اڄ کان 5 سال اڳ پهريان واٽس ايپ جي باني برائن آڪٽن جي نوڪري لاءِ ڏنل درخواست پهريان ٽويٽر ۽ پوءِ فيس بوڪ به نامنظور ڪئي هئي.. ۽ اڄ ان ئي شخص جي تيار ڪيل واٽس ايپ کي فيس بوڪ 19 ارب آمريڪي ڊالرز ۾ خريد ڪري ورتو... دوستن کي ياد هوندو ته فيس بوڪ مشهور انسٽا گرام پڻ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هڪ ارب آمريڪي ڊالرز ۾ خريد ڪري چڪو آهي...

ياد رهي ته واٽس اپ وٽ هر مهيني 450 ملين رڪن فعال هوندا آهن جن مان 70 سيڪڙو ته روزانو فعال هوندا آهن.. ان کان علاوه هن سروس کي روزانو هڪ ملين ماڻهون جوائين ڪري رهيا آهن...
اهڙي طرح فيس بوڪ پنهنجي اجاره داري انٽرنيٽ تي برقرار رکڻ لاءِ بس هڪ اصول بڻائي ڇڏيو آهي ته “جيڪو پاڻ نه ڪري سگهو.. اهو خريد ڪري وٺو...”
فيس بوڪ جي باني ”مارڪ زوڪربرگ“ فيس بوڪ جي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته ”اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته اسان واٽس ايپ ۽ ان جي پوري ٽيم کي فيس بوڪ سان ڪم ڪرڻ لاءِ حاصل ڪري ورتو آهي.. اسان جو مقصد دنيا کي وڌيڪ هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ آهي.. ۽ ائين ڪرڻ لاءِ اسان اهڙي سروس متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا.. جنهن جي مدد سان ڪنهن به گروپ جا ماڻهون پنهنجي مرضي سان ڪنهن به ٻئي گروپ تي موجود پنهنجو مواد شيئر ڪن ۽ يقينن ان سلسلي ۾ واٽس ايپ خريدڻ هڪ سٺو قدم ثابت ٿيندو...”