ملڪاڻي ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان دلچسپي جو باعث بڻجندڙ ماڻهن جي کوٽ ناهي پر هي ٻه ڪُجهه منفرد آهن.
ٻنهي جي عمُر ۾ ذري گهٽ اڌواڌ فرق آهي پر خيال ٻنهي جا ساڳيا. ايئن ناهي ته ننڍو تيز آهي ۽ وڏي سوچ ٿو رکي. پر وڏو اڃان دل بچپن ڪا رکي ٿو (توڙي جو سندس ٻار به هاڻ وڏا پيا ٿين).
هنن ٻنهي کي هڪ موبائل/ڪمپيوٽر شاپ تي ڏٺو وڃي ٿو جنهن جا بظاهر ٻئي مالڪ پر اصل ۾ ڪو به ناهي. هي ٻئي گهڻو خوش تڏهن هوندا آهن جڏهن گراهڪ نه اچي ۽ هي ڪا فلم ڏسندا هُجن.
وڏي جو نالو يونس (عُرف نوني يا يونس ٽاور به سڏجي). هي همراهه سابقه ڪرڪيٽر آهي. بالنگ ۾ ايڪشن اهڙو جو زندگي ۾ ڪڏهن اپيل نه ڪري سگهيو. ڇو ته بال اُڇلڻ کان پوءِ ڪافي دير منهن هيٺ هُجڻ ڪري هي ڏسي نه سگهندو هو ته بال وائيڊ ٿيو يا وڪيٽ ۾ لڳو. ٻيا اپيل ڪن ۽ هي حيرت.! ڪُجهه عجيب اصول به اٿس ته موبائل سيٽ ڪڏهن به وڪبو ناهي. جڏهن دل ڀرجي ته ٻيو وٺبو آهي ۽ اڳئين کي سنڀالي رکبو آهي. ڪال اٽينڊ ناهي ڪرڻي ۽ ميسيج پڙهڻا ناهن. جي پي آر ايس تي فلم ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش تڏهن کان جاري آهي جڏهن کان موبائل فون ۾ انٽرنيٽ آيو. جڏهن اهو ڪم ٿي ويو ته اهڙي ڪنهن ٻي مشن ۾ هٿ وجهبو. . . . . .
ننڍڙي جو نالو مُنير (خبري لال يا وري هيري پوٽر به سڏجي) آهي. هن مان اُميد هوندي آهي گهڻو ڪري پاڻ سان اڻ لاڳاپيل شين جي خبر رکڻ. پاڻ کي رات کاڌل ڀاڄي به وسريل هوندي پر ٻين جي اتي پتي جو واقف. کيس ايندڙ 100 سالن تائين تبديلي جا هڃاڻ نظر اچن ٿا اچن. پر هن وقت به مايوس ناهي. چوي ٿو زندگي جو لطف هر حال ۾ آهي بس ماڻهو رُڳو وٺي ڄاڻي. باقي تبديلي ايندي اها پڪ اٿس.