شيخ اياز جو هڪ خوبصورت غزل

'شيخ اياز' فورم ۾ محمد بخش لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2014۔

  1. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    ساري شهر وسايا پٿر جن سان چڪنا چور هيو،

    پوءِ به هن ٿي نعرا ماريا، مڙس ته ڪو منصور هيو.


    وستيءَ وستيءَ نگريءَ نگريءَ گيت اسان جي گونج ڪئي،

    چانڊوڪيءَ ۾ چنگ وڳو ٿي، رات پرين جو پور هيو.


    ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اڃ مئي!

    سج ازل جي اک لڳو ٿي، ان ۾ ايڏو نور هيو.


    دريا دريا هن جو من هو، صحرا صحرا نيڻ هئا،

    پل جو پانڌيئڙو آيو هو، وڃڻو هن کي دور هيو.


    ڏينهن تتي جو آيو آهين، اڳ ۾ آئين ڇو نه اياز

    ڇپري ڇپري ڇانو هئي، جنهن وقت نمن ۾ ٻور هيو.


    شيخ اياز

     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيخ اياز جي ڇا ڳالهه ڪجي ... عظيم شاعر

    اوهان جي چونڊ به وڻي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين بالڪل لاجواب...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو