ملڪاڻي جا ٻه دوست!

'مزاحيه ۽ مرڪائيندڙ' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ملڪاڻي ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان دلچسپي جو باعث بڻجندڙ ماڻهن جي کوٽ ناهي پر هي ٻه ڪُجهه منفرد آهن.
    ٻنهي جي عمُر ۾ ذري گهٽ اڌواڌ فرق آهي پر خيال ٻنهي جا ساڳيا. ايئن ناهي ته ننڍو تيز آهي ۽ وڏي سوچ ٿو رکي. پر وڏو اڃان دل بچپن ڪا رکي ٿو (توڙي جو سندس ٻار به هاڻ وڏا پيا ٿين).
    هنن ٻنهي کي هڪ موبائل/ڪمپيوٽر شاپ تي ڏٺو وڃي ٿو جنهن جا بظاهر ٻئي مالڪ پر اصل ۾ ڪو به ناهي. هي ٻئي گهڻو خوش تڏهن هوندا آهن جڏهن گراهڪ نه اچي ۽ هي ڪا فلم ڏسندا هُجن.
    وڏي جو نالو يونس (عُرف نوني يا يونس ٽاور به سڏجي). هي همراهه سابقه ڪرڪيٽر آهي. بالنگ ۾ ايڪشن اهڙو جو زندگي ۾ ڪڏهن اپيل نه ڪري سگهيو. ڇو ته بال اُڇلڻ کان پوءِ ڪافي دير منهن هيٺ هُجڻ ڪري هي ڏسي نه سگهندو هو ته بال وائيڊ ٿيو يا وڪيٽ ۾ لڳو. ٻيا اپيل ڪن ۽ هي حيرت.! ڪُجهه عجيب اصول به اٿس ته موبائل سيٽ ڪڏهن به وڪبو ناهي. جڏهن دل ڀرجي ته ٻيو وٺبو آهي ۽ اڳئين کي سنڀالي رکبو آهي. ڪال اٽينڊ ناهي ڪرڻي ۽ ميسيج پڙهڻا ناهن. جي پي آر ايس تي فلم ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش تڏهن کان جاري آهي جڏهن کان موبائل فون ۾ انٽرنيٽ آيو. جڏهن اهو ڪم ٿي ويو ته اهڙي ڪنهن ٻي مشن ۾ هٿ وجهبو. . . . . .
    ننڍڙي جو نالو مُنير (خبري لال يا وري هيري پوٽر به سڏجي) آهي. هن مان اُميد هوندي آهي گهڻو ڪري پاڻ سان اڻ لاڳاپيل شين جي خبر رکڻ. پاڻ کي رات کاڌل ڀاڄي به وسريل هوندي پر ٻين جي اتي پتي جو واقف. کيس ايندڙ 100 سالن تائين تبديلي جا هڃاڻ نظر اچن ٿا اچن. پر هن وقت به مايوس ناهي. چوي ٿو زندگي جو لطف هر حال ۾ آهي بس ماڻهو رُڳو وٺي ڄاڻي. باقي تبديلي ايندي اها پڪ اٿس.

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بالنگ ۾ ايڪشن اهڙو جو زندگي ۾ ڪڏهن اپيل نه ڪري سگهيو. ڇو ته بال اُڇلڻ کان پوءِ ڪافي دير منهن هيٺ هُجڻ ڪري هي ڏسي نه سگهندو هو ته بال وائيڊ ٿيو يا وڪيٽ ۾ لڳو. ٻيا اپيل ڪن ۽ هي حيرت.!

    هاهاهاها ... يار جي هڪ اڌ صفحو اڃان به وڌائينس ته سٺو مزاحيه ڪالم بڻجي ويندو ... اميد ته اها ڪوش ضرور ڪندين.

    اهڙو ئي هڪ دوست اسان وٽ سچل ڳوٺ ۾ به آهي حاجي مينهل ڇٽو ۽ اوهان واقف آهيوس، لکي پڙهيل به ناهي پر پ پ پ جي اعلا قيادت کان هر اڳواڻ تائين جي خبر رکندو آهي ۽ انگريزي جي لفظن سان جيڪا حالت ڪندو آهي، جي انگريز ٻڌن ته اصل خودڪشي ڪري وجهن، اهو ته ٺهيو پر سنڌي ۽ اردو لفظن جون به ٽنگون ڀڃندو آهي سا ڳالهه کلائي کيرو ڪري وجهندي آهي.
    قومپرستن تي ته اصل ٻريو ويٺو هوندو آهي ۽ چاچي ڪريم سان ته اصل روز بحث ۾ هوندو ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    حاجي مينهن کي ڪير نه سُڃاڻي. شل نه ڪو قوم پرست ڪا ناداني ڪن هن کي جهڙو وجهه مليو ۽ اهڙا وجهه کيس روز ملندا رهن ٿا.
    منهنجو يار آهي ۽ ڏاڍي عزت ڪندو آهي پر هڪ دفعي جذباتِ خِطاب ۾ اچي اسان ٻروچن کي هڪ اجتماعي ڪچي گار ڏيئي ڪڍيائين. جلدي احساس ٿيس ته لغاري ٻروچ آهن. پوءِ ته منهنجي نه ڪاوڙجڻ تي به ٻه ٽي هفتا معافيون گهُريائين. مون سمجهايومانس ته تون ڇُٽو آهين ذات جو به ته هن معاملي مان به. اسان سان اسان جو پنهنجو لغاري حمل به واهه جي ڪري ويو سو تو تي ڪهڙي ميار.
    هونئن جيءَ ۾ جايون ڏيندڙ پر کير ٿر جي جبلن ۾ هڪ شام جي سفر ۾ ڪنڌ ڪڍائي هن سِر وڃائڻ جو پڪو بندوبست ڪيو هو پر مولا بچايو.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    بهترين سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو