شرمناڪ ڳالهه آهي ته دهشتگردن سان ته ڳالهيون ٿين ٿيون، قاتلن سان به ڳالهيون ٿين ٿيون پر جمهوري دور ۾ استاد احتجاج ڪن ته انهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن سان ڪوبه ڳالهائڻ لاء تيار ناهي.
دوستو نه پڙهائڻ وارو هڪ الڳ موضوع آهي ... استاد اڄ به پڙهائين پيا ۽ پڙهائڻ لاء تيار به آهن. پر جڏهن استاد سفارش تي، پئسن تي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪندي ڀرتي ڪيا ويندا ته انهن کان چڱن نتيجن جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مثل آهي ....