

سنڌ جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ، سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيش جي چيئرمين هدايت بلوچ جو نوجوان فرزند فياض بلوچ مسقط ۾ دل جي دوري سبب انتقال ڪري ويو آهي. سندس ميت سڀاڻي صبح جو ڪراچي ايئرپورٽ آندي ويندي ۽ تدفين سندس اباڻي ڳوٺ ڪولاب جيئل ضلع خيرپور ۾ ٿيندي.
اِنا الله و اِنا عليه راجعون
اسان سڀ هدايت بلوچ سان سندس ڏک ۾ شريڪ آهيون ۽ رب پاڪ جي در دعاگو آهيون ته رب پاڪ هدايت بلوچ ۽ سندس خاندان کي صبر جميل عطا ڪري.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: