فياض بلوچ جي اڄ تدفين، ساليوُوڊ پروڊڪشن پبليڪيشن نيٽ ورڪ ۽ ريسرچ سينٽر پاران هدايت بلوچ سان تعزيت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    فياض بلوچ جي اڄ تدفين، ساليوُوڊ پروڊڪشن پبليڪيشن نيٽ ورڪ ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) پاران هدايت بلوچ سان تعزيت.
    [​IMG]

    سنڌ جي نامياري شاعر ۽ پي آءِ اي ۾ گڏ ڪم ڪري رٽائرڊ ٿيندڙ اسانجي دوست جناب هدايت بلوچ جو ننڍو پٽ فياض بلوچ عمان جي راڄڌاني مسقط جي اسپتال ۾ دل جي دوري پوڻ سبب گذاري ويو. مرحوم فياض جي ڄمار 37 ورهيه هئي ۽ هو گذريل اٺن ورهين کان عمان ايئر لائين جي فلائيٽ آپريشن جو سربراهه هيو. عمان ۾ موجود مرحوم جي دوستن کان مليل ڄاڻ موجب اڱاري رات جو 11 وڳي فياض بلوچ عمري کان واپسيءَ تي پنهنجي والد هدايت بلوچ کي هوائي اڏي تي وٺڻ کانپوءِ گهر پهتو هو ته کيس رات جي هڪ وڳي ڌاري سيني ۾ سوڙهه ۽ سور جي تڪليف جو احساس ٿيو، جنهن کي بنا دير اسپتال نيو ويو. اتي تڪڙي امداد کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس مشاهدي لاءِ داخل ڪيو، پر آڌي رات کانپوءِ اٽڪل ساڍي ٽين وڳي کيس الٽيون آيون ۽ دل جي دوري سبب هو گذاري ويو.

    فياض بلوچ جي سڀاڻي تدفين، ساليوُوڊ پروڊڪشن پبليڪيشن نيٽ ورڪ ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) پاران هدايت بلوچ سان تعزيت

    مرحوم فياض بلوچ پنهنجي پونئرن ۾ هڪ بيوه، ٽي نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڇڏيا آهن. سندس مڙهه عمان کان جمعي ڏينهن صبح جو ڪراچي پهچندو، جتان خيرپور ميرس جي وسنديءَ ڪولاب جيئل (احمدپور) جي تاريخي قبرستان شيخ طيب ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. مرحوم فياض بلوچ جي چاچي ۽ سندس دوست عنايت بلوچ موجب هدايت بلوچ ۽ ڪٽنب جا ٻار خميس ڏينهن (اڄ) ڪراچي پهچندا، جڏهن ته، هوائي سهولتون محدود هجڻ سبب مرحوم جو مڙهه جمعي ڏينهن ڪراچي پهچندو. هوڏانهن ساليوُوڊ پروڊڪشن پبليڪيشن نيٽ ورڪ ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) پاران مرحوم فياض بلوچ جي ڪُمهلي لاڏاڻي تي هدايت بلوچ سان دل جي اٿاهه گهراين ۽ پنهنجائپ منجهان ڏک ونڊيو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو