اڌ مٿي جو سور (Migraine) هڪ عذاب...!!!

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2014۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد

    [​IMG]
    اڌ مٿي جو سور (Migraine) دماغ کي شديد تڪليف ڏياريندڙ بيماري آهي. هن بيماري ۾ مريض کي مختلف وقفن سان اڌ مٿي ۾ شديد قسم جا سور جا جهٽڪا پوندا آهن. اڪثر مريضن ۾ مائيگرين جو سور دل جي ڌمڪ جيان دماغ جي هڪ حصي ۾ محسوس ٿيندو آهي. سور پوڻ دوران مريض کي الٽي، دل ڪچي ٿيڻ سان گڏوگڏ تيز روشني ۽ تيز آواز به برداشت نه ٿيندو آهي. اڌ مٿي جي سور جا جهٽڪا 4 ڪلاڪن کان 4 ڏينهن تائين به لاڳيتو پئجي سگهن ٿا.

    [​IMG]
    اڌ مٿي جو سور ڇو پوندو آهي..؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ميڊيڪل سائنس لا اڄ به هڪ وڏو راز بڻيل آهي،
    پر اها به حقيقت آهي ته تمام گهڻي ريسرچ کان پو طبي ماهرن اڌ مٿي جي سور جا ڪيترائي ڪارڻ ڳولهي لڌا آهن. اهي ڪارڻ مريضن کي ڄاڻڻ تمام ضروري آهن ته جيئن اهي دماغ جي هن شديد تڪليف کان بچي سگهن.
    مختلف مريضن ۾ اڌ مٿي جا ڪارڻ مختلف هوندا آهن. ڪن مريضن ۾ ڪجهه ڪارڻ اڌ مٿي ۾ سور ڪرائيندا آهن ته ڪن مريضن ۾ وري ٻيا ڪارڻ اهو سور ڪرائيندا آهن.

    ضروري نه آهي ته هر مٿي جو سور مائيگرين ئي هجي....
    مٿي ۾ سور پوڻ جا چار اهم سبب يا بيماريون ٿي سگهن ٿيون. هر هڪ بيماري ۾ مٿي جو سور مختلف حصن ۾ ۽ مختلف تڪليفون ڪرائيندو آهي.
    مٿي ۾ پوندڙ مختلف سورن کي سمجهڻ لا هنن تصويرن ۾ ڏيکاريل دماغ ۽ چهري جي مخصوص حصن تي توجه ڏيڻ جي ضرورت آهي.


    [​IMG] [​IMG]

    مائيگرين جو سور اڪثر ڪري ٽينشن هيڊيڪ (Tension Headache) سمجهيو ويندو آهي، جيڪو دماغ جي سامهون پيشاني واري حصي کي متاثر ڪندو آهي ان کان علاوه ٽينشن هيڊيڪ ۾ ننڊ ۽ روزمره جو ڪم ڪار وغيره به تمام گهڻو متاثر ٿيندو آهي.
    اڌ مٿي جو سور ڪن مريضن کي سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا ته ڪن مريضن کي وري هڪ هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا به پئجي سگهي ٿو.


    [​IMG]
    جيتوڻيڪ مائيگرين جو اصل ڪارڻ اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر طبي ماهرن جي اڪثريت موجب دماغ کي رت پهچائيندڙ رڳون جڏهن سُڪڙجي وڃن ۽ دماغ کي گهربل مقدار ۾ آڪسيجن ۽ گلوڪوز نه پهچائي سگهن ته نتيجي ۾ دماغ جون تنتون متاثر ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ سور محسوس ڪرائيندڙ تنتون دماغ جي ان حصي ۾ شديد سور جو ڪارڻ بڻجنديون آهن.

    [​IMG]
    جديد تحقيق موجب مائيگرين جي سور پوڻ دوران دماغ جي تنتن ۽ رت جي رڳن مان ڪجهه اهڙا ڪيميڪل خارج ٿيندا آهن جيڪي دماغ جي تنتن ۾ هڪ قسم جو ڪرنٽ پيدا ڪرڻ لڳندا آهن. خاص طور تي ٽرا جيمينل نرو (Trigeminal Nerve) نالي جي هڪ تنت جيڪا اسان جي مٿي ۽ چهري جي سڄي خبرچار دماغ کي محسس ڪرائيندي آهي، اها شديد سور محسوس ڪرائيندي آهي. ان کان علاوه دماغ جي جهلين ۽ آس پاس موجود مختلف ٻيون تنتون به متاثر ٿينديون آهن. جنهن جي ڪري مائيگرين جي سور دوران مختلف قسم جون علامتون پڻ ظاهر ٿينديون آهن.
    اڌ مٿي جو سور ۽ دماغ ۾ ٿيندڙ خرابيون

    [​IMG]
    • هڪ ڪيميڪل سيروٽونن (Serotonin) جي مقدار دماغ ۾ تمام گهٽ ٿي وڃڻ سان رت جون رڳون سُڪڙجي وينديون آهن. هي ڪيميڪل اسان جي موڊ، ننڊ ۽ بُک محسوس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
    • اسان جي خوراڪ ۾ ميگنيشيم (Magnesium) جي غيرموجودگي به اڌ مٿي ۾ سور ڪرائي سگهي ٿي. ميگنيشيم اسان جي خوراڪ جو هڪ اهڙو اهم جزو آهي جيڪو دماغ جي تنتن جي درست ڪم ڪرڻ لا نهايت ضروري هوندو آهي.
    • نيوروپيپٽائيڊ (Neuropeptide) نالي هڪ قسم جو ڪيميڪل دماغ جي سور محسوس ڪرائيندڙ تنتن کي حرڪت ۾ آڻيندو آهي، نتيجي ۾ شديد سور پوڻ لڳندو آهي.
    • ڪيلشيم (Calcium) جي دماغ تائين گهربل مقدار نه پهچڻ سان دماغ جون تنتون درست انداز ۾ ڪم نه ڪنديون آهن ۽ تنتن مان ڪرنٽ گذرڻ جو عمل متاثر ٿيندو آهي.
    • نائيٽرڪ اڪسائيڊ (Nitric Oxide) نالي هڪ ڪيميڪل جو مقدار دماغ ۾ وڌي ويندو آهي جنهن سان رت جون سُڪڙيل رڳون ويڪريون ٿيڻ لڳنديون آهن ته جيئن دماغ کي ضرورت جون شيون پهچي سگهن.
    • عورتن ۾ هڪ هارمون ايسٽروجن (Estrogen) جو مقدار ۽ ان جو عمل وڌي وڃڻ به اڌ مٿي جي سور جو اهم ڪارڻ آهي.
    هلندڙ........
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 نومبر 2015
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انتهائي جامع ۽ معلوماتي ليک... ايندڙ قسط جو انتظار رهندو..
     
  3. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي معلومات آهي.
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام معلوماتي ليک.
     
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    معلوماتي. منهنجي امڙ به انهي مٿي جي سور جي متاثرين منجهان آهي... :(
     
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اڌ مٿي جو سور (مائيگرين) جا ڪارڻ...
    اڪثر مريضن کي اها خبر نه هوندي آهي ته سندن زندگي کي عذاب ۾ وجهندڙ مائيگرين يعني اڌ مٿي ۾ سور جا اهڙا جهٽڪا اوچتو ئي اوچتو ڇو شروع ٿي ويندا آهن...!؟؟
    جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته اڌ مٿي جو سور (مائيگرين) دماغ ۾ ٿيندڙ مختلف خرابين (ڪجهه ڪيميڪلز جي گهٽ وڌ ٿيڻ ) سان شروع ٿيندو آهي. اڄ اسان اهو ڄاڻينداسين ته دماغ ۾ ٿيندڙ اها گڙ ٻڙ آخر ٿيندي ڇو آهي.

    تحقيق موجب اڌ مٿي جو سور هيٺين هڪ يا ٻن ڳالهين جي موجودگي ۾ پئجي سگهي ٿو.
    • تيز روشني، تيز آواز ۽ ڪجهه خاص قسم جي بدبو يا خوشبو وغيره
    • ڪنهن به شي مان الرجي (Allergy) ٿيڻ.
    • سمهڻ ۾ بي ترتيبي ، تمام گهٽ سمهڻ ۽ سمهڻ جي وقت جو تبديل ٿيڻ.
    • جسماني ۽ ذهني دٻا.
    • تماڪ نوشي ۽ تماڪ نوشي وارن جي صحبت.
    • الڪوحل جو استعمال
    • ماني کائڻ ۾ بي ترتيبي ۽ ناغو ٿيڻ.
    • ماهواري ۾ بي ترتيبي، ڄم روڪ دوائن جو استعمال، هارمونز ۾ بي ترتيبي.
    • ٽينشن هيڊيڪ لاڳيتو رهڻ.
    • اهڙن کاڌن جو استعمال جن ۾ ٽائرامائين (Tyramine) نالي ڪيميڪل موجود هجي .( اُٻاريل مڇي، مرغي جو جگر، انجير، ڳاڙهي شراب وغيره)
    • چاڪليٽ، مونگ ڦلي، ڪيلو، بصر، کٽا ميوا، کير مان ٺهندڙ شيون ۽ دٻن ۾ محفوظ ٿيل کاڌا زياده مقدار ۾ کائڻ.

    [​IMG]
    نوٽ: مٿي ٻُڌايل سڀ ڪارڻ ضروري ناهي ته مائيگرين جو سور ڪرائڻ جي اصل وجه هجن يا انهن جي مڪمل پرهيز سان اهو سور بلڪل ئي ختم ٿي وڃي.
    مائيگرين جي سُڃاڻپ
    اڌ مٿي جي سور جي درست سڃاڻپ ۽ هن بيماري جي پڪ لا اڪثر فزيشن مريض کان بيماري جي مڪمل تفصيل وٺندا آهن. سندن خاندان جي ٻين فردن ۾ موجود دماغ جي تڪليف ۽ مريض ۾ هيٺيون اهم علامتون اڌ مٿي جي سور جي پڪ لا ڪافي آهن.
    انهن علامتن کي ياد رکڻ لا
    انٽرنيشنل هيڊيڪ سوسائٽي (The International Headache Society) پاران 5،4،3،2،1 جو فارمولو جوڙيو ويو آهي.
    • مريض کي 5 يا وڌيڪ ڀيرا اڌ مٿي جو سور پئجي چڪو هجي.
    • سُور جو دورانيو 4 ڪلاڪن کان 3 ڏينهن تائين هجي.
    • گهٽ ۾ گهٽ مٿي جي ٻن حصن مان هر هڪ حصي ۾ ڌمڪ جيان(دل جي ڌڙڪن جيان) برداشت ڪرڻ جهيڙو يا برداشت نه ڪرڻ جهيڙو شديد سور پوندو هجي، جنهن سان روزمره جا ڪم ڪار متاثر ٿيندا هجن.
    • اڌ مٿي جي سور کان علاوه گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڌيڪ علامت جو موجود هجڻ، مثلن دل ڪچي ٿيڻ، الٽي اچڻ، روشني يا آواز برداشت نه ٿيڻ وغيره.
    ڇا اڌ مٿي جي سور (مائيگرين) لا ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجن...؟
    اڌ مٿي جو سور مٿي ٻُڌايل علامتن وسيلي نهايت آساني سان سڃاڻي سگهجي ٿوانڪري اڪثر مريضن ۾ ڪا به ٽيست ڪرائڻ غير ضروري هوندي آهي. ان جي باوجود ڪجهه مخصوص مريضن ۾ هيٺيان ٽيسٽ تجويز ڪيا ويندا آهن.
    • اي اي جي (Electroencephalography (EEG: جيئن دل جي اي سي جي ٿيندي آهي ساڳي طرح دماغ جي حالت ۽ ان ۾ ٿيندڙ خرابين کي چيڪ ڪرڻ لا اي اي جي ٽيسٽ ڪرائي ويندي آهي.

    [​IMG]
    • دماغ جو سي ٽي اسڪين(Computed tomography (CT
    • دماغ جو (Magnetic resonance imaging (MRI
    مٿيان ٻئي ٽيسٽ دماغ ۾ رت جي رڳن جي حالت ، انهن جو سڪڙجي وڃڻ يا ويڪرو ٿي وڃڻ ۽ انهن مان خدانخواسته رت نڪري ٻاهر دماغ ۾ڄمڻ ۽ سوڄ وغيره ٿيڻ يا ڪنهن رسولي جي موجودگي کي معلوم ڪرڻ لا ڪيا ويندا آهن.

    هلندڙ......
    (اڳتي اسان اهو به ڄاڻينداسين ته اڌ مٿي جي سور کان بچڻ جا ڪهڙا احتياطي اُپا اختيار ڪري سگهجن ٿا ۽ ان جو علاج ڪهڙين دوائن ذريعي ڪيو ويندو آهي.)
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 نومبر 2015
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    زبردست...بهترين
    اصل صفا منهنجي مٿي کي اچي لڳي. ڇو ته مان به ان جو شڪار آهيان.
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين جهڙي نموني لکن ٿا ان نموني گهڻا مريض سمجهندا ته اسان کي به اها تڪليف آهي يا رهي چڪي آهي. سندن تفصيل سان لکڻ کي سلام آهي تمام بهترين نموني لکي رهيا آهن جيڪي هڪ تحقيقي ڪم آهي سندن ان بي لوث محنت جو الله تعالى کين اجر عطا فرمائيندو.
     
  9. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اڌ مٿي جو سور (مائيگرين) جا حفاظتي اُپا ۽ علاج

    اڌ مٿي جي سور جا مريض ڪنهن به قيمت تي هن عذاب کان بچڻ جا خواهشمند هوندا آهن. افسوس جي ڳاهه اها آهي ته اڌ مٿي جي سور بابت مڪمل ڄاڻ اڄ تائين معلوم نه ٿي سگهي آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن بيماري بابت مختلف تحقيقي ڪم جاري آهن.
    اڌ مٿي جي سور کان بچڻ لا اسان کي پنهنجي زندگي ۾ هيٺيون تبديليون آڻڻ نهايت ضروري آهن.
    • سمهڻ جو مخصوص وقت مقرر ڪرڻ ۽ 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 کان 9 ڪلاڪ سمهڻ.
    • ذهني ۽ جسماني دٻا کان پاڻ کي بچائڻ.
    • گهڻي مقدار ۾ پاڻي جو استعمال.
    • اڌ مٿي جو سور ڪرائيندڙ کاڌن کان پرهيز.
    • روزانو پابندي سان ورزش ڪرڻ.

    [​IMG] [​IMG]
    ضروري نه آهي ته هر مٿي جو سور صرف مائيگرين جيڪري ئي ٿيندو هجي. مٿي جي سور جا ٻيا به ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا.
    جسم جي مختلف بيمارين دوارن به مٿي ۾ سور پئجي سگهي ٿو. مثال طور: ٿڌ لڳي وڃڻ، زڪام، کنگهه ۽ گلو خراب ٿي وڃڻ يا جسم ۾ ڪو به انفيڪشن موجود هجڻ جيڪري به مٿي ۾ سور پوندو آهي.

    مٿي جي سور کان محفوظ رهڻ جون 8 آسان تدبيرون

    [​IMG]
    هيٺين سادين ۽ آسان ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان بنا ڪنهن دوا جي ڪافي حد تائين مٿي جي ڪنهن به قسم جي سور کان نجات ملي سگهي ٿي ۽ ٻيهر سور پوڻ کان به محفوظ رهي سگهجي ٿو.

    1. پنهنجي ننڊ جو وقت وڌايو: اهي ماڻهو جيڪي 24 ڪلاڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 يا 9 ڪلاڪ سمهندا آهن، انهن کي مٿي ۾ سور پوڻ جو امڪان تمام گهڻو گهٽ ٿي وڃي ٿو. خاص طور تي رات جي ننڊ سُٺي صحت لا بيحد ضروري آهي ڇو جو رات ۾ سمهڻ دوران جسم جا ڪيترائي عضوا آرام ڪندا آهن ۽ ڏينهن ۾ پيدا ٿيندڙ خرابيون ڪافي حد تائين ٺيڪ ٿي وينديون آهن. هڪ تحقيق موجب اها ڳالهه ثابت ڪيل اهي ته گهٽ ننڊ هميشه مٿي جو سور وڌائيندي آهي.
    2. پنهنجي خوراڪ تي ڌيان ڏيو ۽ جسم جي توانائي وڌايو: جسم ۾ توانائي جي گهٽتائي به مٿي جي سور جو اهم ڪارڻ آهي. بهترين صحت لا سُٺي ۽ وقت سر خوراڪ کائڻ نهايت ضروري هوندو آهي. متوازن خوراڪ ۽ متوازن ننڊ ڪندڙ ماڻهو تمام گهٽ مٿي جي سور ۾ مبتله ٿيندا آهن. جسم کي مطلوبه توانائي ملندي رهندي ته دماغ به درست ڪم ڪندو رهندو. اهي ماڻهو جيڪي بک تي رهڻ جا عادي هجن انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته هن عادت جي موجودگي ۾ کين مٿي جو سور ڪڏهن به ڪو نه ڇڏيندو.
    3. ٿڪاوٽ ۾ چانهه جو استعمال ڪريو: هر انسان روزمره جي ڪم ڪار ۾ ٿڪجي پوندو آهي، خاص طور تي دماغ جو ڪم ڪندڙ ماڻهن کي ٿڪاوٽ گهڻي محسوس ٿيندي آهي. سُٺي ۽ معياري چانهه جو استعمال انهن لا نهايت مفيد آهي جنهن جي پيئڻ سان دماغ کي فرحت محسوس ٿيندي آهي ۽ انسان پاڻ کي فريش محسوس ڪندو آهي.
    4. ٿڪاوٽ يا بوريت ۾ ميوزڪ ٻڌو: هڪ تحقيق موجب دماغي دٻا ۾ ڪو به پسنديده ميوزڪ ٻُڌڻ سان دماغ تي تمام سُٺو اثر پوندو آهي. ذهني پريشاني، چڙ ۽ بيزاري جهيڙا جذبا ميوزڪ ٻُڌڻ سان ختم ٿي ويندا آهن ۽ انسان جي مُوڊ ۾ به واضح تبديلي ايندي آهي. ميوزڪ ٻُڌڻ سان اڌ مٿي جو سور يا ته بلڪل نه پوندو آهي يا وري مٿي جي سور دوان ميوزڪ ٻڌڻ سان سور جي شدت گهٽ ٿي ويندي آهي.
    5. جسماني ورزش جي پابندي: هڪ صحتمند ۽ توانا جسم جو دماغ ڪڏهن به خراب نٿو ٿي سگهي. اهڙو جسم ڪيترن ئي بيمارين کان به محفوظ رهندو آهي. پنهنجي رزومره ۾ ڪجهه وقت هلڪي ڦلڪي ورزش لا ضرور مقرر ڪريو، اڌ مٿي جي سور کان بچڻ جو اهو هڪ مؤثر طريقو آهي.
    6. پاڻي جو زياده استعمال ڪريو: پاڻي کانسوا دماغ ۽ باقي جسم يقينن بيمار ٿي سگهي ٿو. ماني جي وقفن دوران گهڻي مقدار ۾ پاڻي جو استعمال دماغ کي بهتر ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. جيڪڏهن توهان کي اڌ مٿي جي سور جا جهٽڪا پوندا رهندا آهن ۽ توهان گهٽ خوراڪ ۽ گهٽ پاڻي جو استعمال ڪندا آهيو ته فورن اها عادت تبديل ڪريو. طبي ماهرن موجب ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 گلاس پاڻي ضرور پيئڻ گهرجي.
    7. جسم جي مالش: جسم جي مختلف عضون جي مالش سان جسم تي تمام سُٺو اثر پوندو آهي. خاص طور تي دماغ ۾ شديد سور جي حالت ۾ مٿي جي مالش سان اڪثر ماڻهن کي ڪافي آرام محسوس ٿيندو آهي.
    8. کل، ڀوڳ ۽ مذاق جي اهميت: اهي ماڻهو جيڪي کلڻا ملڻا هوندا آهن، هر وقت سندن چپن تي مسڪراهٽ هوندي آهي ۽ پنهنجي زندگي ۾ خوشيون وکيريندا رهندا آهن انهن کي اڌ مٿي جو سور مائيگرين ٿيڻ جا امڪان تمام گهٽ هوندا آهن. جڏهن اسان کلندا آهيون ته جسم کي فرحت محسوس ٿيندي آهي. دماغ جي تنتن ۽ رت جي رڳن مان اهڙا ڪيميڪل خارج ٿيندا آهن جيڪي جسم جي هر هڪ سسٽم تي مثبت اثر ڪندا آهن.
    مائيگرين جو علاج
    اڌ مٿي جي سور (مائيگرين) جي علاج لا ٻن قسمن جون دوائون استعمال ڪرايون وينديون آهن. هڪ اُهي جيڪي اڌ مٿي جو سور ختم ڪنديون آهن ۽ ٻيون اُهي جيڪي اهو سور شروع ٿيڻ ئي نه ڏينديون آهن.
    اڌ مٿي جو شديد سُور ختم ڪرڻ واريون دوائون (Non-steroidal anti-inflammatory drug (NSAID:
    هي دوائون سور ختم ڪندڙ دوائن جو هڪ مشهور گروپ (Non-steroidal anti-inflammatory drug (NSAID ۾ شامل آهن. جن کي عام انگريزي ٻولي ۾ پين ڪلر ۽ ميڊيڪل ٽرمنالوجي ۾ اينسسيڊ چوندا آهن.

    [​IMG] [​IMG][​IMG]


    ڪجهه مريضن کي اُلٽي جي شڪايت ۾ هي دوائون به استعمال ڪرائبيون آهن.

    [​IMG] [​IMG] [​IMG]


    اڌ مٿي جي سور (مائيگرين) کي شروع ٿيڻ کان روڪڻ واريون دوائون:
    دوائن جو هي گروپ سڌوسنئون دماغ تي اثر انداز ٿيندو آهي. اهي دوائون مريض جي بيماري جي نوعيت ۽ تڪليف جي شدت مطابق صرف نيوروفزيشن ئي تجويز ڪندا آهن. هتي اسان انهن دوائن جو عام ڄاڻ لا صرف مختصر ذڪر ڪريون ٿا.
    سيروٽونن ايگونسٽ (Serotonin Agonist) :
    اڌ مٿي جي سور جو هڪ اهم ڪارڻ دماغ ۾ هڪ ڪيميڪل سيروٽونن جو تمام گهٽ ٿي وڃڻ آهي. هي دوائون ان ڪيميڪل جو مقدار دماغ ۾ وڌائينديون آهن، جنهن جي مقدار وڌڻ سان اڌ مٿي جو سور ٻيهر نه ٿيندو آهي.

    [​IMG]
    [​IMG]
    ذهني دٻا کي گهٽ ڪندڙ دوائون (Antidepressants drugs):


    [​IMG][​IMG]

    هن گروپ ۾ کوڙ ساريون دوائون شامل آهن. جيڪي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ دٻا، مايوسي، اُداسي ۽ زندگي مان بيزاري کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ڪنديون آهن، جن مريضن ۾ اڌ مٿي جي سور جو ڪارڻ ذهني پريشاني ۽ دٻا هوندو آهي انهن کي اهي دوائون استعمال ڪرائبيون آهن. انهن دوائن جي استعمال سان اڌ مٿي جي سور جي تڪليف ڪافي گهٽ ٿي ويندي آهي.

    آخر ۾ سڀني پڙهندڙن کي گُذارش ته پنهنجي زندگي جي هر هڪ گهڙي کي خوشگوار بڻايو ۽ هميشه صحتمند ۽ تندرست رهو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 نومبر 2015
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. chandio

    chandio
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 مئي 2010
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    120
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ماڳ:
    ڳوٺ شهبيگ خان چانڊيو تعلقه ڀرياسٽي
    ادا بهترين معلومات آ مونکي اڪثر اڌ مٿي ۾ سور رهندو آ
    ڊاڪٽر مونکي هي ميڊيسن لکي ڏيندو آ
    • [​IMG][​IMG]
    • [​IMG]


    Inderal 10Mg Tablets
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا...مٿي جي سور جو علاج ان جي ڪارڻ مطابق ڪيو ويندو آهي پر ڪافي مريضن ۾ ان جو اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ ممڪن نه هوندو آهي.
    توهان کي جيڪا گوري تجويز ڪئي وئي آهي اها اصل ۾ رت جي رڳن ۾ وڌيل دٻا (ها بلڊ پريشر) ۽ دل جي تيز ڌڙڪن کي گهٽ ڪرڻ لا استعمال ڪرائي ويندي آهي. ڪجهه حالتن ۾ هي گوري ذهني پريشاني ۾ به فائدو ڏيندي آهي. اڌ مٿي جي سور ۾ عام طور تي هي دوا تڏهن استعمال ڪئي ويندي آهي جڏهن مريض کي گڏوگڏ ها بلڊ پريشر جي به تڪليف هجي يا دل جي تيز ڌڙڪن محسوس ٿيندي هجي .
    اڌ مٿي جي سور جي علاج لا دوائن جا ڪافي گروپ استعمال ڪيا ويندا آهن هر گروپ جو ذڪر هن فورم تي ڪرڻ ممڪن نه آهي.
    هن ليک ۾ مون صرف ڪجهه بنيادي سمجهاڻي ۽ اهم ضروري ۽ عام استعمال ۾ ايندڙ دوائن جو ئي ذڪر ڪيو آهي ته جيئن پڙهندڙ هن بيماري کي سمجهي سگهن ۽ احتياطي تدبيرن سان شديد تڪليف کان محفوظ رهي سگهن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اسانجي پياري دوست ۽ سنڌ سڄڻ ڊاڪٽر ممتاز قريشيءَ جا سنڌ سلامت تي لکيل صحت بابت سڀ ليک تحقيقي ۽ مستند آهن،

    اڳ اهڙا مضمون صرف اردو يا انگريزيءَ ۾ پڙهي سگهبا هيا پر اسانجي دوستن جون سنڌي ٻوليءَ ۾ قيمتي مواد وڌائڻ واريون ڪاوشون ساراه جوڳيون آهن ... هاڻ اسين اهڙا بي بها مضمون پنهنجي پياري ٻوليءَ سنڌي ۾ پڙهي پنهنجي صحت جو مناسب خيال رکي سگهون ٿا

    دوست لا ءِ قربن ڀريون پپيون....
     
  13. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي معلومات آهي.
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر ممتاز قريشي جڏهن کان سنڌ سلامت تي نج سنڌي ۾ سولي ۽ سهڻي انداز سان صحت ۽ مرضن بابت لکڻ شروع ڪيو ته اهي ليک گهڻي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. فيسبوڪ تي هن قسم جي ليکن جون لنڪس گهڻو مقبول ٿيون آهن.

    سچ پڇو ته اسان جهڙا ماڻهو به سندن ان طرح جي ليکن کي پڙهي گهڻو ڪجهه مرض ۽ بيمارين بابت سکن ٿا ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو. مونکي اندازو آهي ته هنن لکڻين تي، ڳولها، تحقيق، ترجمي ۽ وري تصويرن تي ضرور وقت لڳي ٿو. ڊاڪٽر صاحب کي سلام آهي جو اسان جي فرمائش کي مان ڏيندي مسلسل لکي رهيا آهن.

    ٿورا ناهن ٿورا .... سدا سلامت هجو
     
  15. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    سائين ممتاز صاحب مونکي اڪثر ڪري صبح اٿڻ ساڻ مٿي ۾ درد پوي ٿو، ڪيترين ئي پين ڪلرز کائنڻ سان گهٽ ضرور ٿئي ٿو پر ختم نه ٿو ٿئي ليڪن وري ٻي ڏيهاڙي صبح جو اٿڻ سان ختم ٿئي ٿو.
    اڪثر ڪري هڪ ڏينهن صبح ساڻ اٿڻ سان اگر ساڄي اک ان جي ارد گرد مٿان ان سائيڊ تي ئي مٿي ۾ درد پوي ٿو. ته وري ٻي ڏيهاڙي ٻي سائيڊ جي اک ان جي ارد گرد ۽ مٿان ان سائيڊ جي مٿي ۾ درد پوي ٿو.
    ليڪن ختم آساني ساڻ نه ٿو ٿئ. ڊاڪٽر هاڻ مونکي ٽرامال ڪيپسول ۽ اسٽيجيرون فورٽ ڪيپسول سجيسٽ ڪيا آهن.....
    صلاح ڏيندا.
     
  16. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين سٺي ۽مفيد معلومات آهي.جاري رهي ته واه واه.سائين ممتاز صاحب جن کي ڱزارش آهي ته خوني بواسير يعني پيٽ مان رت اچڻ جي باري ۾ اهڙي جامع معلومات ڏين ته مهرباني ٿيندي ۽اسانجي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو، انتظار رهندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 فيبروري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا گل...توهان جن علامتن جو ذڪر ڪيو آهي اُهي ڪلسٽر هيڊيڪ جون آهن. اهو سور عام سور ختم ڪندڙ دوائن سان تمام مشڪل سان لهندو آهي ۽ ڪيترن ئي مريضن کي مختلف انجيڪشنس جي به ضرورت پوندي آهي.
    اصل ۾ مان فزيشن ناهيان. منهنجي مهارت(اسپيشلائيزيشن) ٻارن جي سرجري ۾ ڪيل آهي. ميڊيڪل لائن ۾ هئڻ ڪري مان پنهنجي مهارت کان ٻاهر جا موضوع به صرف انڪري لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته گهٽ ۾ گهٽ اهم بيمارين جي بنيادي ڄاڻ پڙهندڙن تائين پهچائي سگهجي. ان مقصد لا مون کي ميڊيڪل جا مختلف ڪتاب ۽ نيٽ تان تازي اپڊيٽ به ڏسڻي پوي ٿي. منهنجي حتي الامڪان اها ڪوشش هوندي آهي ته هر ڳالهه مستند هجي، ان جي باوجود غلطي جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي.
    توهان کي گُذارش ڪندس ته ڪنهن سُٺي نيوروفزيشن (اسپيشلسٽ) کان مڪمل معائنو ۽ علاج ڪرائيندا. انشاالله الله پاڪ شفا ڏيندو.
     
  18. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بلڪل ادا...هي موضوع به اهم آهي. خوني بواسير بابت ماڻهن ۾ عجيب عجيب ڳالهيون پکڙيل آهن. مختلف جڳهين تي هن بيماري جو گارنٽي سان علاج ڪرڻ جا دعوا به ڪيا ويندا آهن.
    ڪترن ئي حڪيمن وٽ ته خوني بواسير جو شرطيه علاج موجود هوندو آهي..!!. حالانڪه هي بيماري ڪنهن دوا سان مڪمل ٺيڪ نه ٿيندي آهي. ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي سرجري جي مختلف طريقن سان علاج جي ضرورت پئجي ويندي آهي.
    جيتوڻيڪ هي بيماري ٻارن ۾ نه هئڻ برابر ٿيندي آهي، پر ان جي باوجود هي موضوع منهنجي فيلڊ جو آهي....
    انشاالله.....هن بيماري بابت لکڻ جي ضرور ڪوشش ڪندس.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
  20. فرحان قدير سومرو

    فرحان قدير سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2021
    تحريرون:
    88
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ليڪچرر
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بھترين پوسٽ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو