ايڇ ٽي ايم ايل ۾ سادو سنڌي ويب پيج ٺاهڻ

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2014۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    انٽرنيٽ تي جيڪي به صفحا نظر ايندا آهن اهي ”ايڇ ٽي ايم ايل“ ۾ ٺهيل هوندا آهن. ايڇ ٽي ايم ايل (HTML ) يعني Hyper Text Markup Language ڊاڪومينٽ کي ويب پيج پڻ سڏيو ويندو آهي.
    توڙي جو اڄڪلهه جي ڪو به ويب جو صفحو ٺاهڻ لاءِ HTML جي ڄاڻ ضروري ناهي، کوڙ سارا سافٽويئر آهن جيڪي اوهان کي سولائي سان ويب پيج ٺاهي ڏين ٿا، پر پوءِ به اڳتي هلي اوهان کي HTML جي ٿوري گهڻي ڄاڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي. انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي، HTML ۾ هڪ انتهائي سادو ويب پيج جوڙڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪريان ٿو جيڪا ويب پيج ڊزائننگ سکڻ جي شوقينن لاءِ پهريو قدم ثابت ٿيندي.

    HTML ۾ ڪو ويب پيج ٺاهڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن به خاص سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه پيش ايندي. ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ۾ موجود Notepad ايڇ ٽي ايم ايل جي ڪوڊنگ لکڻ لاءِ ۽ ويب پيج ڏسڻ لاءِ ڪوبه ويب برائوزر جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪپلورر، گوگل ڪروم يا موزيلا فائرفاڪس ڪافي آهن. هونءَ به جڏهن اسان ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڪوڊنگ لکندا آهيون ته دراصل اسان ويب برائوزر کي هدايتون ئي ته ڏيندا آهيون ته اسان جو ويب صفحي کي اهو ڪيئن ظاهر ڪري.
    مونکي اميد آهي ته اوهان کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ نوٽ پيڊNotepad کولڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿيندي. اچو ته شروع ڪريون.
    1) شروعات ٽيگ سان. هن جو مطلب ته اسان جو برائوز کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته صفحي جي ڪوڊنگ ايڇ ٽي ايم ايل هوندي. ايڇ ٽي ايم ايل جي ڪوڊنگ کي هميشه < ۽ > جي وچ ۾ رکيو ويندو آهي. هر ٽيگ ختم به ساڳي ئي ڪوڊ سان ٿيندو آ، پر سليش "/" جي نشانيءَ جي اضافي سان. جيئن هتي اسان جي نشانيءَ سا ڪيوسين، جيئن تصوير:1 ۾ ڏيکاريل آهي.
    [​IMG]

    2) ايڇ ٽي ايم ايل ٽيگ جي وچ ۾ ۽ جو اضافو ڪيو سين.

    [​IMG]

    3) Head ٽيگ جي اندر صفحي کي ٽائٽل ڏنو سين. جيئن تصوير نمبر 3 ۾ ڏيکاريل آهي. ڪنهن به صفحي کي ٽائٽل يا عنوان ڏيڻ لازمي هوندو آهي. ٽائٽل بظاهر صفحي تي نظر نه ايندو آهي پر اهو ويب برائوزر جي ٽيب / ٽائٽل تي نظر اندو آهي يا جڏهن ويب پيج کي بوڪ مارڪ ڪجي ٿو ته ٽائٽل جي عنوان سان ظاهر ٿيندو آهي. اڳتي هلي ڏيکاريندس.
    [​IMG]
    4) Head ٽيگ کان پوءِ body ٽيگ لڳايوسين. جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي. هٿي هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ويب پيج جا ٻه حصا هوندا آهن هڪ head ۽ ٻيو body.
    Head واري حصي اندر رکيل مواد براه راست ويب پيج تي نظر نه ايندو آهي پر body ٽيگ اندر رکيل مواد براه راست ويب پيج تي نظر ايندو آهي.
    [​IMG]


    5) باڊي ٽيگ اندرh1 جو ٽيگ شامل ڪري ان جي اندر ”سنڌ سلامت“ لکيوسين.

    [​IMG]

    6) فائل کي محفوظ ڪريون ٿا. ياد رهي ته HTML ۾ ٺاهيل ويب پيج کي محفوظ ڪرڻ محل انتهائي توجهه جي ضرورت پوي ٿي.
    . نوٽ پيڊ جي فائل مينو ۾ وڃي Save کي ڪلڪ ڪيوسين ته هيٺين تصوير سان مطابقت رکندڙ ونڊو کُلي.
    . فائل کي نالو ڏيڻ وقت ڪوبه نالو ڏيڻ کان پوءِ .html (ڊاٽ ايڇ ٽي ايم ايل) لکڻ لازمي آهي. جيئن مون myfirstwebpage.html نالو ڏنو آهي.
    . جيئن ته اسان ويب پيج ۾ سنڌي استعمال ڪئي آهي ان ڪري encoding کي يونيڪوڊ Unicode تي رکيو، ٻي صورت ۾ ممڪن آ ته ويب پيج تي سنڌي نظر نه اچي.
    . Save کي ڪلڪ ڪري ويب پيج کي محفوظ ڪيوسين. (تصوير ۾ ڏسو مون ڊيسڪٽاپ تي ئي فائل ئي محفوظ ڪيو آهي ته جيئن ويب پيج آساني سان هٿ اچي سگهي)

    [​IMG]
    . سائين منهنجا اسان جو پهريون سادو ويب پيج تيار آهي جنهن کي اسان ڊيسڪٽاپ تان وڃي کوليو ته هيٺينءَ ريت پيج ويب برائوزر تي کليو.

    [​IMG]


    هتي مون فقط ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ٺهيل ويب پيج جو تصور Concept پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن اوهان ايڇ ٽي ايم ايل سکڻ ۾ دلچسپي رکو ٿا ته انٽرنيٽ تي موجود هزارين ويبسائيٽ تان سکي سگهو ٿا. سنڌسلامت جي ويبسائيٽ جي لائبرري ۾ به اوهان کي ايڇ ٽي ايم ايل جي سنڌي ۾ سکيا جو ڪتاب ملي ويندو.
    مٿين سکيا ۾ اوڻائيون رهجي ويون هونديون، ڪنهن به قسم جي سوال پڇڻ لاءِ آزاد آهيو..
    والسلام.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺي سمهجاڻي.
    لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    :cool:
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انٽرنيٽ جي دنيا جو پهريون ويب پيج Tim Berners-Lee نالي برطانوي شهري 1989 ٺاهيو...

    [​IMG]

    سندس ٺاهيل پهرين ويب پيج جو نظارو ڪجهه هن طرح هو...

    [​IMG]

    سندس پهرين محنت توڙي جو سندس اداري سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ هئي پر اها کيس به خبر نه هئي ته سندس طرفان تيار ڪيل سادو پيج دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندو...

    دوست سجاد علي چنا طرفان سيکڙاهٽ کي انٽرنيٽ جي درست دڳ تي آڻڻ جي ڪوشش تمام ڀلي آهي.. اميد ته دوست اهڙين سکيائن ۾ دلچسپي رکندا...​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سجاد کي مان ٻڌائدو هلان ته 2009 ۾ زونگ جو انٽرنيٽ استعمال ڪندي مان پهريون دفعو ياهو جي هوسٽنگ ۾ هڪ ٻه اکر ايڇ ٽي ايم ايل ۾ لکي اپلوڊ ڪيا هئا ان ڏينهن کان دلچسپي وڌڻ لڳي 2013 تائين گوگل جي مدد سان آهستي آهستي ڪوشش جاري رکي ۽ هڪ پنهنجي لاءِ ننڍو ويب پيج تيار ڪيو آهي daharkiweb.com
    جيڪڏهن سجاد کي مان ويب سائيٽ جون پهريان بيڪ اپ ڏيگاريان ته حيراني ضرورو ٿيندي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    علي، مون اوهان جي ويبسائيٽ جو سورس ڏٺو. جهڙي طرح اوهان ويب پيج کي ٽيبل ۾ سهيڙيو آهي، جيئن اوهان فريم استعمال ڪيا آهن،. ان سان اوهان جي ايچ ٽي ايم ايل تي دسترس جي پروڙ پئي ٿي.

    هي ويب پيج جي سکيا صرف ايڇ ٽي ايم ايل جو تصور پيش ڪرڻ لاءِ ڪئي آهي. ته من ڪو سکيا جو متمني تحرڪ وٺي.
     
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ايڇ ٽي ايم ايل جي شاگردن لاءِ هڪ بهترين ڪتاب هِن لنڪ تي موجود آهي، جنهن ۾ کوڙ ساريون ڪوڊنگ لکيل آهن، صرف انهن کي استعمال ڪرڻ ايندو هُجي.
    دوست
    سجاد علي چنا جي ننڍڙي ڪوشش بهترين آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو