ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
پر اها به حقيقت آهي ته تمام گهڻي ريسرچ کان پو طبي ماهرن اڌ مٿي جي سور جا ڪيترائي ڪارڻ ڳولهي لڌا آهن. اهي ڪارڻ مريضن کي ڄاڻڻ تمام ضروري آهن ته جيئن اهي دماغ جي هن شديد تڪليف کان بچي سگهن.
مختلف مريضن ۾ اڌ مٿي جا ڪارڻ مختلف هوندا آهن. ڪن مريضن ۾ ڪجهه ڪارڻ اڌ مٿي ۾ سور ڪرائيندا آهن ته ڪن مريضن ۾ وري ٻيا ڪارڻ اهو سور ڪرائيندا آهن.
ضروري نه آهي ته هر مٿي جو سور مائيگرين ئي هجي....
مٿي ۾ سور پوڻ جا چار اهم سبب يا بيماريون ٿي سگهن ٿيون. هر هڪ بيماري ۾ مٿي جو سور مختلف حصن ۾ ۽ مختلف تڪليفون ڪرائيندو آهي.
مٿي ۾ پوندڙ مختلف سورن کي سمجهڻ لا هنن تصويرن ۾ ڏيکاريل دماغ ۽ چهري جي مخصوص حصن تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اڌ مٿي جو سور ڪن مريضن کي سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا ته ڪن مريضن کي وري هڪ هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا به پئجي سگهي ٿو.
اڌ مٿي جو سور ۽ دماغ ۾ ٿيندڙ خرابيون
- هڪ ڪيميڪل سيروٽونن (Serotonin) جي مقدار دماغ ۾ تمام گهٽ ٿي وڃڻ سان رت جون رڳون سُڪڙجي وينديون آهن. هي ڪيميڪل اسان جي موڊ، ننڊ ۽ بُک محسوس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
- اسان جي خوراڪ ۾ ميگنيشيم (Magnesium) جي غيرموجودگي به اڌ مٿي ۾ سور ڪرائي سگهي ٿي. ميگنيشيم اسان جي خوراڪ جو هڪ اهڙو اهم جزو آهي جيڪو دماغ جي تنتن جي درست ڪم ڪرڻ لا نهايت ضروري هوندو آهي.
- نيوروپيپٽائيڊ (Neuropeptide) نالي هڪ قسم جو ڪيميڪل دماغ جي سور محسوس ڪرائيندڙ تنتن کي حرڪت ۾ آڻيندو آهي، نتيجي ۾ شديد سور پوڻ لڳندو آهي.
- ڪيلشيم (Calcium) جي دماغ تائين گهربل مقدار نه پهچڻ سان دماغ جون تنتون درست انداز ۾ ڪم نه ڪنديون آهن ۽ تنتن مان ڪرنٽ گذرڻ جو عمل متاثر ٿيندو آهي.
- نائيٽرڪ اڪسائيڊ (Nitric Oxide) نالي هڪ ڪيميڪل جو مقدار دماغ ۾ وڌي ويندو آهي جنهن سان رت جون سُڪڙيل رڳون ويڪريون ٿيڻ لڳنديون آهن ته جيئن دماغ کي ضرورت جون شيون پهچي سگهن.
- عورتن ۾ هڪ هارمون ايسٽروجن (Estrogen) جو مقدار ۽ ان جو عمل وڌي وڃڻ به اڌ مٿي جي سور جو اهم ڪارڻ آهي.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: