نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌيو جيئي سنڌ۔
مان ڪجهه ڏينهن پهرين ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد شهر ويس، اهو ڪم لاهي حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان ويندڙ سواري ڪوسٽر ۾ اپر سيٽ مطلب رش هُئڻ جي ڪري ڪوسٽر جي ڇت تي سبزي منڊي ڪالي روڊ موجوده حالي روڊ کان سوار ٿي ٽنڊو محمد خان پي ويس جڏهن فتح چوڪ وٽ ڪوسٽر پهتي ته روڊ بلاڪ ٿيل هو، هڪڙي ڊاٽسن ۾ جنريٽر سميت ايڪو سائونڊ رکيل هو جنهن مان وڏي آواز مان اهو گيت اچي رهيو هو ته ” شيدي بادشاهه هم بادشاهه جيڏانهن پير تيڏاهن خير“ جيئن ته مان اپر سيٽ ڪوسٽر جي ڇت تي ويٺو هُئس اتان خبر پئي ته الحبش جماعت جنهن ۾ ساري سنڌ جا سنڌي شيدي ڀاءُ ۽ سنڌياڻيون شيدي ڀيڻون تنظيمي لحاظ کان شامل آهن انهن شهيد هوش محمد شيدي جو ڏهاڙو ملهايو آهي جيڪي پوري حيدرآباد شهر مان ريلي جي صورت ۾ گشت ڪندا ”اوپن ايئر ٿيٽر راڻي باغ حيدرآباد ۾ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندا۔ فوري پنهنجي ڳچيءَ ڏانهن نظر ڊوڙايم اڙي ڪئميرا ته آندي ئي ڪونه اٿم، اڙي سنڌ سلامت جي حالات حاضره ۾ شهيد هوش محمد شيدي جي سلسلي ۾ هن ريلي ۽ ڪنوينشن جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ ساري دنيا سان ونڊ نه ڪيم ته جهڙوڪر ڪجهه به ڪونه ڪيم پنهنجي پاڻ کان دل ئي دل ۾ سوال ڪري ويٺس۔ جيئن ته ڪوسٽر انهي ريليءَ جي ڪري بيٺي هُئي مان ان ڪوسٽر جي ڇت تان لهڻ لڳس، ڪوسٽر جي ڪنڊيڪٽر چيو چاچا جهونا بس هلون ٿا مٿي ويٺو هُج، مون کيس ڏانهن ڏٺو اندازو لڳايم ته اهو ڪنڊيڪٽر مونکان چار پنج سال وڏو هو، کلندي چيومانس نوجوان ڀائٽا، يار شيدي ڀائرن ۽ ڀيڻن جو جلوس پيو اچي دل چوي ٿي ته اهو جلوس ڏسجي ، چيائين ته جهونو اچي ٿيو آهين پر اڃان به جلسن جلوسن کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿئي۔ مان کيس ڏسندي ڏسندي لهي پيس۔ فوري موبائل کيسي مان ڪڍي عبدالغفور سمون کي هوسڙي شهر ڪال ڏني ، توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته فتح چوڪ حيدرآباد کان هوسڙي شهر صرف پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ بدين روڊ طرف آهي، غفور ڪال رسيو ڪئي چيومانس غفور ڪٿي آهين۔۽ تو واري ڦٽ ڦٽي(موٽر سائيڪل) ڪهڙي ڪنڊيشن ۾ آهي چيائين ته سائين نثار گهر آهيان ڦٽ ڦٽي اصل زبردست ڪنڊيشن ۾ آهي، چيومانس ته اُڏام پنهنجي هينڊي ڪئيم ڪئميرا کڻي فتح چوڪ حيدرآباد پهچ، غفور چيو سائين خير ته آهي مون چيو مڙئي خير آهي بس سنڌ سلامت لاءِ رپورٽنگ ڪرڻي آهي ، چيائين ته سائين تون ڪٿي آهين مون جواب ڏنومانس ته فتح چوڪ وٽ رينجرز پيٽرول پمپ تي آهيان۔ غفور اوڪي چوندي چيو ته سائين مان ويهه منٽن ۾ توهان وٽ پهچان ٿو۔ غفور ان سلسلي ۾ انتهائي مُڙس ماڻهو آهي ڪڏهن به منهنجو چيو موٽايو ڪونه اٿس۔ عبدلغفور سمون پنهنجي وعدي مطابق ٺيڪ ويهه منٽن ۾ پهچي ويو۔ ساري صورتحال بيان ڪري ٻُڌائي مانس چيائين ته سائين فڪر نه ڪريو۔ بس وڌيڪ توهان جو وقت ڪونه ٿو وٺان شيدي ڀائرن ۽ ڀيڻن جيڪا ريلي ڪڍي ۽ ڪنوينشن ۾ پهتا انهن جو اکين ڏٺو احوال تصويري صورت ۾ شيئر پيو ڪريان وڊيو به فلمبند ڪيا اٿئون هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهي به توهان سان ونڊ ڪيا ويندا ۔ توهان جي ساٿ جو منتظر
باقي تصويرون ٿوري دير کان پوٌءِ ڇو جو بجلي جي وڃڻ جو ٽائيم ٿي ويو آهي