• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاء استادن (سپلا) جي هٿين خالي ۽ پر امن ڌرڻي تي پوليس تشدد

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1891091_10203004540532680_1890792117_n.jpg

اڄ ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاء سنڌ پروفيسرس ۽ ليڪچررس ايسوسيئيشن (سپلا) جي هٿين خالي ۽ پر امن ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاء پوليس واٽر ڪينن سان گڏ آنسو گيس جو به استعمال ڪيو آهي. ان ۾ ڪيترائي استاد زخمي ٿيا آهن جن ۾ عورتون به شامل آهن. چيو وڃي ٿو ته ڪيترن ئي استادن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي نيو ويو آهي.
 
جنهن قوم جي استادن جي جائز مسئلن کي ٻڌڻ بجاء اهڙي طرح جو سلوڪ ڪيو وڃي ان قوم جو ڇا ٿيندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
 
شرمناڪ ڳالهه آهي ته دهشتگردن سان ته ڳالهيون ٿين ٿيون، قاتلن سان به ڳالهيون ٿين ٿيون پر جمهوري دور ۾ استاد احتجاج ڪن ته انهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن سان ڪوبه ڳالهائڻ لاء تيار ناهي.

دوستو نه پڙهائڻ وارو هڪ الڳ موضوع آهي ... استاد اڄ به پڙهائين پيا ۽ پڙهائڻ لاء تيار به آهن. پر جڏهن استاد سفارش تي، پئسن تي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي ڀرتي ڪيا ويندا ته انهن کان چڱن نتيجن جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مثل آهي ....
 
سپلا جو چوڻ آهي ته هڪ طرف پرائمري کان هاءِ اسڪول جي استادن کي ٽائم اسڪيل ڏنا ويا ته ٻي طرف يونيورسٽي جي استادن کي ڪيئين مراعتون ۽ اپگريڊيشن ڏني وئي. رُڳو ڪاليج وارن سان اها نا انصافي ڇو؟
جڏهن ته هن وقت تعليم جو وڏي پُهچ رکندڙ سيڪريٽري چوي ٿو ته هو من پسند ماڻهن جي سفارش تي ترقي ڪرائڻ پيا چاهين.
پر ايئن استادن تي تشدد جو عمل ته حُڪومتي ڌُر کي ڏوهي ٿو بڻائي
 
Back
Top