سوچون ساگر ويرون : شاعريء جي خزاني ۾ سهڻو اضافو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سوچون ساگر ويرون : شاعريء جي خزاني ۾ سهڻو اضافو

    محمد سليمان وساڻ

    ڇو ته مان شاعر ناهيان تنهنڪري شاعريء جي ڪتاب تي تنقيد ڪرڻ ڪانه ايندي آهي، پر سهڻين سٽن ۽ خوبصورت لفظن جي واکاڻ ڪرڻ ايندي آهي. اڄ واحد سوز ملاح جي شاعريء جو خوبصورت ڪتاب سوچون ساگر ويرون منهنجي هٿن ۾ آهي. آزادي اشاعت گھر ميرپور بٺورو پاران شايع ٿيندڙ هي ڪتاب 144 صفحن تي، بهترين پيپر تي، 4 ڪلر ڊبل ڪور فليپ سان، سمورو ڪتاب ٻن رنگن ۾ دلڪش انداز سان ڪنول پبليڪيشن پاران ڪمپوز ڪيو ويو آهي. هن خوبصورت ڪتاب جو ملهه 200 روپيا آهي. ڪتاب جو مهاڳ قومپرست رهنما، اديب ۽ شاعر نواز خان زئور لکيو آهي، جڏهن ته واحد پارس هيسباڻي، سليم العارف ڪنڀار ۽ مهر النساء لاڙڪ جا تاثر به شامل آهن. واحد سوز ملاح جو تعلق لاڙ پٽ جي شهر سجاول سان آهي ۽ سندس شاعريء ۾ لاڙ پَٽ جي مٺاس واري ٻولي شامل آهي. سجاول سان تعلق رکندڙ اياز امر شيخ، آپا مريم مجيدي ۽ مشتاق سعيد جهڙن شاعرن جا ڪتاب مان اڳ به تسلسل سان پڙهندو رهيو آهيان، سڀني جي شاعري ۾ جتي عشق ۽ محبت جا جذبا سمايل هوندا آهن اتي هڪ ٻي به ڳالهه يڪسان هوندي آهي، اها آهي سڀني جي شاعريء ۾ موجود بغاوت. ياد رهي ته واحد سوز جا ان کان اڳ به شاعريء جا ٻه مجموعا ڇپجي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ شاعريء جون مختلف صنفون غزل، نظم، چئوسٽا، چندن ۽ وايون شامل آهن.

    واحد سوز جي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌ سمايل آهي. هن جي شاعري ڄڻ ته سنڌ جي چوڌاري پئي ڦري. سندس غزل جون سٽون آهن:

    هر گلي گام ۾ گل وفا جا ٽڙن،
    سبز سائي بڻين سنڌ منهنجي امان


    سندس شاعريءَ جو هڪ رخ فطرت تي لکيل شعر به آهن. شاعر فطرتي سونهن کان گهڻو متاثر ٿيندو آهي، اهائي ڳالهه واحد سوز جي شاعريء مان به ظاهر آهي:

    چنڊ ٻه ٽي پل ترس اڃان تون،
    جوت جڳائي سرس اڃان تون.


    واحد سوز جتي رواجي شاعري ڪري ٿو هن جي اصلاحي ۽ اميد ڀري شاعري به پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي.

    لکڻ لازمي آ پڙهڻ لازمي آ
    پڙهي قلب ۾ سو ڪڙهڻ لازمي آ.


    واحد سوز جي شاعري پڙهي اهو احساس اڀري ٿو ته سنڌي شاعريءَ جو سفر جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کان جاري آهي ان ۾ سنڌ جا نوجوان شاعر به پنهنجي قلم جي جوت سان منزل ڏانهن رسڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي رهيا آهن.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو