پهرئين ميچ:
سري لنڪا مقابلا پاڪستان
اڱارو 25 فيبروري 2014
سري لنڪا ٽاس کٽيندي پهرئين بيٽنگ ڪئي،
ٿرماني جي 102 رنسن ۽ سنگاڪارا جي 63 رنسن جي مدد سان سري لنڪا 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 296 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان عمرگل ۽ شاهد آفريدي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ سعيد اجمل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي اهڙي طرح پاڪستان کي 297 رنسن جو ٽارگيٽ مليو.
وڌندڙ رن ريٽ کي ڏسندي پاڪستان جي رانديگرن تيز کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري وقفي وقفي سان رانديگر آئوٽ ٿيندا ويا. هڪ موقعي تي عمر اڪمل ۽ مصباح جي راند (پارٽنرشپ 121 رنسن) کي ڏسي اهو لڳي رهيو هو ته پاڪستان مزي سان ٽارگٽ حاصل ڪري وٺندو پر عمر اڪمل (74) جي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪو به رانديگر ڄمي کيڏي نه سگهيو. هر راند ۾ پنهنجي بيٽنگ ذريعي پاڪستان کي کٽرائيندڙ مصباح به (73) آئوٽ ٿيو.
پاڪستان جي پوري ٽيم 48.5 اوور ۾ 284 رنسن تي آئوٽ ٿي. نتيجو: سري لنڪا 12 رنسن تان هي مقابلو کٽي ورتو.
ٻيون ميچ؛
انڊيا مقابلا بنگلاديش
اربع 26 فيبروري 2014
انڊيا ٽاس کٽي بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
بنگلاديش پنهنجي ڪيپٽن مشفق الرحيم جي 108 رنسن ۽ انعام الحق جي 77 رنسن سان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 279 رنسون ٺاهيون. انڊيا طرفان محمد شامي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.
اهڙي طرح انڊيا کي 280 رنسن جو ٽارگيٽ مليو.
انڊيا اهو ٽارگيٽ ڪپتان ويرات ڪوهلي جي تيز سينچري (136 رنسون) ۽ ريحاني جي 73 رنسن سان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 49 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو. ريحاني ۽ ڪوهلي جي پارٽنرشپ 213 رنسن تي هئي جنهن جي ڪري انڊيا جي گرفت مئڇ تي مضبوط ٿي وئي
مئچ جي خاص ڳالهه اها هئي ته ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن سينچري اننگز کيڏي. نتيجو: انڊيا 6 وڪيٽن تان هي ميچ کٽي ورتي.
مئچ نمبر 3 پاڪستان مقابلا افغانستان: 27 فيبروري تي خان صاحب عثمان اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو افغانستان ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. پاڪستان عمر اڪمل جي تيز سينچري (102 رنسن) ۽ احمد شهزاد جي ففٽي (50 رنسن) جي مدد سان 8 وڪيٽن تي 248 رنسون ٺاهيون ۽ افغانستان کي 249 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. هڪ موقعي تي 117 رنسن تي پاڪستان جا 6 بهترين بيٽسمين آئوٽ ٿي چڪا هئا پر پوءِ عمر اڪمل جي ذميواري واري بيٽنگ سان پاڪستان 248 رنسن تي پهچي سگهيو. جواب ۾ افغانستان بهترين راند پيش ڪئي، هڪ موقعي تي افغانستان جي رانديگرن جي راند ڏسي پاڪستان جي هٿن مان ميچ نڪرندو ڏسڻ ۾ پئي آيو. نور علي زاردران 44 رنسون، اصغر ٽانڪزئي 40 رنسون ۽ نوروز مينگل 35 رنسن جي آئوٽ ٿيڻ بعد پاڪستان جي بالرن افغانستان کي 48هين اوور ۾ 176 رنسن تي آل آئوٽ ڪري ڇڏيو. محمد حفيظ 3، سعيد اجمل ۽ عمر گل 2،2 وڪيٽون ورتيون. پاڪستان افغانستان کي 203 رنسن کان اڳ ۾ آئوٽ ڪرڻ جي ڪري هڪ بونس پوائنٽ پڻ حاصل ڪري ورتو، نتيجو: پاڪستان 72 رنسن تان مئچ کٽي ورتو.
ايشيا ڪپ 2014 2 مارچ 2014 مئچ نمبر 6 پاڪستان مقابلو انڊيا.
ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ جڏهن به ڀارت ۽ پاڪستان جو ميچ هوندو آهي ته پوءِ ڳالهه ميچ تائين نه هوندي آهي بلڪه اهو ڄڻ ته ٻن ملڪن جو مقابلو هوندو آهي، ٻنهي ملڪن جا رانديگر ۽ عوام ان ميچ کي راند گهٽ ۽ جنگ وڌيڪ سمجهندا آهن.. هر رانديگر راند کٽڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندو آهي، ڇو ته اهڙن مقابلن ۾ جيڪو پنهنجا جوهر ڏيکاريندو آهي، ملڪ جو عوام ان کي پنهنجي اکين تي ويهاريندو آهي ۽ هيرو بڻائيندو آهي.
مزي جي ڳالهه ته هن ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش جي عوام پاڪستان کي هوم ڪرائوڊ وانگر سپورٽ ڏني...
هن ميچ لاءِ جيڪا ڳالهه تبصرو ڪندڙن جي وات تي هئي ته هي ميچ ”پاڪستان جي بالرن ۽ انڊيا جي بيٽسمينن“ جو امتحان آهي
پاڪستان جي ڪپتان ٽاس کٽي انڊيا کي بيٽنگ جي دعوت ڏني (سبب : Dew فيڪٽر)
دنيا ۾ بيٽنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ رکندڙ انڊيا جي رانديگرن پنهنجي روايتي طرز تي جارحاڻي بيٽنگ شروع ڪئي، پر پاڪستان جي ماهر بالرن وقفي وقفي سان رن مشينن کي قابو ۾ ڪري انڊيا کي وڏي اسڪور تائين پهچڻ کان روڪيو. انڊيا جي شروعاتي بيٽنگ ڏسي تبصرو هيو ته 300 کان وڌيڪ اسڪور ٺهندو پر هڪ مرحلي تي سندن 4 بهترين بيٽسمين 103 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ اسڪور 200 تائين پهچڻ به مشڪل پئي لڳو. اوپنر روهت شرما 56 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان کان بعد آخري 10 اوورن ۾ رائيڊو 58 رنسون ۽ روينڊر جديجا تيز 52 رنسون ٺاهي انڊيا کي 245 جي محفوظ مجموعي تي پهچايو.
اسپين جي بادشاهه سعيد اجمل 3 وڪيٽون ۽ محمد حفيظ توڙي طلحه 2،2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ پاڪستان کي 246 رنسن جو ٽارگيٽ مليو.
پاڪستان جي بيٽسمينن لاءِ مشهور آهي ته اهي جيڪڏهن صحيح بيٽنگ ڪن ته دنيا جو بهترين بالر به کين آئوٽ نه ٿو ڪري سگهي پر جيڪڏهن بيوقوفي تي اچن ته خراب کان خراب بال تي به وڪيٽ وڃائي ويهندا.. هن ميچ ۾ به ڪجهه ايئن ئي ٿيو.
71رنسن جي سٺي اوپننگ ٿيڻ کان بعد پاڪستان جي بيٽسمينن جو آئوٽ ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته 113 تائين 4 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا، اوپنر شرجيل 42 رنسن جي سٺي اننگز کيڏڻ کان بعد آئوٽ ٿيو ته مصباح وري گذريل ميچ وانگر هن ميچ ۾ به رن آئوٽ ٿيڻ واري غلطي کي ورجايو. ان موقعي تي صهيب مقصود (38 رنسون) ۽ محمد حفيظ (75 رنسون) 87 رنسن جي سٺي پارٽنرشپ ٺاهي پاڪستان کي ميچ کٽڻ جي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو. پر انهن جي آئوٽ ٿيڻ بعد وري وڪيٽن ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هاڻي پاڪستان کي 5 بالن تي 11 رنسون کپي رهيون هيون، جنيد خان هڪ رنس ٺاهي شاهد آفريدي کي وارو ڏنو جيڪو پاڪستان جي کٽڻ جي آخري اميد هيو... آخري چار بال، پاڪستان کي کٽڻ لاءِ گهربل رنسون 10 ۽ انڊيا کي کٽڻ لاءِ گهربل هڪ وڪيٽ ان موقعي تي آفريدي ڇا ڪيو.. اهو اوهان پاڻ ڏسو هيٺ ڏنل وڊيو ۾....
مان سمجهان ٿو پاڪستان جي کٽڻ جو هڪ سبب مصباح الحق جو جلد آئوٽ ٿيڻ به هيو .... ڇو ته جڏهن به مصباح 50 ڪندو آهي ته پاڪستان اها ميچ هارائي ويندو آهي.
هن ميچ ۾ امپائرن به بگ ٿري جو ڀارت کي خوب فائدو ڏنو ۽ سڌا سنوان ٽي آئوٽ نه ڏنا.
هن ميچ ۾ ڪپتانن جي ڪارڪردگي بهتر ڪانه رهي ... مصباح جو آخري اورن ۾ عمر گل کي بالنگ ڏيڻ جڏهن هو ڪُٽجي رهيو هو غلط هيو. عمر اڪمل کي پنهنجي نمبر تي کيڏائڻ گهربو هو.
ڀارتي ڪپتان ڪوهلي جڏهن ڏٺو ته پاڪستان جا 9 رانديگر آئوٽ ٿيا آهن ته جنيد خان کي سنگل رنس جو آسان موقعو فراهم ڪرڻ سوچ کان ٻاهر فيصلو هيو ... ان وقت سڀني رانديگرن کي سنگل روڪڻ لاء دائري ۾ هجڻ گهربو هو.
هن ميچ کي کٽڻ ۾ حفيظ ۽ سهيب جي اننگز جو وڏو هٿ آهي، جن ميچ کي ٺاهيو.. باقي آفريدي جون ٻئي شاٽون جيڪي مس شاٽ ٿيون ۽ ٻئي ڇڪا ٿيا .... آفريدي وري هيرو بڻجي ويو.
شاهد آفريدي جي دهوان دار بيٽنگ سان ڪالھ ميچ کٽيو.
واه پٺاڻ واه.
هر ميچ ۾ احتياط سان کيڏي ته دنيا ۾ شاهد آفريدي جو ڪوبه رانديگر ناهي.
مون کي ڪالھ ڏاڍو مزو آيو آفريدي جي راند مان.
پاڪستان مقابلا بنگلاديش هي ميچ ايشيا ڪپ توڙي ون ڊي ڪرڪيٽ جي يادگار ميچن مان هڪ هو. بنگلاديش پاران رنسن جو جبل بيهارڻ وري پاڪستان جي رانديگرن پاران ان جبل کي فتح ڪرڻ جو هي عمل دلچسپ رهيو..
