ساري شهر وسايا پٿر جن سان چڪنا چور هيو، پوءِ به هن ٿي نعرا ماريا، مڙس ته ڪو منصور هيو. وستيءَ وستيءَ نگريءَ نگريءَ گيت اسان جي گونج ڪئي، چانڊوڪيءَ ۾ چنگ وڳو ٿي، رات پرين جو پور هيو. ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اڃ مئي! سج ازل جي اک لڳو ٿي، ان ۾ ايڏو نور هيو. دريا دريا هن جو من هو، صحرا صحرا نيڻ هئا، پل جو پانڌيئڙو آيو هو، وڃڻو هن کي دور هيو. ڏينهن تتي جو آيو آهين، اڳ ۾ آئين ڇو نه اياز ڇپري ڇپري ڇانو هئي، جنهن وقت نمن ۾ ٻور هيو. شيخ اياز