فيس بوڪ مشهور موبائيل ايپليڪيشن واٽس ايپ خريد ڪري ورتي..

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اڄ کان 5 سال اڳ پهريان واٽس ايپ جي باني برائن آڪٽن جي نوڪري لاءِ ڏنل درخواست پهريان ٽويٽر ۽ پوءِ فيس بوڪ به نامنظور ڪئي هئي.. ۽ اڄ ان ئي شخص جي تيار ڪيل واٽس ايپ کي فيس بوڪ 19 ارب آمريڪي ڊالرز ۾ خريد ڪري ورتو... دوستن کي ياد هوندو ته فيس بوڪ مشهور انسٽا گرام پڻ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي هڪ ارب آمريڪي ڊالرز ۾ خريد ڪري چڪو آهي...

    [​IMG]

    ياد رهي ته واٽس اپ وٽ هر مهيني 450 ملين رڪن فعال هوندا آهن جن مان 70 سيڪڙو ته روزانو فعال هوندا آهن.. ان کان علاوه هن سروس کي روزانو هڪ ملين ماڻهون جوائين ڪري رهيا آهن...
    اهڙي طرح فيس بوڪ پنهنجي اجاره داري انٽرنيٽ تي برقرار رکڻ لاءِ بس هڪ اصول بڻائي ڇڏيو آهي ته “جيڪو پاڻ نه ڪري سگهو.. اهو خريد ڪري وٺو...”
    فيس بوڪ جي باني ”مارڪ زوڪربرگ“ فيس بوڪ جي هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته ”اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته اسان واٽس ايپ ۽ ان جي پوري ٽيم کي فيس بوڪ سان ڪم ڪرڻ لاءِ حاصل ڪري ورتو آهي.. اسان جو مقصد دنيا کي وڌيڪ هڪ ٻئي سان ڳنڍڻ آهي.. ۽ ائين ڪرڻ لاءِ اسان اهڙي سروس متعارف ڪرائڻ چاهيون ٿا.. جنهن جي مدد سان ڪنهن به گروپ جا ماڻهون پنهنجي مرضي سان ڪنهن به ٻئي گروپ تي موجود پنهنجو مواد شيئر ڪن ۽ يقينن ان سلسلي ۾ واٽس ايپ خريدڻ هڪ سٺو قدم ثابت ٿيندو...”

     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    برائن آڪٽن نوڪري نه ڏيڻ جو ان کان وڌيڪ جواب ڪيئن ڏئي ..... اهو آهي پنهنجي صلاحيتن کي مڃائڻ جو سڀ کان سٺو طريقو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ڪروڙن ۾ ڪجهه ماڻهون اهڙو ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هڪ ته ڪرڻ جو شوق ٻيو ان شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ آمدني. باقي مون جهڙا جيڪي شوق ته رکن ٿا باقي نه پورو ڪرڻ لاءِ آمدني نه ڪم کي ٽائيم ڏيڻ لاءِ ٽائيم....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ڇا ته مثال آهي..... زبردست
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    توڙي جو واٽ ايپس تي اهڙو ڪُجهه نئون نه هو جيڪو فيس بُڪ جي ميسيجز ۾ نه هُجي (شايد لوڪيشن لوڪيٽ نه ٿي سگهڻ کان سواءِ). پر هڪ ڳالهه هئي ته فون نمبر تي بيسڊ هُجڻ ڪري ڪافي هلڪو هو. جيز جهڙي ٿڪل جي پي آر ايس تي به اهو خوب هليو ٿي.
    هاڻ اهو الائي ان اسپيڊ تي هلندو يا نه.
    خاص ڪري منهنجي ڳوٺائي سنگت جيڪا هتان تُرڪي کان سڄو ڏينهن ڪنيڪٽ هئي سا هاڻي خبر ناهي هلندي يا نه.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    بس توهان جون اهي ئي ڳالهيون اسان کي محنت ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون ادا.;)
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هن جي اسپيڊ تي ته ڪو فيق نه پوندو البته پراويسي پاليسي سبب هاڻ ماڻهن جي ڊيٽا تصويرون وغيره فيس بوڪ جي ملڪيت تهي ونجڻ ڪري خصوصيت باقي نه رهندي.
    واٽس اپ اڪيلو بهتر هو فيس جو محتاج تهي ويو
    يقينا صرف پيسي ڪماڻ لاِ فيس بوڪ واٽس اپ ناهي خريد ڪيو
     
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473

هن صفحي کي مشهور ڪريو