ٽاس کٽڻ بعد بنگلاديش جي ڪپتان پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ٽي ميچن جي بندش کان بعد بنگلاديش جو اهم آل رائونڊر شاڪيب الحسن پڻ ٽيم جو حصو هيو، جنهن جي ڪري بنگلاديش جا حوصلا بلند هيا.پهرين بيٽنگ جي فيصلي کي درست ثابت ڪندي بنگلاديش جي رانديگرن پنهنجي ٽيم جو ون ڊي ۾ وڏو اسڪور 326 ٺاهي ورتو. اوپنر اُمراءُ القيس جو پهرئين اوور ۾ ڪيچ ڊراپ ٿيڻ بعد ٽيم پوئتي مڙي نه ڏٺو ۽ ٻنهي اوپنرن 150 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ ڏئي وڏي اسڪور جو بنياد رکيو. انعام الحق (100)، اُمراءُ القيس (59) رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا ۽ مومن الحق 51 رنسون ٺاهيون. مشفيق الرحيم ۽ شاڪيب آخري 4 اوورن ۾ پاڪستان جي بالرن کي بيوس ڪندي اسڪور کي ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 326 رنسن تائين پڄائيو.
پاڪستان کي ان موقعي تي هڪ ٻيو ڌڪ اهو رسيو ته اسپيشلسٽ بالر عبدالرحمان کي اوور ۾ مسلسل ٽي بيمر (نو بال) ڪرائڻ تي ميچ ۾ وڌيڪ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ پاڪستان پارٽ ٽائيم بالرن (فواد عالم ۽ صهيب مقصود) کان بالنگ ڪرائي. سعيد اجمل 2 ۽ محمد طلحه هڪ وڪيٽ ورتي.
اهڙي طرح پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 327 رنسن جو ٽارگيٽ مليو، جيڪو آخري اوور جي 5ين بال تي حاصل ڪري پاڪستان فائنل ۾ پنهنجي جڳهه پڪي ڪري ورتي.
پاڪستاني اوپنرن 97 رنسن جي اوپننگ پارٽنرشپ فراهم ڪئي، محمد حفيظ (52) جي آئوٽ ٿيڻ بعد 2 وڪيٽون ٻيون به ڪريون جنهن جي ڪري ٽيم دٻاءُ ۾ اچي وئي. مصباح الحق 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته وري صهيب مقصود امپائر جي غلط فيصلي جو شڪار ٿي 2 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو. موقعي تي اوپنر احمد شهزاد (103) ۽ فواد عالم (74) بهترين راند کيڏندي 105 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي. احمد شهزاد جي آئوٽ ٿيڻ بعد عبدالرحمان به 225 رنسن تي آئوٽ ٿي چڪو. ان موقعي تي آفريدي آيو. ان وقت 54 بالن تي 103 رنسون گهربل هيون پر آفريدي جي شاندار اننگز راند جو نقشو مٽائي ڇڏيو.
پنهنجي فتح جو يقين رکي خوشيون ملهائيندڙ بنگلاديش جي مجمعي تي خاموشي طاري ٿي وئي... آفريدي 7 ڇڪن جي مدد سان 28 بالن تي 59 رنسون ٺاهيون ۽ رن ريٽ کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪريو. سندس ففٽي 18 بالن تي پوري ٿي. آفريدي کي 3 ناقابلِ يقين چانس مليا. سندس هڪ ڪيچ ڊراپ ٿيڻ تي بنگلاديش جي ڇوڪرين جي روئڻ جو سين بار بار ٽي وي تي ڏيکاريو پئي ويو.
آفريدي جي آئوٽ ٿيڻ بعد فواد عالم 2 لڳاتار ڇڪا هڻي رن ريٽ جوفرق ختم ڪيو. فواد عالم 74 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته پاڪستان کي آخري 2 بالن تي 2 رنسون گهربل هيون. عمر اڪمل وننگ شاٽ تي چوڪو هڻي پاڪستان کي هڪ بال اڳ ۾ ئي ٽارگيٽ پورو ڪري ڏنو. نتيجو: پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 329 ٺاهي ميچ کٽي ورتي. هي پاڪستان جو ڪنهن به ون ڊي ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ حاصل ڪيل ٽارگيٽ آهي، آفريدي کي سندس بهترين راند تي مين آف دي ميچ ايوارڊ ڏنو ويو..
شاهد آفريدي جا 7 ڇڪا جن ميچ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.