بحري جهاز وسيلي حج ڪرڻ وارا ڏينهن واپس اچي ويا بحري جهاز وسيلي اوهان صرف 6 ڏينهن ۾ سعودي عرب پهچي سگهو ٿا، ان مقصد لا پاڪستان جي وزارت پورٽس اينڊ شپنگ تيز ترين بحري جهاز حاصل ڪري رهي رهي آهي. اهڙا سمورا پاڪستاني شهرين لا جيڪي سفر حج تي لکين رپيا خرچ ڪرڻ سگهه نه آهي، انهن لا خوشي جي خبر آهي ته هاڻي صرف 25 کان 30 هزار رپين تائين خرچ تي حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا، پر انهن حاجين کي هوائي سفر ڪرڻ بجا بحري جهاز ذريعي سفر ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير پورٽس اينڊس شپنگ ڪامران مائيڪل جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ميان محمد نوازشريف پاران منظوري کانپو ايندڙ سال يعني 2015ع جي حج سيزن ۾ ان منصوبي جي شروعات ٿي ويندي. ”ايڪسپريس“ ۽ ”ٽربيون“ وفاقي وزير جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته ان منصوبي سان سڀ کان وڌيڪ فائدو غريبن ۽ گهٽ آمدني واري طبقي کي ٿيندو، ڇو ته هن وقت حج تي ساڍن ٽن کان چار لک رپين تائين خرچ اچي پر بحري جهاز وسيلي صرف 25 کان 30 هزار رپين خرچ ايندو، جڏهن ته ان ۾ کائڻ پيئڻ جو خرچ به شامل آهي.
اهو به ڀلو .... ان سبب غريب ماڻهو پهچي سگهندا ... پر يار ماڻهو هوائي جهاز ذريعي ٽن ڪلاڪ ۾ پهچي وڃي ٿو
سائين اهو ٽن ڪلاڪن وارو هوائي سفر لئه به ته 3 لک غريب غربو ڪٿان آڻي، 6 ڏينهن جي سفر واري تڪليف برداشت ڪرڻي پوندي غريبن کي...