ڪري هلائڻو آهي.حلانڪه الاهي سرمايادار، ڪاروباري، شخصيتون، اين جي اوز ، ٻاهرئين مُلڪن ۾ رهندڙ سنڌي يا واسطيدار تنظيمون به رابطي ۾ آهن. پر جيئن ته هن کي هڪ قومي چينل ٽرسٽ طور هلائڻو آهي اُن ڪري هن لاءِ هر سنڌي فرد جي سپورٽ گهري وئي آهي. ڇو جو هن ثقافتي چينل جو مالڪ صرف ۽ صرف هر سنڌي خود پاڻ هوندو. جي ارادو صحيح آهي ته انشاالله ضرور ڪامياب ٿيندو (دير آيد دُرست آيد).
ان لاءِ جي سنڌيت جا دعويدار آهيو، جي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ پريشان آهيو ۽ حفاظت ڪرڻ چاهيو ٿا ته اڳتي وڌو، پنهنجي سنڌي ثقافت جي ملي پرچار ڪريو، پنهنجي سنڌي ٻولي، تمدن، تاريخ ، تهذيب ، ڪلچر پاڻ گڏجي بچايو...بچايو، پنهنجي قوم جي سنڌي ثقافت جي پرچار پنهنجي مُڪمل ۽ دُنيا جي واحد ثقافتي چينل (ساليووُڊ ٽيليويزن نيٽ ورڪ) سان جوڙيو. ڌارين جون اکيون توهان جي ڌرتيءَ تي کُپل آهن، جنهن کي هو ڪامورن، پاٿاريدارن، رئيسن، ڪانڀو خانن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، جاگيردارن، ڌاڙيلن، ڦورن، اغواڪندڙن جنهن جي اڳٺ ۾ توهان ٻڌجي مُڪمل اونداهيءَ ۾ گهڙي ويا آهيو، جيڪو توهانجي مُفلسيءَ ۽ لاچاريءَ جو فائدو وٺي توهان کي مُجرمانا يا غلاميءَ جي زنجيرن ۾ ٻڌيو ويٺو آهي. متان دير ٿي وڃي، سنڌي زبان جي نالي تي بيحيائي ۽ ڌاڙيل گيري، ڪمداري، وڏيرپائي پرچا ڪندڙن هن ڪامورن جي ايجنٽن کان بچو ۽ اهڙن بيهوده ترغيب ڏيندڙ سوپ ڊرامن خلاف، اُنهن جي ليکڪن ۽ ڊائريڪٽرن خلاف احتجاج بُلند ڪريو جيڪو توهان ۾ ڌاڙيل، وڏيري، جاگيردار ، ڪمدار ۽ ڪانڀو خانن جو خوف ڀري اپاهج ڪري رهيا آهن. سوپ لکڻا آهن ته سنڌي تواريخ تي لکپنهنجي ثقافت تي لکو، تهذيب ۽ 50000 سولائيزيشن جي پرچار ڪري سنڌي قوم کي ڪاه ڪندڙ ۽ قابض ٿيندڙ هلاڪو خان ۽ ان جي ڊي اين اي کان بچائڻ جا اُپاءَ وٺو ڇو جو غلام بڻائڻ، ڌاڙيلگيري ۽ قابض ٿيڻ انهن جي صفت آهي نه ڪنهن سنڌيءَ جي.
اُهي تمام دوست ، گروپ يا ٽيمون ، سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ جيڪي هن سنڌي قومي چينل جو ساٿ ۽ بُنيادي ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ چاهين ٿا ، قومي خدمت جي جذبي سان سرشار آهن جنهن تحت، سنڌ جي صحيح ثقافت ، ڪلچر، روايتن، زبان ۽ ادب جي خدمت ڪرڻ يا نفعي نقصان بُنياد تي سيلف فانانس اسڪيم تحت ڀائيوار ٿيڻ تي ، ته هو هن چينل دُنيا جي واحد ثقافتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ (ساليوُوڊ ٽي وي) جي وساطت سان پاڻ پنهنجي شهر ۾ برانچ آفيسون ٺاهڻ ۽ ان جا پاڻ مالڪ بڻجڻ کان پهرئين ، مهرباني ڪري اُهي سڀ کان پهرئين پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي مُڪمل خبر چار رکن، ۽ پنهنجي حدن ۾ ايندڙ ثقافتي ورثو جمع ڪن، پنهنجي علائقي جي هر قسم ، جي ڪلچر جهڙوڪ (باگڙي، سوچي، راجستاني، راجپوتي وغيره) هر ڪرت جهڙوڪ (واڍڌ، لوهار، کٽي، حجام، رازو وغيره) هر ماڳ مڪان وغيره جي ڊيٽا جمع ڪن، پوءِ پنهنجو گروپ ٺاهي اسان سال گروپ ليڊر جي وساطت سان رابطي ۾ رهن. پنهنجي شيءِ جا پاڻ مالڪ ۽ مُنتظم بڻجي پنهنجي قوم جي خدمت ڪريو، دڳ ۽ رستو اسانجو، محنت ۽ اُجورو اوهانجو، سنڌ سڌُاريو ، نئين جنريشن کي غلامين کان بچايو. هن توهانجي پنهنجي چينل کي جلد از جلد وُجود ۾ اچڻ لاءِ توهانجي پنهنجي جذبي ۽ قدم وڌائڻ جي ضرورت آهي. آئون رٽائر ٿي ويو آهيان، هڪ حصو ۽ پورو وقت مُهنجو ۽ باقي ٽي حصا سنڌي عوام جا گهُرجن، جڏنهن ملي پوندا ته انشا الله هي چينل شروع ٿي ويندو پوءِ هڪ دوست جيان ته ڇا 2018 ۾ ته ادا اهو توهان تي مُنحصر آهي، مون پنهنجو حصو وجهي ڇڏيو آهي ۽ جيئن ته هي سنڌي نيشن جو پنهنجو ڪنٽرولڊ چئنل پنهنجي سنڌي قوم جي ثقافت نروار ڪرڻ لاءِ آهي، توهان بس ساٿي بڻجندا وڃو، انتظار بجاءِ پورا شڪ شهبا ويچاري پنهنجي حصي ۾ آيل حصو کڻيي ڀائيوار ٿيندا وڃو. جڏنهن گهربل ضرورت پوري ٿيندي ته هي توهانجي سوچن تحت وُجود ۾ اچي ويندو جيترو جلد کنڊ وجهندئو اوترو جلد مٺو ٿيندو آئون ته صرف هي ڪافلو کڻي اڳتي وڌان پيو. ممڪن آهي ڪو اهڙو قوم پرست ثقافت جو دائي ميادن تي اچي هن خواب کي اڳ ۾ ڪيش ڪري وٺي ان صورت ۾ به اسان سندن ٻانهه ٻيلي هونداسون ۽ جلد ئي منزل ماڻينداسون ، سوچيو نه عملي طور لبيڪ چئي هن جا پاڻ مالڪ بڻجو. توهانجو پنهنجو ثقافتي چينل (ساليوُوڊ ٽيليويزن نيٽورڪ)